پارس حميد جي شخصيت ۽ فن ذوالفقار علي جلباڻي

سنڌ جو ساهتي پرڳڻو علمي لحاظ سان وڏي حيثيت رکي ٿو. هن پرڳڻي جي مهڪدار خمير ۾ڪيترن ئي ناميارن، عالمن، اديبن، مذهبي اسڪالرن جنم پئي ورتو آهي. ساهتيءَ جو شهر خانواهڻ به پنهنجي اندر وڏي تاريخ رکي ٿو. هن شهر جي ارد گرد ڪيترائي تاريخي ڳوٺ به آهن، جيڪي پنهنجي اندر هڪ شاهڪار ماضي رکن ٿا. انهن ڳوٺن ۾ ڳوٺ گاهي خان جلباڻي سڀني ڀر وارن ڳوٺن جو علمي مرڪز هو. انگريزن جي دور حڪومت ۾ هي واحد ڳوٺ هو، جتي انگريزن جديد تعليم واسطي اسڪول کوليو هو. هن ڳوٺ ۾ هندو توڙي مسلمان تمام گهڻي تعداد ۾ رهندا هئا. انهن جي پاڻ ۾ ميٺ محبت جا ڪيئي مثال آهن. هن ڳوٺ جي اسڪول ۾ ڪيترائي وڏا ماڻهو تعليم حاصل ڪري وڏن وڏن عهدن تي فائز ٿيا انهن ۾ ڪي مشهور آهن، مرحوم محمد هاشم ميمڻ ڪمشنر، غلام رباني آگرو جو سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا معروف ۽ مشهور ڪهاڻيڪار هو. ٻين ڪيترن ئي عالمن هتي علم پرايو هو. هن ڳوٺ ۾ موجوده رهندڙ قبيلن ۾ جلباڻي، جوکيا، منگي، ملاح، نظاماڻي، گلال، قاضي شامل آهن صدين کان وٺي هن ڳوٺ جي ماڻهن پاڻ ۾ محبت ۽ پيار همدردي وارو جذبو پئي رکيو آهي ذات پات جو ڪوبه فرق ناهي، سڀئي پاڻ ۾ ڀائرن واري زندگي گذارين ٿا. هن ڳوٺ جي ماڻهن جي هڪڙي اهم خوبي اها به آهي ته اگر هو هڪٻئي سان ڏينهن ۾ ڏھ دفعا به مليا ته هڪٻئي سان هٿ ضرور ملائيندا، ڄڻ ته ڪو هي همراھ ٻاهر ويل هئا ۽ هي هڪٻئي سان ڄڻ ته هينئر مليا آهن. اهي سموري اخلاقي ۽ محبت واري تعليم سندن وڏن کان تربيت ۾ مليل آهي. اهو اندازو توهان اسين سڀ سنڌ واسي، سنڌ جي پياري شاعر ۽ خوبصورت مٺڙي لهجي ۾ ڳالهائيندڙ شاعر پارس حميد مان لڳائي سگهو ٿا، جنهن به ماڻهو هن سان ڪچهري ڪئي هوندي، هن سان مليو هوندو، ان کي هن سان وري ٻيو دفعو ملڻ جي اڪير ٻيهر ضرور ٿيندي. هي پڙهيل ڪڙيل ڳوٺاڻو ماڻهو علمي گهراڻي سان تعلق رکي ٿو. سندس والد محترم استاد شمس الدين قاضي اسان جي سموري ڳوٺ وارن جو معزز استاد هو. ان ڪري ڳوٺ جا ماڻهو استاد جي ٻنهي پٽن حميدالحق ۽ حفيظ الحق کي ڀائو ڀائو ڪري سڏيندا آهن ۽ پاڻ انهيءَ جي موٽ ۾ ننڍي توڙي وڏي کي پڻ ڀائو چوندا آهن. هي سنڌ جو سريلو شاعر پنهنجي محبتي لهجي سان پڙهندڙ کي به موهي ڇڏيندو آهي. مان جڏهن به هن جي شاعري پڙهندو آهيان ته مون کي ڀائو حميد پارس جو عڪس ان جي شاعرِيءَ اندر نظر ايندو آهي، ڇو ته اهو چوڻ ئي اجايو هوندو آهي ته تخليقار جي پورهئي تي ڳالهايو وڃي، ان جي شخصيت تي نه مان چوندو آهيان جنهن ماڻهوءَ جي شخصيت پنهنجي سماج جي لاءِ مقبول نه آهي ته ان جي تخليق ڪيئن ڀلي هوندي؟، ڇو ته ادب ماڻهن لاءِ تخليق ٿيندو آهي ماڻهو ئي ان کي پڙهندا آهن، سمجهندا  آهن، تنهنڪري شخصيت جو رول ماڊل اهم ڪردار ادا ڪندو آهي. توهان پنهنجي تحرير کي ڳُوڙهو منجهيل بڻائي ان کي ماڻهن مٿان رعب تاب ويهارڻ لاءِ لکندوءَ ته اها تحرير ڪنهن به ڪم جي ناهي جيڪا ماڻهو نٿا سمجهن. اسان حميد پارس جي شاعرِيءَ جي ڪتاب “هٿ ترين تي روشن دک” کي پڙهون ٿا ته اسان کي ان ۾ پنهنجي مقامي ماحول وارو رنگ ۽ خيال ملن ٿا، جنهن مان شاعر جي خيالن جي خبر پوي ٿي ته هو پنهنجي ديس واسين لاءِ ڇا ٿو لکي ٿو. عام توڙي خاص ماڻهوءَ جي ڳالھ ڪري ٿو سندس هر سٽ ۾ سنڌ جو ماحول نظر اچي ٿو. وطن دوستيءَ جو اظهار ملي ٿو. پنهنجي ديس جي گلن ٻوٽن سان پيار وارو ناتو نظر اچي ٿو. پارس حميد جو ڪتاب “هٿ ترين تي روشن دک” پارس پنهنجي وڇڙي ويل دوست آفتاب احمد تنيو کي ارپنا ڪيو آهي لکي ٿو ته: “زندگيءَ جي هن ميلي ۾ اوچتو وڇڙي ويل پياري دوست آفتاب احمد تنيو جي نالي، جنهن جي جدائي ٽٽل شيشي جيان سدائين من ۾ چپڀندي رهندي. ڏٺي ڏينهن ٿيام ڪھ ڄاڻان ڪهڙا پرين” هن ڪتاب کي ڪاڪ پبلشر حيدرآباد طرفان 2006ع ۾ شايع ڪيو آهي. ظاهر ۾ ته هي ڪتاب 144 صفحن تي مشتمل آهي، پر هن مجموعي ۾ غزل، ترائيل، نظم، آزاد نظم، وايون ۽ دوها آهن. هي پارس جي اهڙي تخليق آهي جنهن مان سندس سوچ ۽ احساس جي خبر پوي ٿي. ان جي ذهن جي معيار جي واقفيت ٿئي ٿي، هونئن به فطري اصول آهي ته انسان پنهنجي صحبت جو اثر قبول ڪندو آهي. پارس حميد جي اوسر ۽ پالنا به اهڙي گهراڻي ۾ ٿي هئي جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم ته هن جو والد صاحب سائين شمس الدين قاضي صاحب پرائمري استاد هو. سنڌي ادب کي چاھ سان پڙهندو هو. سندس گهر ۾ ماهوار “نئين زندگي” سه ماهي “مهراڻ” ايندا هئا انهن رسالن جو به خريدار هو ۽ ٻيو سنڌي ادب جا ڪيترا ڪتاب، شاھ، سچل جا رسالا ادبي قصن جا ڪتاب “گُل خِندان”، “امير حمزو”، ناولن ۾ “نورجهان” “سانگهڙ” “جهان آرا” ۽ ٻيا ننڍا وڏا ادبي ڪتاب موجود هئا. ان سموري علمي ادبي شوق کي ڏسندي حميد الحق پارس حميد انهن ڪتابن کي اٿلائيندي پٿلائيندي ڪتابن سان پيار وارو ناتو ڳنڍيائون ۽ ان پيار جڏهن پڪي پختي صورت اختيار ڪئي ته ان ادبي آکيري مان پر سوري اڏام کائي سنڌي ادبي ميدان طرف آيو.

پارس حميد بابت:

پارس حميد جو جنم 01 جنوري 1957ع ۾ استاد شمس الدين قاضي جي گهر ڳوٺ گاهي خان جلباڻي ۾ پيدا ٿيو. بنيادي تعليم هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. مئٽرڪ خانواهڻ هاءِ اسڪول مان ڪيائين. سنڌ يونيورسٽي مان 1983ع ۾ اڪنامڪس ۾ ايم. اي ڪيائين. سنڌ سيد ڪارپوريشن ايگريڪلچر کاتي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ تان 31 ڊسمبر 2016ع ۾ رٽائر ٿيو. لکڻ جو کيس ننڍپڻ کان ئي شوق هو. سال 1975ع کان سنڌي ادبي سنگت شاخ خانواهڻ سان سلهاڙيو. 1990ع کان 1992ع تائين مرڪزي عهديدار رهيو، ان وقت جي مرڪزي باڊي ۾ سيڪريٽري تاج جويو، جوائنٽ سيڪريٽري اياز گل، خزانچي نياز پنهور ۽ آڊيٽر حميد پارس هو. سندس پهريون شاعري مجموعو “هٿ ترين تي روشن دک” 2006ع ۾ ڇپيو. نثري نظمن جي اينٿالاجي “رک جا نڊاکا پاڇا” ڇپيو آهي، ان ۾ نظم شامل آهن. اهو ڪتاب حبدار سولنگي ترتيب ڏنو آهي. پارس حميد جو ٻيو ڪتاب “ننڊ نيڻن جي آرسي” ترتيب ڏنو ويو آهي. هن مجموعي ۾ نثري نظمن جو شاهڪار اهم حصو آهي.           پاڻ هن وقت ڪافي نثر توڙي نظم ۾ مڃتا ماڻي چڪو آهي. اياز گل لکي ٿو ته: “اسان جو پيارو دوست پارس حميد ذهن ۽ من مٿان وري آيل سگهارن احساسن جو شاعر آهي جنهن شعوري يا لاشعوري طور، اظهار جي ذريعي سان ناتو ڳنڍيو آهي. جنهن سان نه رڳو پنهنجي جذبن جي اپٽار ڪري سگهجي ٿي، پر ٻين جي خوشين غمن جي ترجماني به ڪري سگهجي ٿي. پارس حميد شاعريءَ ۾ جن صنفن جي اظهار جي قوت طور استعمال ڪيو آهي. اهي آهن نثري نظم، غزل، ترائيل ۽ وائي جيڪڏهن هڪ صنف ڪنهن شاعري جي سڃاڻپ ٿي سگهي ٿي ته پوءِ پارس حميد لاءِ اها آهي نثري نظم، توڙي جي هن باقي شعري صنفن ۾ به پاڻ کي وڃايو نه آهي. تڏهن به سندس “هئڻ” اسان کي نثري نظم جي صنف ۾ ملي ٿي. جيڪو سندس تخليقي سگھ جو ڀرپور حوالو آهي “هٿ ترين تي روشن دک” ص: 8 ۽ 9 پارس حميد جي شخصيت بابت اياز گل لکي ٿو ته: “جيئن نالي جو معنوي اولڙو شخصيت تي پوندو آهي، تيئن شخصيت جو عڪس تخليقار جي تخليقن ۾ نظر ايندو آهي، شخصي حوالي سان پارس حميد هڪ ماٺيڻو، محبتي ۽ نرم لهجي ۾ ڳالهائڻ وارو ماڻهو آهي، سندس انهيءَ سڀاءُ، محبت گاڏڙ ماٺيڻائپ جا سمورا رنگ روپ اسان کي سندس سموري شاعري ۾ نظر ايندا ايستائين جو جنگ، بمن ۽ بارودن جي ڳالھ ڪندي به هن جو لهجو سختي وارو ڪونهي، پارس حميد جي شاعريءَ بابت اياز گل لکي ٿو ته: “سندس شاعريءَ جا سمورا موضوع ڦري گهري ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان اچي انسان دوستي، پيار، اجري آئيندي جي خوابن ۽ برابريءَ واري سماج جي تمنا تي اچي دنگ ڪن ٿا. پيار تي، پيار وارن لاءِ پارس حميد جا رچيل نظم “ننڍڙي وھ جي گنڍڙي” وانگر اثرائتا ڀرپور ۽ خوبصورت آهن “هٿ ترين تي روشن دک” ص: 12 ۽ 13                               

ڊاڪٽر ادل سومرو لکي ٿو ته: “نئين ٽهيءَ جو سڄاڻ شاعر پارس حميد، نثري نظم جي صنف جي حوالي سان پنهنجي هڪ ڀرپور سڃاڻپ رکي ٿو… پارس حميد پيار ۽ درد جو شاعر آهي، پيار ۽ درد جيڪي زندگي جو حصو آهن . جن جو ڪنارو نه آهي ۽ اهي ڪيفيتون هن جي نظمن تي ڇانيل آهن. ساڳيو ڪتاب: ص: 17 ۽ 19

شاعر ڪٿا عنوان ۾ پارس حميد لکي ٿو ته: “مان خوش نصيب آهيان جو سنڌ منهنجو ديس آهي، ان ديس ۾ منهنجو ڳوٺ آهي ۽ اهو ڳوٺ سنڌ جي ٻين ڳوٺن جيان ئي ڦاٽل نقشي وانگر آهي جتي بک، اڌ اگهاڙا ٻار، بيمارين ۾ بنا علاج جي جهڪيل ماڻهو ۽ هيسيل عورتون رهنديون آهن. انهن حالتن ۾ هڪ عورت جي محبت ڪري مون شاعري لکڻ شروع ڪئي… دک جڏهن لفظن جو روپ وٺن ٿا ته شاعري بڻجي پوي ٿي ايئن ئي منهنجي اندر وارو اداس شاعر دکن جا نظم لکندو آهي جيڪي اڪيلائي جي احساس ڪري جنم وٺن ٿا (سڀ ڪجھ دک ئي آهن) آزاد نظم، نثري نظم، منهنجي پسند جي صنف رهيا آهن بهرحال پارس حميد سنڌي زبان جو خوبصورت سٽون سرجيندڙ، فن ۽ فڪر سان بحر بي ڪنار شاعر آهي ان ڳالھ جو اعتراف تاج جويي، رسول ميمڻ، اياز جاني به ڪيو آهي سندس نثري نظمن جا موضوع آهن، “درد جي موسم ۽ وڇوڙو” زندگي جي سنگرام ۾، يادن جو دروازو کلي ٿو، سانت ۾ سڏڪن جا پڙاڏا، سورج اسان جا هٿ کولي ٿو، اسان اڃان جيئڻ ٿا چاهيون “هاڻي ديوارون ڪجھ نٿيون ٻڌائين، ڪڏهن ڪڏهن، هاڻي تنهنجو ملڻ خواب آهي، مان رڳو ڌرتي تي امن ٿو چاهيان، سپنا جلاوطن ٿي ويا، وجود جي مڃتا، مان تنهنجو منتظر هوندس، درد جي ٽياس تان ڪريل ماڻهو، پيار جو عڪس، وھ وڇوڙي جو دک، سنگسار ٿيڻ جي موسم، اکين ۾ گم ٿيل پل، اسان کي اسان جا خواب ڊيڄارين ٿا، موسمن جو انتظار به ڪر “تو سنگ سنگ گذريل ڏينهن، شعور جي بيڪ ٽائٽل تان، درد ڪٿا، پوءِ مان جيئڻ سکي ورتو، پيار جا گل ٽڙيا پيا آهن، اکيون ۽ سپنا، پنهنجو چهرو ٿو ڳوليان، گم ٿي ويل شخص جو نوحو، دوکو، ڳولھا جا سراب، هُل، گئس ۽ مان، بيوسي، تنهنجي سار ڇانو ۾، خوشبوءَ جو انت نه ٿيندو، تنهنجي ياد جا لمحا، ڪساري مرڪ، سائرن جي آواز تي ٻار روئن ٿا، تنهنجو مون سان ڪيڏو نه پيار آهي، اضطراب، گيت گل نه بڻجي سگهيا، اکيون ۽ سپنا، دعائون سزائون، جيون ڪٿا، تون جا مون کان دور آهين، ڌرتيءَ جو دک، وسري ويل ماڻهوءَ جي ڪٿا، تنهائي، اعتراف، آسمان ڏاڍو رحمدل آهي، اُجاڙ شهر جو منظر، دائرن ۾ ڦاٿل اڪيلو ماڻهو، چئن سٽن جي دک ڪوتا، ڪائنات اِتي آهي، هٿ ترين تي روشن دُک، رتايل آڱريون ۽ تنهنجو نانو، مون کي ياد آهين ياد، هاڻي مان توکي الوداع نه چوندس، جي پٿر ٿيون ها، هڪ ويران اسٽيشن تي آخري ڏينهن، هاڻي نيرو سمنڊ نٿو سڃاڻي، زندگي صحرا جو سراب رهيو، منظور قادر لکي ٿو ته: “پارس حميد پنهنجي وجود ۾ صندل جي خوشبوءِ رکندڙ ٽشو پيپر جيان نرم مزاج ماڻهو آهي، تڏهن ئي سندس شاعريءَ ۾ ڄڻ محبت جا مٽ ڀريل آهن. هونئن به پيار انساني فطرت جو حقيقي عڪاس آهي. پارس حميد تي سنڌ جي سمورن ماڻهن جو فخر آهي. خاص طور تي آئون خوش نصيب آهيان جو منهنجي هن سان تمام گهڻي سٻنڌ آهي پاڻ پنهنجي نظمن جي عنوانن جهڙو خوبصورت دل ۽ سوچ جو مالڪ آهي سندس نظمن ۾ “گلاب رت ۾ تنهنجي ياد، ننڊ نيڻن جي آرسي، آزاد نظمن ۾: جانان جو متلاشي، ڪجھ به ڪونهي منهنجي من ۾، خواب اسان جا، گهايل بدن تي الزامن جا پٿر، ڪير آهي جو تنهنجي ياد وساري، دوزخ رستو، تنهنجي نالي هڪ نظم، تنهنجي سار جا حسين پيچرا، اسان نگاهن ئي نگاهن ۾ پئي ڳالهايو، هن جي  ڪتاب جا شروعات ۾ بهترين خيالن ۾ جوڙيل نقطا آهن جيڪي هن کي فن ڪمال جي طرف ڏانهن وٺي وڃن ٿا. انهن کي پڙهندڙ ساراھ کان سواءِ نٿو رهي سگهي.                                            

zulfiqaralijalbani86@gmail.com

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments