ٻوڏ متاثر پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي چڪا آهن: آصفه ڀٽو زرداري
اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو، اهي هاڻ وڌيڪ نقصان کان آزاد ٿي عام زندگي گهارڻ جا حقدار آهن. آصفه ڀٽو زرداري ٽوئيٽر تي پنهنجون ڪجهه تصويرون جاري ڪيون، جن ۾ هوءَ ٻوڏ متاثر عورتن ۽ ٻارن سان ملندي ۽ ساڻن ڏک ونڊيندي نظر اچي رهي آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي ڪيپشن ۾ لکيو ته اهي سڀ ڪجهه وڃائي چڪا آهن، انهن جا گهر، مال، معاشي ذريعو، ايتري تائين جو انهن جا پيارا به وڃائجي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته اهي ٻار وڌيڪ نقصان جي بار کان آزاد ٿي عام ننڍپڻ گذارڻ جا حقدار آهن، اسان کي اهو يقيني بڻائڻ گهرجي ته کين اهو موقعو ڏنو وڃي. واضح رهي ته آصفه ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن شهيد بينظير آباد جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو هو، هوءَ سڪرنڊ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ٺاهيل ٽينٽ سٽي به وئي هئي. سندس چوڻ هو ته ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، خوراڪ ۽ دوائن جي سخت ضرورت آهي، امدادي ڪئمپن ۾ رهندڙ متاثرن مون کي پنهنجي پريشانين کان آگاهه ڪيو آهي، اميد ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.