داستانِ گل (داستان ڇهون)
”قصو انگريزي ڊپارٽمينٽ جي اِسرارن جو“ مان اقتباس
اسان وٽ سنڌ ۾ پروفيسر اجواڻي (Ajwani) 1947ع کان اڳ ۾ ”سنڌ ڊِي جَي ڪاليج ڪراچيءَ“ ۾ انگريزي ادب جو وڏو استاد ٿي گذريو آهي ۽ هن جي انگريزي ۾ لکيل ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ جهڙو ڪتاب اڃا تائين ته منهنجي نظر مان ڪونه گذريو آهي، پروفيسر ملڪاڻي، استاد بوٽاڻي ۽ پروفيسر ميڊم خميساڻي صاحبه ۽ پروفيسر اڪرم انصاري جا انگريزي ادب ۾ ڪارناما منهنجا هميشه رهبر ۽ نشانبر پڻ رهيا آهن. مون کي هاڻ ڇڏيو ته وڃي ”اَڇن ڪافرن جي ٻولي ۽ ادب پڙهان.“
بس سائين اهو فخر 72-1971ع تائين ئي قائم رهيو ۽ هو پنهنجي مخصوص ساڄي ڌُر وارن نظرين جي باوجود مون کي ڏاڍو ڀائيندو رهيو. آخر ۾ وزيراعظم ڀٽي صاحب Martial Law Regulation-114 ۾ ڪجهه يونيورسٽيءَ جي پروفيسرن کي به نوڪريءَ کان خارج ڪيو ته انهن ”شهيدن“ ۾ جليل صاحب جو به نالو سرفهرست هو.
اِنتهائي باخبر ۽ خاص ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته اِهو سانحو 4 مارچ 1967ع واري واقعي جو ”شاخسانو“ هو ۽ ان وقت جا شاگرد رهنما P.P.P جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ ڀُٽي صاحب ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي صاحب کي تمام ويجها ٿي ويا هئا ۽ انهن ويهي انهن استادن جون لسٽون ٺاهيون هيون، جيڪي يا ته جيئي سنڌ تحريڪ ۾ گهڻا سرگرم هئا، يا قومپرست شاگردن جي رهنمائي ڪندا رهندا هئا، يا وري خواهه مخواهه يونيورسٽي جي اندر سياسي طور P.P.P سان اختلاف ڪندا رهيا هئا ۽ يا وري جماعت اسلاميءَ جا همدرد، ڪارڪن، مُتفق ۽ رفيق هئا. اتفاق سان پروفيسر جليل ۾ اِهي ٽئي چارئي خوبيون يا خاميون رهيون هيون ۽ هو پنهنجي بي انتها علم ۽ دانش جي باوجود نوڪريءَ تان خارج ڪيو ويو، جنهن جو سخت افسوس ٿيو ۽ ساڳي ڪيفيت پروفيسر عمر ميمڻ ۽ برڪات وارثي جي باري ۾ به اڀري آئي.
ڪلاس جي پنجن ئي ڇوڪرين جو تعلق غير سنڌي خاندانن سان هو. چار ته سينٽ ميري جي انگلش، عيسائي ڪانوينٽ انگريزي ميڊيم اسڪول مان انٽر ڪري آيون هيون ۽ پنجين ڇوڪري شايد سانگهڙ جي هڪ Settler آبادڪار هئي. منهنجو اهو رڪارڊ آهي ته پورا چار سال يعني ٽي سال B.A. آنرز ۽ هڪ سال M.A. تائين، مون انهن مان ڪنهن به هڪ سان ڪڏهن به غلطيءَ سان نه ڳالهايو. ڇو ته اُهي به لڄاريون، ته مان به لڄارو! هاڻ اوهين سمجهي سگهو ٿا ته ان وقت جي پڙهائيءَ جي ماحول، شاگردن ۽ استادن ۽ هن موجوده وقت جي واتا ورڻ ۾ ڪهڙو ۽ ڪيڏو نه فرق آهي. هاڻي ته Sexual هراسمينٽ جا ڪيس فقط استادن جي خلاف داخل ٿين پيا، باقي شاگردن بابت سڀ خاموش آهن، جنهن جو سبب شايد اهو آهي ته ٻئي پاسا زور آهن.
انهن پنجن مان هڪ سابق ڪلاسڻ هڪ ڏينهن آمريڪن سينٽر ۾ پڙهائيندي منهنجي هڪ شاگرد ڀاڻيجيءَ کان جڏهن ذات Surname پڇي ته هن چيو ته، عُمراڻي.