ترڪيه: صدارتي چونڊن ۾ اردوان سميت ڪوبه ميمبر 50 سيڪڙو ووٽ نه کڻي سگهيو، ٻيهر ووٽنگ جو امڪان

ترڪيه جي صدارتي ۽ پارلياماني چونڊن کان پوءِ ڳڻپ جو عمل شروع ٿي ويو ۽ شروعاتي نتيجن موجب صدر رجب طيب اردوان کي مخالف اميدوارن تي برتري حاصل آهي. البته انهن جا 50 سيڪڙو ووٽ کٽڻ جا امڪان نه آهن. ترڪ ميڊيا رپورٽ موجب ترڪيه ۾ صدارتي چونڊن ۾ 98 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي وئي آهي. صداتي چونڊن جي هينئر تائين جي نتيجن موجب صدر رجب طيب اردوان 49.34 سيڪڙو ووٽ کڻي اڳيان آهي جڏهن ته ان جو مخالف اميدوار ڪمال قليچ داراوغلو 45.00 سيڪڙو ووٽن سان ٻئي نمبر تي آهي جڏهن ته ٽيون اميدوار سنان اوغان هينئر تائين 5.23 سيڪڙو ووٽ کڻي سگهيو آهي. ترڪيه جو صدر بنجڻ لاءِ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽن جي ضرورت آهي. 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ نه وٺڻ تي 28 مئي تي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ فيصلو ٿيندو. ان کان علاوه پارلياماني چونڊن ۾ به 98 سيڪڙو ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ هينئر تائين جي چونڊن موجب 600 جي ايوان ۾ صدر اردوان جي جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي 266 سيٽون کٽي چڪي آهي. ترڪيه جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 24 پارٽيون ۽ 151 آزاد اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن جڏهن ته رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ ساڍا 6 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments