ٽرانس جينڊر اشرف سَيان کان (جنوري 2018) ۾ ورتل انٽرويو

پئنل انٽرويو

ٽرانس جينڊر اشرف سَيان کان (جنوري 2018) ۾ ورتل انٽرويو

منظور ٿهيم، ڊاڪٽر اشوٿاما، زاهده ابڙو

 

منظور ٿهيم: اشرف سيان اسان کي پنهنجي ابتدائي سفر جي باري ۾ ٿورو ٻڌائيندا جنهن ۾ تڪليفون به هيون ۽ سکيا به؟

اشرف سيان: پٿر جي دور کان وٺي ٻار جنسي خامين سان پيدا ٿيندا رهن پيا اهو مسئلو هر دور جو آهي. ڪجهه ڇوڪرين کي توهان ڏٺو هوندو ته اهي ڇوڪرن جهڙا ڪپڙا پائينديون آهن ۽ بلڪل ڇوڪرن جهڙو رويو هوندو اٿن ۽ ڪجهه وري مرد اهڙا هوندا آهن جيڪي پنهنجو پاڻ کي عورت تصور ڪندا آهن، حالانڪه ڏسڻ ۾ اهي بلڪل مرد هوندا آهن پر هو پنهنجي ارد گرد رهندڙ عورتن سان وڌيڪ رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ اطمينان محسوس ڪندا آهن. مردن کان ان ڪري پري رهندا آهن جو اهي انهن جي تذليل ڪندا رهندا آهن ۽ عورتون ٿوريون نرم مزاج به هونديون آهن، حساس هونديون آهن ان لاءِ انهن کي انهن سان مزو ايندو آهي. خواتين وٽان انهن کي گهڻو سهارو ملندو رهندو آهي، آئون به ننڍي هوندي جنسي خاميءَ سان پيدا ٿيو هئس اهو هڪڙو حياتياتي مسئلو آهي، جنهن ۾ ٻار جي جنس مرد يا عورت ۾ مڪمل طور تي نٿي جڙي. معاشري ۾ اهڙن انسانن کي غلط طرح سان ڏٺو وڃي ٿو، جنهن جي ڪري هو يا ته ڏوهن جي دنيا ۾ هليا ٿا وڃن يا وري خوف جو شڪار ٿي رهن ٿا. جيستائين منهنجا ماءُ پيءُ زنده هئا تيستائين گهر ۾ آئون ڏاڍو لاڏلو هوندو هئس، اسڪول به ويندو هئس پوءِ اچانڪ منهنجي شخصيت ۾ ڪجهه تبديليون ظاهر ٿيڻ لڳيون منهنجا شوق اهي ئي هئا جيڪي ڇوڪرين جا هوندا آهن جيئن گڏين سان کيڏڻ، رڌ پچاءُ. ننڍي هوندي ڏاڍيون خوبصورت گڏيون ٺاهيندو هئس. پاڙي جون ڇوڪريون اچي مون کان خريد ڪري وينديون هيون. ننڍي هوندي کان مون کي رقص ڏاڍو پسند هو، فلمن ۾  گانن کي تمام شوق سان ڏسندو هئس ۽ اتان ئي ناچ سکيس. شاعري کي سمجهي ۽ پوءِ ان کي پنهنجي انداز ۾ رقص ۾ پرفارم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. ڏسڻ وارا منهنجي انداز مان سڄي شاعري جو مفهوم سمجهي ويندا هئا. پوءِ مون ان جي باقائده تربيت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي جنهن تي منهنجي والد مون کي سخت سزائون ڏنيون، منهنجو هٿ ۽ پير ٽوڙي ڇڏيائين. پوءِ آئون گهر ڇڏي ڀڄي ويس ۽ پاڻ جهڙن ماڻهن وٽ وڃي پناهه ورتم ۽ رقص جي سکيا جاري رکيم. زندگي جا ڪيترائي رستا آهن ڪجهه خطرناڪ ته ڪجهه سٺا مون هڪ سٺو رستو اختيار ڪيو مون کي خبر هئي ته جيستائين آئون باقائده تعليم حاصل نه ڪندس تيستائين آئون ڪجهه به نٿو ڪري سگهان، مون تمام وڏي سطح تي ۽ عام ۽ خاص محفلن ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو آهي. مون پنهنجي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ به فن جو مظاهرو ڪيو آهي، پر هڪڙي ڳالهه جيڪا منهنجي لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ آهي ته آئون ماڻهن جي تعصبي روين جو به تمام گهڻو شڪار ٿيس. ماڻهن مون کي مخنص هجڻ جي ڪري گهڻو موقعو نه ڏنو. دو نمبري فنڪارن کي موقعو ڏنو ويو پر مون کي موقعو ڏيڻ کان پرهيز ڪيو ويندو هو. حالانڪه مون ضياءُ الحق کان ويندي ڪياني تائين ۽ بينظير صاحبه جي اڳيان به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو آهي. ميڊيا وارن جو رويو هميشه منهنجي لاءِ تعصب جو سبب بڻيو ۽ اهي مون کي اڳيان آڻڻ کان لنوائيندا رهيا. ٻيو هڪڙو موقعو اهو آيو جو حيدرآباد جي شخصيتن جي باري ۾ هڪ ڪتاب لکيو ويو ان ۾ منهنجو ذڪر نه ڪيو ويو. ڪيترن ئي مسئلن جي باوجود مون حيدرآباد کي نه ڇڏيو پر ان ڪتاب ۾ انهن ماڻهن جو ذڪر آهي جيڪي حيدرآباد جا آهن ئي ڪونه. مون سان هميشه ويڳي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي.

منظور ٿهيم: اسان جي سماج ۾ ٽرانس جينڊر فن جي بجاءِ سيڪس ورڪر جي طور تي اڳيان اچي ٿو ان جا سماج تي ۽ خود ان ٽرانس جينڊر تي ڪهڙا اثرات ٿين ٿا.

اشرف سيان: جيڪي ٻار ان نقص سان پيدا ٿين ٿا انهن کي اعليٰ تعليم ۽ تربيت يا ڪنهن فن جي تعليم ڏني وڃي ته جيئن اهي عزت سان زنده رهي سگهن نه ته سندن زندگي سورن ۾ گذرندي. گهڻو ڪري جيڪي امير گهرن ۾ اهڙي قسم جا ٻار پيدا ٿين ٿا اهي پنهنجن ٻارن کي اعليٰ تعليم ڏيارين ٿا ۽ انهن مان هٿ نٿا ڪڍن ان ڪري اهي ٻار ڪٿي نه ڪٿي پنهنجو مقام ٺاهي ٿا وٺن. ٽرانس جينڊر ۾ اهڙا ٻار به آهن جيڪي وڏا ٿي آرمي جي وڏن وڏن عهدن تائين به پهتا آهن، ڊاڪٽر ۽ انجنيئر به ٿيا آهن. جيڪڏهن انهن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪيو ويندو ته اهي به عزت سان زندگي گذاري سگهن ٿا. مڊل ڪلاس جي ماڻهن جي ذهنن ۾ انا پرستي وڌيڪ هوندي آهي ۽ اتي اهڙن ٻارن سان اڻبرابريءَ وارو سلوڪ وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ انهن کي معاشري کان لڪايو وڃي ٿو ان سچ کي قبول نٿو ڪيو وڃي يا وري اهڙا ٻار خود گهر ڇڏي ڀڄي وڃن ٿا ۽ پوءِ بگهڙن جي هن دنيا ۾ اهو ٻار انهن وحشين جي هٿ ور چڙهي وڃي ٿو ۽ پوءِ سوچي سگهو ٿا ته ان ٻار جو حشر ڇا ٿيندو هوندو. پوءِ اهي ٻار جڏهن ڏوهارين جي ور چڙهن ٿا اهي انهن کي پراسٽيٽيوشن جي طرف کڻي اچن ٿا ۽ ائين انهن جي زندگي تباهه ٿي وڃي ٿي. اسان جي ملڪ کي ٺهندي 70 سال ٿي ويا آهن پر اڃان تائين ٽرانس جينڊر هلڪي جي لاءِ حڪومت مڪمل طور ڪوبه لائحه عمل ڪونه ٺاهيو آهي، ڪوبه ٺوس پروگرام ناهي ڏنو جنهن سان هنن جي زندگي ڪارآمد ٿي سگهي. هينئر مردم شماري ۾ ٽرانس جينڊر جي آبادي تمام گهٽ ٻڌائي وئي آهي ۽ اسان جي لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جهڙا ڪي پروگرام ٺاهيا وڃن جنهن سان اسان کي مالي امداد ڏني وڃي ته اسان ڇو وڃي در در ڀٽڪي ڌڪا کائون ۽ ماڻهن جون غلط ڳالهيون ٻڌون. انهن جي مٿان ڪيترائي الزام اچن ٿا ته اهي ايڊز جهڙي بيماري ڦهلائين ٿا ۽ معاشري ۾ ڏوهه پکيڙين ٿا اها حڪومت جي ذميداري آهي ته هوءَ اسان جهڙن ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪري. ڪيتريون ئي اهڙيون نوڪريون آهن جن ۾ ٽرانس جينڊر کي آرام سان ٽريننگ ڏيئي سسٽم ۾ آڻي سگهجي ٿو هنن کي ننڍا ننڍا ڪورسز ڪرائي نوڪريون ڏيئي سگهجن ٿيون جيئن اسان وٽ مرد نرسز جي بجاءِ ٽرانس جينڊر کي رکيو وڃي ڇو ته اهي وڌيڪ محفوظ طريقي سان ڪم ڪري سگهن ٿا، انهن کي درزڪو ڪم سيکاريو وڃي ان کان علاوه انهن جي لاءِ حڪومتي سطح تي اهڙا ٿيٽر ٺاهيا وڃن جنهن ۾ انهن کي فن جي تربيت ڏيئي ماڻهن جي لاءِ تفريحي پروگرام رکيا وڃن جنهن سان نه رڳو انهن ماڻهن کي عزتدار روزگار ملي ويندو پر ملڪ به چڱو خاصو ناڻو ڪمائي سگهي ٿو. هڪڙو وقت اهڙو به هو جو هڪڙي مهم هلائي وئي ته اهي خيرات ٿا گهرن انهن کي پڪڙي پڪڙي جيلن ۾ وڌو پئي ويو. جڏهن توهان انهن کي نه ڪا مالي امداد ڏيندو نه انهن جي تربيت جو ڪو بندوبست ڪندا ته پوءِ آخر اهي ڪيڏانهن وڃن پوءِ رستن تي پنڻ کانسواءِ انهن وٽ ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي.

