بلاگ

ٽارزن اديب ۽ حليم بروهي شوڪت لوهار

اسان جنهن ماحول ۾ رهون ٿا، ساهه کڻون ٿا، اتي اٿاهه مايوسي، حد کان وڌيڪ ڏک ۽ پيڙاءُ آھي اسين لٻيل دنيا ۾ گذاريندڙ ماڻهو آهيون. اسان جي سماجي زندگي، ادبي زندگي، معاشي زندگي سڀ هڪ سنجيده ۽ ڳوڙهو فلسفو آھي، پر حقيقت اها آهي ته اسين سڀ جيڪي منافقت جا ماسڪ پايو پيا هلون اندران اسان سڀ ڀيانڪ چهرا رکون ٿا، جيڪي جڏهن ظاهر ٿين ٿا تڏهن هڪ ڪربناڪ ۽ شرمناڪ واقعا رونما ٿي پون ٿا.

اسان وٽ طبيعت طور منفرد ٿيڻ وڏو ڏوهه آهي. حقيقت ۾ اسان سڀ جيڪي نارمل نظر اچڻ جو بهانو ڪريون ٿا اندران پنهنجون ايبنار ملٽيز لڪايون ٿا.

سنڌي ادب جا ليکڪ (جيڪي تمام ٿورا آهن) اهو افورڊ ڪري ئي نٿا سگهن ته ڪو سنڌي ادب ۾ مزاح طنز ۽ ظرافت واري انداز ۾ لکي. هو ادب ۾ جدت ۽ تخليقيت کي کڻي اچي. ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ادب ۾ به گروهه بندي، سينيئر اديب، جونيئر اديب، نئين ٽهي، وچولي ٽهي، آخري ٽهي، انقلابي ٽهي وغيره. آئون سنڌي ادب جي يگاني ليکڪ، ناول نگار، ڪالم نگار، ماهر لسانيات ۽ سنڌي ادب ۾ مزاح جا نوان لاڙا متعارف ڪرائيندڙ منفرد ليکڪ حليم بروهي جي ڳالهه ڪريان پيو. 6 آگسٽ ان جي پيدائش جي تاريخ هئي، حليم بروهي پنهنجي انداز ۾ پنهنجي زندگي ۾ پنهنجي لکڻين ۾ منفرد ليکڪ هو. هُن جي نرالائپ هن جي سڃاڻپ بڻي. هو پنهنجي حياتي ۾ ڪنهن سان به ٺهي ڪونه هلندو هو، هن جي لکڻ جو انداز ظرافت، انشائيه سيٽائرSatire  آئرني ۽ ڊارڪ هيومر هو. اسان وٽ ڊارڪ هيومر ۽ سيٽائر ۾ گهڻو لکيو ئي ڪونه ويو آهي، تنهنڪري اسان کي ان جي گهڻي خبر ئي نه آهي، جيڪڏهن آهي به ته ان جي گهڻي تڻي اپٽار ڪونه ڪئي وئي آهي. سنڌي ادب ۾ امر جليل ڊارڪ هيومر ۾ “نيٺ گونگي ڳالهايو” ناول لکيو آهي. انهيءَ کان علاوه امر جليل جا اردو ڪالم آهن جيڪي هلڪي طنز ۾ تيار ٿيل هوندا آهن، انهيءَ کان علاوه سنڌي ادب ۾ امتياز ابڙو جيڪي ڪاوش اخبار ۾ ڪالم لکيا ڀوڳن ڀوڳن ۾ اهي مزاح طور پيش ڪري سگهجن ٿا. جڏهن ته طنز ۽ مزاح ۽ ڊارڪ هيومر ۾ ڊاڪٽر علي احمد رند “ويندي ويندي” عنوان سان لکڻيون لکيون آهن، جيڪي مزاح جو هڪ دستاويز آهن. رحمت الله ماڃوٺي ۽ ڪجهه ٻيا دوست آهن جيڪي مزاحيه ادب ۾ ڳڻائڻ جهڙا نالا آهن.

حليم بروهي نفسياتي موضوع تي “اوڙاهه” ناول به لکيو، جنهن کي اڃان تائين اسان ڊيڪوڊ ڪونه ڪيو آهي. انهيءَ کانسواءِ “حليم شو” سيڊزSeeds  انگريزي لکڻين جو مجموعو ۽ سنڌي ٻولي کي رومن لپي ۾ آڻڻ تي حليم بروهي جو گهڻو ڪم ٿيل آهي.

ويجهڙائي ۾ سنڌي ادب جي هن وڏي ليکڪ جي ورسي هئي جيڪا ڪٿي ڪنهن به ڪونه ملهائي. ڇاڪاڻ ته حليم بروهي جي سنڌي اديبن سان لڳندي ئي ڪونه هئي ته هو پنهنجي ورسي تي سندس حياتي بابت ڪوڙيون ڳالهيون ڪرڻ ڪيئن برداشت ڪري ها.

هن پنهنجي هڪ لکڻي ۾ لکيو هو ته، “مون کان اهو برداشت ئي ڪونه ٿيندو ته ڪو مينو فيڪچرڊ اديب اچي منهنجي حياتي تي خاڪو لکي ۽ مون کي سنڌ جو وڏو اديب ليکڪ ڊڪليئر ڪري.”

حليم بروهي بابت ڪجهه ليکڪ دوستن سندس ورسي تي اهو چيو ته هن سنڌي ادب ۾ ڪو سنجيده ڪم ڪونه ڪيو آهي، بس هن ڪجهه مشڪريون لکيون آهن، “هو هڪ مشڪرو هو، زندگي جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ حليم گهڻو مايوس ٿي چڪو هو ۽ هن جي لکڻين مان مايوسي جهلڪندي هئي.” اها ڳالهه صحيح آهي ته هو واقعي هڪ مشڪرو هو ۽ اهڙن منافق اديبن جي منهن تان ادب جو، سماج سڌارڪ هجڻ جو، سنڌ جو هڏڏوکي هجڻ جو ماسڪ لاهڻ لاءِ هن کي مشڪرو ئي ٿيڻو هو.

اسان وٽ روزانو جي بنياد تي سنڌ ۾ اديبن، دانشورن، ڪامريڊن، سنڌ لاءِ ڳوڙها ڳاڙهيندڙن جا وڏا وڏا جٿا مينوفيڪچر ٿي رهيا آهن. جيئن جيئن ٿا سنڌ ۾ اديب وڌن تيئن تيئن ٿا سنڌ جي ڳچي ۾ غلامي جا زنجير وڌن، خبر ناهي انهن جي مزاحمت، انهن جو ادب الائي ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ اهڙن اديبن لاءِ واقعي حليم بروهي جهڙو سنڌ جو مارڪ ٽوئن مشڪرو ئي هوندو ٻيو ڇا، پر اسان جي ٽارزن اديبن کي اها خبر ڪونهي ته هڪ مشڪري ڪرڻ واري وٽ وڏو ڏانءُ ۽ هنر هوندو آهي. دنيا ۾ ڪنهن کان به پڇي ڏسو، دنيا جو ادب اٿلائي ڏسو، ادب ۾ مزاح نگاري ڪرڻ معنيٰ پنهنجو رت ولوڙڻ جي برابر آهي. مزاحيه انداز ۾ لکڻ، هڪ تيشي سان پهاڙ ٽوڙڻ جي برابر آهي ۽ اهو ڏانءُ هر عام خاص جي ميراث ڪونه ٿو ٿئي. فقط چند ڪي خوشنصيب ليکڪ، اداڪار، فنڪار ۽ يگانا ڪردار هجن ٿا جن وٽ اها ڏات مهمان ٿئي ٿي. باقي ته فقط حوالا آهن، جيڪي توهان اسان روز ويٺا ڏيون.

عام سادن ماڻهن کي وتائي فقير جون حڪايتون ڇو ياد آهن؟ انگريزي ادب ۾ ايسپ جون آکاڻيون ايڏيون پراثر ڇو آهن؟ اردو ادب ۾ پطرس بخاري اڄ تائين ڇو ٿو پڙهيو وڃي، مشتاق يوسفي کي اردو ادب ۾ ايڏي عزت جي نگاهه سان ڇو ٿو ڏٺو وڃي؟ سندس ڪتاب چراغ تلي، آب گم ايڏا شاهڪار ڇو آهن؟ ڊاڪٽر يونس بٽ کي اردو مزاحيات ۾ ايڏو مقام ڇو ڏنو ويو آهي؟

حليم بروهي واقعي صحيح چوندو هو ته سنڌي ٻولي ۾ لکڻ هن جي بدنصيبي هئي، جو بعد ۾ هُن دوستين بدران دشمنيون پاليون. سچو ۽ کرو ماڻهو جيڪو لوڻاٺي انداز ۾ لفظن ۾ گندرف ڀرڻ جي هنر کان واقف هجي اهڙو صرف حليم ئي هو. هن جي مزاح ۾ هن جي تُرش تنقيد ۾ ڀيانڪ حقيقت لڪل هئي ۽ اها لاٺڙين اديبن کي ڪٿان ڀانءُ پئي ها؟ انگريزي ادب جو وڏي ۾ وڏو مشڪرو مارڪ ٽوئن کي چيو وڃي ٿو. مارڪ ٽوئن جو طنز ۽ مزاح انگريزي ادب ۾ وڏي جاءِ والاري ٿو. شيڪسپيئر پنهنجي ڪاميڊي ڊرامن ۾ ڪمال مزاح ۽ طنز استعمال ڪئي آهي. انگريزي ادب ۾ ترجمو ٿيل ناول ڊان ڪوئگزاٽ جيڪو هڪ اسپيني ناول نگار سروانٽينز لکيو ان کي دنيا جي سئو بهترين ڪتابن جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اھو ناول به هڪ وڏي مشڪري آھي. انهن سڀني به مشڪريون ئي لکيون آهن.

جڏهن چوڌاري ڪرپشن، اونداهه انڌوڪار ٻيائي، دوکا ۽ دولاب ٿي رهيا هجن، ماڻهو هڪ بنا دروازن واري اسٽيل جي دٻي ۾ بند هجي، قلم تي پهرا، خيالن مٿان هر وقت تاڻيل بندوق هجي ته تڏهن هو ڇا لکي؟ ظاهر آهي پوءِ ان کي ادب جي شاهڪار هنر، سيٽائر، ڊارڪ هيومر کان ئي ڪم وٺڻو پوندو. حليم به ائين ئي ڪيو، پر ڇا حليم بروهي جو ناول اسان پڙهي ڏٺو آهي؟ ان ۾ هن ڪيئن نه نفسياتي مونجهاري ۾ ورتل سماج جي عڪاسي ڪئي آهي. حليم تاريخ کي سدائين تواريخ ڪري لکندو هو. هو ٻولي جو وڏو ڄاڻو ماڻهو هو، هُو مستقبل تي نظر رکندڙ ماڻهو هو. ظاهر آهي ته اسان وٽ جتي ادبي سنگت هاڻ الائي سرڪار جي ذيلي ڪاميٽي ٿي ويئي آهي، الائي ڇا ۽ اديب سڄو ڏينهن سياستدانن جي چمچاگيري ڪرڻ ۾ پورا آهن، اهڙي صورتحال ۾ ڪهڙو ادب تخليق ٿيندو؟ ٻاهرين ادب جو مطالعو، ترجما وغيره آهن ئي ڪونه. ادب جي واڌ ويجهه ڄڻ بس ٿي ويئي آهي. اسان وٽ اديبن جا گهڻا ئي قسم آهن، ننڍڙا اديب، وڏڙا اديب، سنها اديب، ٿلها اديب، پنج ٽن وارا اديب، ست ٽن وارا اديب، صفا ڪنگ سائيز اديب ۽ اديبڙن جا ذرا وغيره.

اسان وٽ ڪنهن به ڪتاب جو مهاڳ آڳنڌ، تبصرو وغيره ڪيئن لکبو: سائين ليکڪ منهنجو گهرو دوست آهي. مون کي ڪتاب ڏنائين ته ٻه اکر لکان، پر منهنجي مصروفيت جي ڪري سندس مسودو پنج سال منهنجي کٽ هيٺان پيو هو ۽ مان پڙهي ڪونه سگهيس پوءِ لکندا (بنا پڙهڻ جي) سندس ڪتاب سنڌي ادب جو آخري ڪتاب آهي، ان کانپوءِ بس آھي. مشڪرو حليم هو يا ٽارزن اديب پاڻ مشڪرا آهن؟ ڪتاب جا پنج پنا اسان کان پڙهيا ڪونه ٿيندا وري ڳالهيون ڪنداسين سنڌ جي هڏڏوکي ٿيڻ جون. اسان سان مسئلو اهو آهي ته اسين حقيقت پسند آهيون ئي ڪونه، جيڪڏهن حقيقت پسند هجون ها ته اڄ پنهنجي حالت تي ويهي روئون ها، پر ڇا جي سنڌيت؟ ڇا جو سنڌ جو اونو؟ اسان کي کپي ڪرسي! ڪير تحقيق ڪري رت ولوڙ ڪري، جهر جهنگ گهمي لائبريريون ۽ ٿلها ڪتاب ڇاڻي؟ اهو پاڻ کان پڄندو ئي ڪونه. اسان وٽ ادب جي نالي ۾ ڪجهه اخباري رپورٽون آهن، جن کي اسين عظيم ادب چئون ٿا، وري جيڪي دوست چار ڪتاب پڙهي وٺندا ته ٻئي لاءِ آزار بڻجي پوندا توبهه زاري سڄو ڏينهن انهن مٿان نرگسيت ڇانيل رهندي. حليم اهڙن ماڻهن کي ڀلا ڪيئن وڻندو؟ همراهه پرڏيهه مان پي ايڇ ڊي ڪري ايندو ته ڇوٽي سي دنيا وارو مير مراد علي خان بڻجي پوندو، سڄو شهر سندس رويي مان بيزار. اوهان ڪتاب پڙهيا آهن ته خير آهي، نارمل ٿيو، دنيا هاڻ سڀني لاءِ کلي پئي آهي پر نه. همراهه ائين پيا محسوس ڪرائيندا ڄڻ صبح جو واڪ تي مارڪس گڏ هئن، مانجهاندو لينن سان ڪيائون رات جي ماني مائوزي تنگ سان کائيندا. گهڻا دوست جيڪي پڙهڻ چاهين ٿا اهي انهن ڪوڙن ڪاستروئن ۽ لوڪل چي گويرن جي اهڙين حرڪتن جي ڪري ويجهو ئي ڪونه ٿا وڃن. حليم بروهي اهڙن ڪوڙن انقلابي ماڻهن کان پري رهندو هو، هو هڪ بيباڪ ماڻهو هو، سچو ليکڪ هو، سنڌ جو هڪ نهايت ئي محنتي ٻولي مهندار هو. هو اسٽيفن ليڪاڪ ۽ جيمس ٿربر جيڏو ليکڪ هو پر اسين کيس سڃاڻي ڪونه سگهياسين.

چارلي چپلن چيو هو ته “هن کي برسات ان ڪري وڻندي آهي جو ان ۾ اکين مان وهندڙ لڙڪن جا لاش نظر ڪونه ايندا آهن.” حليم تون هنن ٽارزن اديبن مان ڪونه هئين مهرباني ڪري هنن جي اهڙين ڳالهين تي مائينڊ نه ڪجانءِ!