ٻُڌن جا پوتر شهر…

الطاف شيخ جو سفر نامون “بنارس کان برموڊا تائين” مان کنيل

ٻُڌن جا پوتر شهر…

الطاف شيخ

اسان سرناٿ پهچي ويا هئاسين، جِتي چوڌاري مندر ۽ آڳاٽي زماني جون ڊٺل ڀتيون، اسٽوپا (Stupa)، ٺلهه ۽ اوتارا (Monasteries) مَٺ ۽ خانقاهه نظر آيا. گائيڊ عثمان ٻڌايو ته گوتم کي جيئن ئي روشني… جنهن جي هن کي ڳولا هئي، نظر آئي ته هو اٿي کڙو ٿيو. هاڻ  هو نه فقط گوتم يا سڌارٿا هو، پر هو ”ٻڌ“ پڻ  هو.

”ٻڌ (مرشد، پير) بڻجڻ بعد گوتم ٻن سوداگرن تپوسا ۽ ڀالڪا سان مليو جيڪي هن جا پهريان ٻالڪا/مريد (Disciples) ٿيا. ”عثمان ٻڌايو، ”گوتم ٻڌ پنهنجي ٺوڙهه ڪرائي پنهنجي وارن جي سوغات پنهنجن هنن ٻن  مريدن کي ڏني. گوتم ٻڌ پنهنجي بزرگ آستا سان پڻ ملڻ چاهيو ٿي.“

”آستا (Asita) ڪير هو؟“ مون پڇيو.

”آستا ان زماني جو هڪ پوڙهو رشي هو جنهن دنيا جي ڳالهين کي تياڳي هماليا جبلن ۾ اڪيلائپ وڃي اختيار ڪئي هئي. هن شهزادي سڌارٿا (گوتم) لاءِ اڳ ڪٿي ڪئي هئي ته هي يا ته وڏو بادشاهه (چڪرا وارتي) ٿيندو يا ڪنهن وڏي ڌرم جو اڳواڻ (ٻُڌ). گوتم ٻُڌ هن درويش صفت انسان آستا ۽ پنهنجن ٻن استادن الارا ڪلاما ۽ راما پِتا سان ملي کين پنهنجي حاصلات کان آگاهه ڪرڻ لاءِ نڪتو، پر هن کي خبر پئي ته اهي ٽئي گذاري ويا آهن.“ عثمان ٻڌايو. پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ اهو لکندو هلان ته مٿي بيان ڪيل گوتم جا اهي وار برما (ميانمار) جي ٻڌ مندر ”شويداگون پگوڊا“ (جنهن کي انگريزي ۾ گريٽ داگون ۽ گولڊن پگوڊا سڏجي ٿو) ۾ تبرڪ طور رکيل آهن. هي پگوڊا (ٻڌن جو مندر) برما جي ٻڌن لاءِ سڀ کان اتم ۽ پوتر سمجھيو وڃي ٿو جنهن ۾ گوتم ٻڌ جي وارن جي اٺ لڙين سان گڏ گوتم جون ٽي ٻيون نشانيون به آهن جن جي زيارت لاءِ برما ۽ ٻاهر جي دنيا جا ٻُڌَ ياتري اچن ٿا. ان کان علاوه اسان جهڙا ٽوئرسٽ هن مندر جي عمارت، رنگ روپ ۽ سجاوٽ ڏسڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ لاءِ اچن ٿا. سون جو پاڻي چڙهيل هي اتاهون پگوڊا 100 کن ميٽر (330 فوٽ) بلند برما جي گادي واري شهر ينگون (پراڻو نالو رنگون) ۾ ڪانڊاگي نالي مشهور ڍنڍ جي اولهه ۾ سنگو تارا پهاڙيءَ تي آهي.

بنارس شهر کان ڏهه پندرهن کن ڪلو ميٽر جي فاصلي تي گوتم ٻڌ جي نشانين ۽ مختلف ملڪن جي ٺهيل مندرن کان مشهور هن شهر سرناٿ (Sarnath) پهچي اسان جي گائيڊ اسان کان پڇيو ته پهرين قديم زماني جا اسٽوپا (ڌمڪ، ڌرمارا جيڪا ۽ چوکنڊي وغيره) ڏسجن يا پهرين ڪورين، جاپاني، سري لنڪن، برمي ۽ ٻين ملڪن (جن جو ٻڌ ڌرم سان واسطو آهي) جا مندر ڏسجن.

”پهرين هلو ته ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ هلي ماني کائجي“ مون پنهنجي گائيڊ عثمان ۽ آٽو رڪشا ڊرائيور ڪرشن کي چيو، پر عثمان صلاح ڏني ته هڪ هنڌ هوٽل ۾ ويهي ماني کائڻ ۾ وقت وڃائڻ بدران رستي تان گرم گرم آلو پراٺا يا ڪچوريون وٺي کائيندا هلون ۽ اهڙي طرح ڪنهن گاڏي واري کان ڪوڪا ڪولا، ڳني يا ناريل جو رس يا ليمون پاڻي وٺي پيئجي. اها ڳالهه مون کي به وڻي ۽ اسان وڻن جي پنن مان ٺهيل پليٽن تي آلو پراٺو رکي هيڏانهن هوڏانهن مندر ماڙيون ڏسڻ لڳاسين.