زاهده ابڙو: اشرف سيان اسان کي اهو ٻڌايو ته جيڪي ٽرانس جينڊر ۾ ٻار پيدا ٿين ٿا انهن جا مائٽ اهي ٻار توهان جي حوالي ڪن ٿا يا اهو صرف هڪڙو ماڻهن جو خيال آهي.

اشرف سيان: اهو بلڪل غلط خيال آهي مائٽ بلڪل به اسان جي حوالي نٿا ڪن. بلڪه گهر وارن جي دل ڏکوئيندڙ روين جي ڪري آخر ۾ اهڙو وقت اچي ٿو وڃي جو اهو ماڻهو اتان نڪري پاڻ جهڙن ماڻهن وٽ پهچي ٿو وڃي ۽ ان کي جيڪي به پاڻ جهڙا ماڻهو نظر اچن ٿا انهن سان اٿي ويهي ٿو، انهن سان دوستي ڪري ٿو ۽ ايئن هو ڪنهن ڊيري تائين پهچي وڃن ٿا جتي هڪ گرو هوندو آهي، جيڪو نئون ميمبر هوندو آهي اهو ان جو چيلو ٿيندو آهي، انهن ۾ به ٻن قسمن جا ماڻهو هوندا آهن هڪڙن کي زناني چيو وڃي ٿو ۽ ٻيا واري فقير چورائجن ٿا جيڪي پنهنجي جنسي آپريشن ڪرائڻ کانپوءِ مڪمل طور تي فقير ٿي وڃن ٿا ۽ ماڻهن کي دعائون ڏيندا ۽ پندا آهن.

زاهده ابڙو: پوري پاڪستان ۾ جيترا به ٽرانس جينڊر افراد آهن انهن سڀني گڏجي ڪڏهن ڪا مضبوط اتحاد ٺاهڻ جو سوچيو آهي جتي توهان حڪومت کان پنهنجي حقن جي گهر ڪري سگهو.

اشرف سيان: ان ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته پاڪستان ۾ جتي به ٽرانس جينڊر موجود آهن اهي سڀ متحد ٿي وڃن ۽ پنهنجي لاءِ ڪو هڪ مضبوط پليٽ فارم جوڙين ۽ پوءِ اتان پنهنجن حقن جي لاءِ جدوجهد ڪن. اسان جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ ضروري اهو آهي ته اسان کي فني تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي، اسان جي لاءِ اهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن جتي اسان پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري يا پنهنجي ڪنهن به ڪم سان ڪنهن ٻئي عام پاڪستاني وانگر عزت سان پنهنجو روزگار ڪمائي سگهون. جيئن ته اهي تمام گهڻا با صلاحيت هوندا آهن صرف انهن کي صحيح رهنمائي جي ضرورت آهي. اها وقت جي ضرورت آهي ته ان قسم جو ڪو اتحاد جوڙيو وڃي.

منظور ٿهيم: اڄڪلهه پاڪستان ۾ ٽرانس جينڊر کي آئيني حقن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن لاهور ۾ ان قسم جي ڪافي سجاڳي موجود آهي ڇا سنڌ ۾ اهڙي قسم جو ڪو تحرڪ موجود آهي.

اشرف سيان: سنڌ ۾ ٽرانس جينڊر ٻه ڌڙن ۾ ورهايل آهن، سنڌي فقير پاڻ کي سنڌ جي بادشاهزادي ٿا سمجهن ۽ اردو اسپيڪنگ فقير ۽ زنانيون وري پنهنجي ليکي اهي به بادشاهزاديون آهن. ٻوليءَ جي ڪري انهن جي وچ ۾ تمام گهڻو ويڇو آهي جيڪو کين گڏجڻ نٿو ڏئي ۽ پنهنجي حقن جي لاءِ هڪڙي پليٽ فارم تي بيهڻ نٿو ڏئي. ڀارت ۾ هڪڙو ٽرانس جينڊر سپريم ڪورٽ جو جج آهي اتي ميئر به آهي، مطلب مختلف شعبن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. مون کي جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ ٿي اچي اها اِها آهي ته اسان جي حڪومت ٽرانس جينڊر کان نفرت ڪري ٿي ۽ چڙ ٿي کائي. ان ڪري اسان جي آباديءَ کي جيڪا گهٽ ۾ گهٽ هڪ يا ڏيڍ ڪروڙ جي برابر هوندي ان کي پوري ملڪ مان 10 هزار ڏيکاريو ويو آهي. حيدرآباد جي آبادي 160 ڏيکاري وئي آهي، جڏهن ته اسان ڪا تقريب ڪندا آهيون ته ست اٺ سئو ته آرام سان جمع ٿي ويندا آهن. اسان جي حڪومت کي اهو ڊپ آهي ته اسان پارليامينٽ تائين نه پهچي وڃون ۽ سندن برابري ۾ نه ويهون. اسان کي ٽئين جنس جي طور تي معاشري اڃان تائين قبول ناهي ڪيو، اسان جيئن آهيون انهيءَ رنگ ۾ اسان کي قبول ڪيو وڃي ۽ سياسي ۽ معاشي وهڪري ۾ اسان کي برابريءَ جي بنياد تي شامل ڪيو وڃي ته اسان به ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺي سگهون ۽ پنهنجين زندگين کي بهتر بنائي سگهون.

منظور ٿهيم: پوليس، ڊاڪٽر يا ٻيا ڪي اهڙا ادارا انهن سان جڏهن توهان جو واسطو پوي ٿو ته اهي توهان سان ڪهڙو رويو ڏيکارين ٿا.

اشرف سيان: ان سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ ته آئون توهان کي ڇا ٻڌايان. اسان وٽ ڊاڪٽر جنهن کي مسيحا چيو وڃي ٿو جڏهن ڪو خواجه سراءِ جنهن جي شڪل صورت ڪنهن ڇوڪريءَ جهڙي آهي ته اهو ان کي مريض نه پر پنهنجي حوس پوري ڪرڻ جو ذريعو سمجهي ٿو ته ساڳئي طريقي سان پوليس ۾ جيڪڏهن اسين ڪا شڪايت کڻي وڃون ٿا ته اسان سان اتي به اها ئي ساڳي جٺ ٿئي ٿي. مون زندگيءَ ۾ جيترو به ڪمايو اهو سڀ لٽجي ويو منهنجي ڪٿي به سنوائي نه ٿي سگهي. رات جو جيڪڏهن ٽرانس جينڊر ڪنهن فنڪشن ۾ فن جو مظاهرو ڪري ٿوري رقم ڪمائي اچن ٿا ته اها به پوليس انهن کان ڦري وٺي ٿي. هيومن رائيٽس وارن جو ڀلو ٿئي جنهن اسان جي حقن لاءِ آواز اٿاريو، ڊي پي او سان به وڃي مليس ۽ مون اهڙن ظلمن خلاف آواز بلند ڪيو جنهن جي ڪري هاڻي انهن کان پئسا ڦرڻ واري واردات گهٽجي وئي آهي.

ڊاڪٽر اشو ٿاما: ماضيءَ جي مقابلي ۾ سماجي رويي ۾ تبديلي آئي آهي شايد ان جو سبب اهو به آهي ته ڪجهه ٽرانس جينڊرز به روايتي ڪم کان هٽي ڪري ترقي پسند سوچ سان ڪافي بهتر ڪم ڪري رهيا آهن، حڪومت به انهن جي حقن کي تسليم ڪيو آهي ۽ ڪجهه قانون سازي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪجهه سياسي جماعتن ۽ سول سوسائٽي ڪم ڪيو آهي ان کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو.

اشرف سيان: هڪڙي ٽاڪ شو ۾ اعتزاز احسن ۽ شيخ رشيد الماس بابي سان گڏ ويٺا هئا مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، سپريم ڪورٽ جي طرفان جڏهن آرڊر آيو ته اسان جا شناختي ڪارڊ ٽئين جنس جي خاني ۾ ٺاهيا وڃن تڏهن به اسان کي يقين نه پيو اچي. هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي جو اسان ادارن ۾ وڃي ڳالهائي سگهون ٿا ۽ پنهنجن حقن جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪو بنياد آهي. هاڻي اسان تي ڪو ظلم ٿئي ٿو ته ان لاءِ ايف آءِ آر به ڪٽجي ٿي ۽ بهتري اچي پئي. اميد آهي ته مستقبل ۾ اڃان وڌيڪ بهتري ايندي ۽ اسان کي معاشري ۾ صحيح مقام ملندو. اسان وٽ اڃان به هڪڙو مسئلو آهي ته شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ وقت ڪيترائي خاندان اهڙن ماڻهن کي ٽرانس جينڊر جي خاني ۾ شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ نٿا ڏين ۽ ڪافي ماڻهن ٺهرايو به آهي. والدين کي ان صورتحال کي سچائيءَ سان منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي ماڻهو پنهنجا حق حاصل ڪري سگهن.

ڊاڪٽر اشو ٿاما: ٽرانس جينڊر ڪميونٽي هڪ طويل عرصي کان پنهنجي مخصوص انداز ۾ زندگي گذاري رهي آهي وقت سان ٿيندڙ تبديلين جي ڪري ان سڄي زندگي تي به وڏو اثر پوندو ڪافي فرد اهڙا هوندا جن جي مفادات کي ڌڪ به لڳندو ڇا ان جي لاءِ ڪو چئلينج ته ڪونهي.

اشرف سيان: بظاهر ته اهڙي ڪابه صورتحال ڪونهي، ڇو ته تبديلي ڪا ايتري واضح به نظرنه پئي اچي. انفرادي طور تي ڪافي ماڻهو بهتري ڏانهن وڃي رهيا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڪجهه نه ڪجهه ڪري رهيا آهن.

منظور ٿهيم: توهان جي ڪميونٽي معاشري جي استحصال جو شڪار ته آهي ڇا ان کي مذهبي آزادي آهي يا ان لاءِ به توهان جي مٿان ڪو دٻاءُ هوندو آهي.

اشرف سيان: اسان جي ڪميونٽي ۾ اها تمام سٺي ڳالهه آهي جو اسان وٽ مذهب کي ذاتي معاملو سمجهيو ٿو وڃي ۽ اهو اسان جي وچ ۾ ڪو وڏو مسئلو نٿو رکي، اسان سڀ گڏجي رهون ٿا، اسان مسلمان، عيسائي، هندو سڀ گڏجي رهندا آهيون ۽ نه ئي وري سياسي تنظيمون اسان جي اندر مذهبي انتها پسندي جو رجحان کڻي داخل ٿيون آهن في الحال اسان انهن سڀني شين کان بچيل آهيون.

منظور ٿهيم: زندگي ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو وقت اچي ٿو ته ماڻهو پنهنجي زندگي ختم ڪرڻ جو سوچي ٿو توهان کي ڪهڙي شيءِ مضبوط ڪري بيهڻ تي مجبور ڪيو.

اشرف سيان: منهنجي عمر تقريبن 57 سال آهي، انهن سالن ۾ جيتريون تڪليفون مون ڏٺيون آهن توهان انهن جي باري ۾ سوچي به نٿا سگهو. معاشري هميشه مون کي حقارت سان ڏٺو آهي پر مون هار نه مڃي ۽ هميشه پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪئي. ٽرانس جينڊر جي اندر خودڪشين جو رجحان موجود آهي پر ان جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن انهن جي حالت اهڙي هوندي آهي جو انهن جي عزت نفس ختم ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ اهي بنا ڪنهن مقصد جي زندگي گذارين ٿا پر انهن جو جگر ايڏو وڏو آهي جو هو پنهنجي انهيءَ سچائيءَ سان گڏ زنده رهن ٿا ۽ ان کي قبول ڪن ٿا.

زاهده ابڙو: ٽرانس جينڊرز کي جنسي طور حراسان ڪرڻ جا واقعا به ٿيندا هوندا اهڙي صورتحال جو مقابلو ڪيئن ڪندا آهيو؟

اشرف سيان: اهڙا ڪيس گهڻو ڪري سماج ۾ بليڪ ميلنگ کان شروع ٿين ٿا ڇو ته اسان جا به ڪيترائي ڪم ڪيترن ئي ماڻهن سان پون ٿا. پوءِ انهن ماڻهن جون نظرون اسان جو استحصال ڪن ٿيون ۽ اسان کي حق ڏيڻ کان پهرين اسان جو جنسي استحصال به ڪيو وڃي ٿو. اها شروعات هوندي آهي ٽرانس جينڊر کي انهي پاسي راغب ڪرڻ لاءِ پوءِ اهي شخص ان شيءَ کي پنهنجو ڌنڌو بڻائي ان مان زندگي گذارين ٿا، هاڻي توهان پاڻ ئي فيصلو ڪريو ته گنهگار ڪير آهي سماج يا اهو شخص. پوليس وٽ وڃون يا جائيداد جا ڪاغذ ڪڍرائڻ وڃون يا ڪنهن ٻئي آفيس ۾ وڃون اسان جا ڪم ائين ٿيندا ئي ڪونه آهن.

منظور ٿهيم: 1970ع ۾ ٽرانس جينڊر لاهور ۾ پيپلز پارٽيءَ سان گڏجي ايوب جي خلاف هڪ تحريڪ هلائي هئي. هاڻي هن ڪميونٽي ۾ اها سياسي سمجهه ۽ اهو تحرڪ ڇو نظر نٿو اچي؟

اشرف سيان: جڏهن اسان ڀٽو سان گڏجي تحريڪ هلائي هئي ته اسان کي ڏاڍو حوصلو مليو هو پر وري اسان کي جماعت اسلامي جڏهن ڀٽو جي خلاف پاڻ سان ملائي تحريڪ ۾ شامل ڪيو جنهن ۾ هڪڙو نعرو ٺهيو هو “ايوب آيا مين نا بولي، يحيٰ آيا مين نا بولي، ڀٽو آيا تو مين بولي چلا گولي چلا گولي.” جلوس پريس ڪلب کان ڦري شهر تائين آيو ان جو رد عمل اهو ٿيو هو جو اسان فقيرن کي پيپلز پارٽي طرفان اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو ۽ ماريو ويو. اسان جي ڊيرن تي وڃي حاجي فقيرن کي به ماريو ويو ان جي سزا اسان کي سالن تائين ملندي رهي. اسان کي به راءِ جي آزادي هئڻ کپي اسان به جمهوري نظام جو حصو آهيون ۽ ڪنهن به پارٽي جي حق ۾ يا مخالفت ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهون ٿا پر ان واقعي کانپوءِ اسان جي ڪميونٽي تمام گهڻي خوفزده آهي ۽ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جو حصو بڻجڻ کان لنوايون ٿا. اسان کي سياسي پارٽيون پنهنجو حصو بڻائين ان ۾ ميمبرشپ ڏين ته جيئن اسين به سياسي وهڪري ۾ ڪم ڪري سگهون. هاڻي اسان جي آواز کي ٻڌو به وڃي ٿو پر سياست کان اسان خوفزده آهيون.

منظور ٿهيم: سنڌ ۾ ٽرانس جينڊر جي آبادي ڪيتري هوندي ڇا توهان کي اندازو آهي؟

اشرف سيان: في الحال اسان کي صحيح اندازو ڪونهي ان لاءِ ڪنهن اداري سان گڏجي اسان کي ڪم ڪرڻو پوندو. بهرحال مون کي پوري ملڪ جو اندازو آهي ته ڪروڙ ڏيڍ ڪروڙ جي آبادي ضرور هوندي.

منظور ٿهيم: زندگي توهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟

اشرف سيان: زندگي گلن جي سيج وانگر هجڻ کپي، جنهن ۾ ڪوبه ڏک نه هجي، پريشانيون نه هجن. اسان جي زندگي ته صرف ڏکن سان ئي ڀريل آهي.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments