پاڪستانرانديوننيو‍‍ز

ٽيون ون ڊي، زمبابوي پاڪستان کي سپر اوور ۾ شڪست ڏيئي ڇڏي

زمبابوي ٽئين ۽ آخري ون ڊي ميچ ۾ دلچسپ مقابلي کانپوءِ ميزبان پاڪستان کي شڪست ڏيئي ڇڏي. راولپنڊي ۾ کيڏجندڙ 3 ميچن جي سيريز جي آخري ميچ جو فيصلو سپر اوور ۾ ٿيو، سپر اوور ۾ پاڪستان جي ٽيم مهمان ٽيم کي صرف 3 رنسن جو هدف ڏيئي سگهي، جنهن کي زمبابوي آساني سان پورو ڪري ورتو. مهمان ٽيم جي فتح سان هڪ ڏينهن واري ميچن جي سيريز جي پڄاڻي پاڪستان جي 1- 2 برتري سان ٿي. ان کان پهرين ٽئين ۽ آخري ون ڊي ۾ مهمان ٽيم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرره 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 278 رنسون ٺاهيون. زمبابوي جي سين وليمز سڀ کان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 118 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. قومي ٽيم جي طرفان محمد حسنين پنهنجي ڪيريئر جي شاندار بالنگ ڪئي ۽ 10 اوورن ۾ 26 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون. مهمان ٽيم جي 278 رنسن جي هدف جو پيڇو ڪندي قومي ٽيم کي شروعات ۾ ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو ۽ اوپنر امام الحق پهرين ئي اوور ۾ 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته ٻئي اوپنر فخر زمان به ٻئي اوور ۾ ئي آئوٽ ٿي ويو. نوجوان بيٽسمين حيدر علي به گهڻي دير وڪيٽ تي بيهي نه سگهيو ۽ 13 رنسون ٺاهي پويلين طرف موٽي ويو. ان دوران قومي ٽيم جون وڪيٽون وقفي وقفي سان ڪرنديون رهيون، جڏهن ته ڪپتان بابر اعظم وڪيٽ تي بيٺل رهيو ۽ هن شاندار 125 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته 49 اوورن ۾ ٽيم کي فتح جي ويجهو آندو ۽ همت نه هارائي ۽ آئوٽ ٿي ويو. آخري اوور ۾ ٽيم کي 8 رنسون گهربل هيون، ميچ ان وقت دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي ويو، جڏهن آخري بال تي کٽڻ لاءِ 5 رنسون گهربل هيون، ان دوران فاسٽ بالر موسيٰ خان ميچ جي آخري بال تي چوڪو هڻي مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. ميچ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ سپر اوور ڪرايو ويو، جنهن ۾ پاڪستان پهرين کيڏندي صرف 2 رنسون ٺاهيون، جنهن کي زمبابوي آساني سان پورو ڪري ورتو. زمبابوي طرفان بليسنگ مزرباني سڀ کان وڌيڪ 5 وڪيٽون حاصل ڪيون.