دراصل هي شهر سرناٿ ملڪي ۽ پرڏيهي ٻوڌين (ٻڌ ڌرم سان واسطو رکندڙ ماڻهن) لاءِ هڪ قسم جو زيارت گاهه آهي جِتي ٻارهوئي ٿائلينڊ، جاپان، تبت،  برما، سريلنڪا جا ٻُڌ ياتري ايندا رهن ٿا. انهي ڪري انهن جي سرڪار هِتي انهن لاءِ مندر به ٺهرائي ڇڏيا آهن. ٻڌ ڌرم بابت اها حيرت جي ڳالهه آهي ته ان جو باني انڊيا ۾ ڄائو ۽ هن مذهب جي پرچار انڊيا کان شروع ٿي پوءِ برما، سري لنڪا، چين، تبت، سيام (ٿائلينڊ) ويندي جاپان ۽ ڪوريا تائين هي ڌرم مشهور ٿيو. هر ملڪ ۾ هن ڌرم ۾ ٿوري گهڻي تبديلي ضرور آئي آهي، پر سڀ گوتم جا پوئلڳ آهن.

هن شهر سرناٿ ۾ اچڻ کان اڳ بنارس شهر جي مارڪيٽن، بازارين ۽ گهاٽن تي جاپاني ۽ ڪورين کي گهمندو ڏسي مون کي تعجب ٿيو ٿي ته اهي هن شهر ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ ڇو ٿا نظر اچن. هڪ ڌارئين جي گهمڻ لاءِ ته انڊيا جا ٻيا به ڪيترائي شهر آهن، پر هاڻ خبر پئي ته هو خاص ياترا سرناٿ لاءِ ڪن ٿا ۽ پوءِ سرناٿ ۾ آئي سارو بنارس جو شهر به گهميو وڃن. هِتي اهو به لکندو هلان ته جيئن هندو ڌرم جي ماڻهن لاءِ بنارس، هردوار، الهه آباد جهڙا شهر پوتر آهن ۽ انهن ۾ وڃڻ ضروري آهي تيئن ٻڌن لاءِ هن شهر سرناٿ جي ياترا کان علاوه ٻيا ٽي ضروري شهر آهن: ڪُشي نگر، ٻڌگيا ۽ لمبني.

اسان جي گائيڊ عثمان ٻڌايو ته سرناٿ وانگر هي ننڍڙو شهر ڪُشي نگر جنهن جي آدم شماري 20 هزار مس ٿيندي، ٻُڌن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو جو ٻُڌن جو اهو عقيدو آهي ته مري وڃڻ بعد گوتم ٻڌ کي هن شهر ۾ نرواڻ حاصل ٿيو هو.

ڪُشي نگر جنهن کي ڪُسي نگر ۽ ڪُسي نارا جي نالن سان پڻ سڏيو وڃي ٿو اتر پرديس رياست جي ڪُشي نگر ضلعي جو شهر آهي. جيئن سمجهو ته ڄامشورو، گهوٽڪي يا دادو شهر ساڳي نالي وارن ضلعن جا شهر آهن. عثمان ٻڌايو ته ڪشي نگر انڊيا جي مشهور شهر گورک پور کان 52 ڪلو ميٽر اوڀر ۾ آهي. هَتا، ديوريا ۽ فضل نگر ٽائون سندس ڀر ۾ آهن. عثمان کي چيم ته ڪُشي نگر جا ماڻهو پڙهيل ڳڙهيل آهن.

”بلڪل صحيح ٿا چئو. توهان کي ڪيئن خبر پيئي؟ ڇا توهان جو ڪُشي نگر وڃڻ ٿيو آهي؟“ عثمان حيرت مان مون کان سوال ڪيو.

”نه آئون ڪُشي نگر نه ويو آهيان، پر اتي جي گريجوئيٽ نوجوان سان ضرور مليو آهيان جيڪي  ملائيشيا ۾ نوڪري لاءِ انٽرويو ڏيڻ ايندا هئا ۽ ڪيترن ادارن جي چونڊ جي پئنل تي اهي ادارا مون کي به جج طور ويهاريندا هئا.“ مون عثمان کي ٻُڌايو.

”ڪُشي نگر هڪ گهٽ آدمشماري وارو شهر آهي، پر منجھس تعليمي ادارا تمام گهڻا آهن ۽ هن شهر ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو سيڪڙو يعني Literacy Rate سراسري 80 سيڪڙو آهي جيڪو سڄي ملڪ (انڊيا) جو به ساڳيو آهي.“ عثمان ٻڌايو.

انڊيا جا شهر توڙي ڳوٺَ به اسان جي ملڪ جهڙا آهن، پر اسان جي ڳوٺن، خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن جي اسڪولن توڙي تعليمي معيار جو ڪيڏو برو حال آهي! سواءِ انور پيرزادي جي ڳوٺ ”ٻلهڙيجي“ جي، تعليم Rate 90% سيڪڙو کان مٿي آهي باقي ڪنهن به ڳوٺ جي 23% سيڪڙو کان مٿي ناهي. وڌيڪَ اسڪول ۽ ڪاليج ته نه پيا کُلن، پر کليل اسڪول به اوتارا ۽ اوطاقون ٿي پيون آهن.

هن ويهه هزار آدمشمارري واري شهر ۾ هڪ ”ٻڌ پوسٽ گريجوئيٽ ڪاليج“ آهي ۽ ٻيو ”ٻڌ انٽرميڊئيٽ ڪاليج“ آهي جيڪي سرڪاري ڪاليج آهن. انهن کان علاوه ”راحل پبلڪ اسڪول“، ”ٻڌ سينٽرل اڪيڊمي“، ”لنح سون انٽرميڊيئٽ ڪاليج“ آهي.

بهرحال گوتم ٻڌ ”ٻڌ گيا“ شهر ۾ پپر جي وڻ هيٺان تپسيا ۽ ماٺ جو روزو رکڻ ۽ اندر جي روشني حاصل ڪرڻ بعد هو پنهنجن شروعاتي چند مريدن سان گڏ هن شهر ”سرناٿ“ پهتو ۽ هِتي جي هرڻن واري پارڪ (Deer Park) ۾ پهريون واعظ ڏنو. ان ڪري هي شهر سرناٿ پڻ ٻڌ گويا ۽ ڪشي نگر وانگر ٻڌن لاءِ متبرڪ شهر سمجھيو وڃي ٿو.

سرناٿ شهر ۾ ايندڙن کي آئون هِتي جي ميوزيم ڏسڻ جي صلاح ڏيندس جِتي گوتم ٻڌ ۽ ان سان واسطو رکندڙ شين جون ڪيتريون تصويرون ۽ مورتيون آهن. هن ميوزيم جي سامهون سرناٿ شهر جي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ٽوئرسٽن لاءِ رسيپشن سينٽر آهي جِتي سياحن ۽ ياترين لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون آهن… ريسٽورينٽون، فوڊ پلازه، مختلف ملڪن جا پئسا بدلائڻ لاءِ مني چينجر، ATM، سووينئر شاپ، ڪِتابن ۽ اخبارن رسالن جا اسٽالَ، ٽئاليٽ ۽ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ ايئرڪنڊيشن رسيپشن هال ۾ رکيل آرامده صوفا، وغيره. مون هن شهر سرناٿ بابت هِڪُ ڪِتابُ خريد ڪيو جنهن جو نالو آهي: Guide to Buddhist Ruins of Sarnath هن ڪِتابَ جو ليکڪ آهي راءِ بهادر ديا رام ساهي.

ٻڌن جو چوٿون پوتر شهر لمبني (Lumbini) آهي جيڪو نيپال جي روپان دَهي ضلعي ۾ آهي. هِتي راڻي مايا ديويءَ گوتم (سڌارٿا) کي جنم ڏنو. گوتم جي ڄمڻ بعد، سگهوئي، هفتي اندر مايا گذاري وئي ۽ گوتم کي سندس ماسيءَ (مايا جي ڀيڻَ) ”مهاپاجا پَتي“ نپايو.

”مايا ۽ سڌوڌانا کي ويهن سالن تائين ڪوبه ٻار نه ٿيو“ عثمان ٻڌايو، ”روايتن موجب، چوڏهين جي هڪ چانڊوڪي رات جو راڻي عطر عنبير هڻي، چوٽا کولي ستي پئي هئي ته هن خواب ۾ محسوس ڪيو ته هن وٽ چار ديوَ (روحَ) آيا جيڪي هن کي هماليا جبلن ڏي انوٽتا ڍنڍ تي وٺي آيا. ان ڍنڍَ ۾ سِنان ڪرائڻ بعد ديون هن کي سهڻا ڪپڙا پارائي خوشبوئن سان معطر ڪيو. ان بعد هن ڏٺو ته هڪ اڇو هاٿي ڪنول (Lotus) جو گل پنهنجي سونڍ ۾ جھلي هن اڳيان ظاهر ٿيو ۽ هن جي چوڌاري ٽي ڦيرا ڪري هن جي ساڄي پاسي کان سندس پيٽ ۾ داخل ٿي ويو ۽ راڻيءَ جي اک کلي وئي. هوءَ سمجھي وئي ته هن کي ٻار ڄمڻ جو نياپو ڏنو ويو آهي.“

گوتم لمبني شهر ۾ ڄمڻ بعد 29 ورهين جي عمر تائين اتي ئي رهيو. ان بعد هو تپسيا لاءِ ٻُڌ گايا ۾ رهيو جِتان هو هن شهر سرناٿ پهتو. اسان جي گائيڊ عثمان ٻڌايو ته گوتم ٻڌ جي سرناٿ شهر ۾ اچڻ بعد پورن 300 سالن بعد هندستان جو شهنشاهه اشوڪ هن شهر سرناٿ ۾ آيو جنهن هِتي هڪ اسٽوپا (ٿنڀو) ٺهرايو جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ چوکنڊي اسٽوپا سڏجي ٿو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments