خاص

پاڪستان عرب ملڪن سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏيندو آهي: آرمي چيف

آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه يورپي يونين جي سفير سان ملاقات دوران چيو آهي ته پاڪستان عرب ملڪن سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏيندو آهي ۽ يورپي يونين سان به مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. رپورٽ موجب آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان يورپي يونين جي سفير جي ملاقات ٿي، ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي، علاقائي سيڪيورٽي تي ڳالهيون ڪيون ويون. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته ملاقات ۾ افغانستان جي صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون ۽ پاڪستان پاران يوپي يونين ۾ به جاري تعاون جا معاملا به غور هيٺ آيا.