پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ اڄ پورهيتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ پهرين مئي تي مزدورن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. سڄي دنيا جيان پاڪستان ۾ به شڪاگو ۾ مزدورن جي شاندار جدوجهد ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اڄ پهرين مئي کي مزدورن جو عالمي ڏينهن طور تي ملهايو پيو وڃي،  جنهن سبب سڄي ملڪ۾ عام موڪل آهي. اڄوڪي ڏينهن جي حوالي سان اسلام آباد، لاهور سميت سڄي ملڪ ۾ حڪومتي ايس او پيز تي عمل ڪندي سيمينار منعقد ٿي رهيا آهن. صدر عارف علوي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مزدورن جي جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. حڪومت خاص طور تي مزدورن جي فلاح ۽ بهبود کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments