ڪورونا، سمنڊ ۽ قلو پطرا
اهو جاڳڻ جو وقت اٿس، ٿوري جاڳ ٿيس، پاسو ورايائين هڪ اک کليل هڪ اک بند. کليل اک جي اڌوري فوڪس ۾ گهڙيال اٺ لڳي ڏهه منٽ.
“اڙي يار دير ٿي وئي”
ڪمبل لاهيندي ڀڻڪيو، وري ڪمبل مٿان ورائي ڇڏيائين.
موڪل. آچر. نه، ڪورونا، وري ننڊ اچي ويس.
پر ڏهين ڌاري اٿڻو هئس، جو سفر تي نڪرڻو هئس!
اٿندو ته چپل پائي شينڪ وٽ درسني جي اڳيان وڃي بيهندو پاڻ کي خوش ۽ تازو توانو محسوس ڪندو.
وڌيل شيو ۽ وکريل وار، ڏسي مرڪندو.
مُرڪ ۽ رات ڪي خواب جي سرهائي هوندي.
پيسٽ کانپوءِ شيو لاءِ مگ ۾ ڪوسو پاڻي کڻندو.
“ڪهڙو حال آ قلو پطره”
ڪرسيءَ تي آرام سان ويٺل سانوري قلو پطره ڏي ڏسندي چوندو قلو پطره خاموشيءَ سان ڏانهس ڏسندي.
هو مرڪي قلو پطره جي ڪارين اکين ڏي ڏسندو ۽ شيڪسپيئر کي خاموش سلام پيش ڪندو.
“هر خون خرابي جي شور ۽ شرابي جي ذميوار تون آهين قلو پطره.”
قلو پطره بي پرواهه نگاهه سان ڏانهس ڏسندي رهندي. برش تي ڪريم هڻڻ کان اڳ پاڻي ۾ ڊيٽول ملائڻ چاهيندو. آفٽر شيو گذريل هفتي کان ختم ٿي چڪو هو.
ڊيٽول به ڪونه هو “ڊيٽول لازمي آهي خاص ڪري اڄڪلهه”
هو چپن ۾ ڀڻڪيو، بيمار ٿيڻ ۾ دير ئي نٿي لڳي”
دروازو کولي ٻاهر دڪان تي ويندو.
آس پاس گذرندڙ ويٺل بيٺل ماڻهن جي اکين ۾ ڊپ جا پاڇولا ڄڻ زندگي هڪ هنڌ بيهي رهيل.
“ادا ڊيٽول آهي”
“ها آهي پر ڪجهه مهانگو” دڪاندار ٿورو شڪي ٿيندي چوندو.
“ڇو مهانگو ڇو” حيرت مان دڪاندار جي منهن ۾ ڏسندي چوندو.
“ادا ڪورونا جون ڪرامتون… ڊيٽول، سينيٽائيزر… ماسڪ مهانگا ٿي ويا آهن… وبا جا ڏينهن آهن ڀاءُ… وبا جا ڏينهن!”
هو ڊيٽول وٺي دڪاندار جي لفظن ۾ لڙهندو گهر موٽندو.
“وبا جا ڏينهن” اندر ۾ بيچيني جي ڪوساڻ محسوس ڪندو ۽ چپن ۾ ڀڻڪندي گارشيا مارڪيز لاءِ پنهنجائپ محسوس ڪندو.
“هڪ ڳالهه ته ٻڌائي” ڊپ جي لهر مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڊيٽول جا ڪجهه ڦڙا مگ ۾ وجهندي چوندو “وبا سان محبت جو ۽ محبت جو وبا سان ڪهڙو تعلق آهي.”
قلو پطره بدستور ماٺ.
ڄڻ ڳالهائڻ سندس مرتبي جي خلاف هجي.
هوءَ ڳالهائي ته ڳالهائي، هو ساڻس ڳالهائيندو رهندو آهي. اها سندس مجبوري آهي، ضرورت آهي، خوشي آهي، گهر ۾ ٻيو ڀلا آهي به ڪير قلو پطره کانسواءِ.
“وبا ۽ محبت جو پاڻ ۾ ڪو نه ڪو تعلق آهي ضرور قلو پطره! اهڙو تعلق جهڙو…! الائي ڪهڙو پر مطلب ته ڪو تعلق آهي ضرور…” ڏاڙهيءَ جي وارن تي ريزر هلائيندي ڪجهه سوچيندو، مرڪي پوندو. “پر توکي ڇو پيو ٻڌايان؟؟… تنهنجو ڇا وڃي محبت… هونهه” محبت جو لفظ ذهن جي ڪينواس تي ڪنول جي نيري گل وانگر اڀري اچڻ سان آسمان ڪڪر ڪارو نڀار بڻجندي ويندس… “قلو پطره تنهنجو تعلق نه سهي پارسا جو تعلق ته محبت سان آهي” ۽ کيس محسوس ٿيندو محبت جو تعلق موسمن سان به آهي!
“خبر اٿئي مان تنهنجي دنيا ۾ ڪٿان آئي آهيان؟”
“ڪٿان؟”
سياري جي سرمئي ڌنڌ جهڙي دنيا مان… جيڪا ڪهاڻين ۾ هوندي آهي… قصن ۽ خوابن ۾ هوندي آهي!
دراصل مون تنهنجي ڪهاڻين مان جنم ورتو آهي! تنهنجي خوابن مان نڪري تو وٽ آئي آهيان…”
۽ ان ڳالهه تي هو حيران نه ٿيو هو، جو اهو سچ هو. شيو ڪندي هو کيس نظم وانگر سارڻ ۽ سوچڻ لڳندو.
آسمان هميشه وانگر ڀورو خاڪسري آهي،
سج گهڻو وڏو ڪونهي، نڪو گرم آهي،
سج آسمان ۾ گهڻو مٿي ناهي،
صبح جي پهر جا پاڇولا ڊگها آهن،
پاڇولا ٿڌا آهن،
هوا گهلي ٿي،
جتي ڪٿي ڪاغذ اڏامندا ٿا وتن،
ماڻهن کي ڳرا جيڪٽ پاتل آهن،
ماڻهن جا گرم گرم ساهه ڏسي سگهجن ٿا،
ساهه ائين آهن جيئن چانهه…. مان اٿندڙ ٻاڦ!!
گذريل ويهارو کن ڏينهن کان آفيس بند آهي گهر جو قيدي ٿي ويو آهي. مڪمل واندڪائي، ٽي وي چئنلز ۽ ايف ايم ريڊيو جي وات تان ڪهي لٿل ماڻهو جي ڊپ کي ٻيڻو چوڻو ڪندڙ هي به بريڪنگ نيوز، تبصرا ماهرن اڌ ماهرن جا بحث، بڪواز… اوچتو فون جي گهنٽي وڄندي. قلو پطره ڇرڪ ڀري تجسس مان اسڪرين جي روشنيءَ ڏي ڏسندي.
“هيلو پارسا” هو مرڪندي چوندو. لڳندس ڄڻ ورهين کانپوءِ مرڪيو هجي.
“هيلو… ڪيئن آهين خوش آهين”
“فائن، تنهنجو نالو ڏسي ڪير ڪافر خوش نه ٿيندو”
“بس هاڻي مکڻ نه هڻ”
“تون سڀ ڄاڻين ٿي”
“ٻيو ڇا پيو ٿئي”
“بس… ڪورونا جي مهرباني سان واندڪائي آهي. پڙهڻ ۽ فقط پڙهڻ… ۽ ٽي وي تي ڀيانڪ منظر ڏسڻ”
“ڇا پيو پڙهجي” هوءَ ڳالهه جو رخ موڙڻ لاءِ چوندي.
“Love in the times of cholera”
“واهه واهه پر مان سمجهان ٿي اهو ته اڳ به پڙهيل اٿئي…” ڪامياب حڪمت عملي تي خوش ٿيندي چوندي.
“ها… پر وبا جي ڏينهن ۾ لکيل ناول وبا جي ڏينهن ۾ پڙهڻ جو پنهنجو مزو آهي… عجيب… وڻندڙ… حيران ڪندڙ…” هو ناول جي رنگ ۾ رنگجندي چوندو.
“اڇا… سهي… ٻڌ…”
“جي”
“آفيس؟”
“بند آهي”
“گهڻن ڏينهن لاءِ؟”
“اڻ ڄاتل مدي تائين”
“ته پوءِ…”
“پوءِ ڇا…” هو ڄاڻندي به پڇندو.
“مان چوان ٿي ته… ڪجهه وقت لاءِ هيڏي ڇو نٿو هليو اچين…” هوءَ هٻڪندي چوندي.
“اچي ته سگهان ٿو پر…” هو دل ۾ خوش ٿيندي چوندو.
“پر؟”
“پر حالتون ٺيڪ ناهن”
“حالتون ته ڪٿي به ٺيڪ ناهن”
“ها ايئن ته آهي”
“ٻڌ؟”
“جي”
“I miss you”
“آءِ فيل… پر ٿورو احتياط سان ڳالهائي”
هو پنهنجي مرڪ جي دائري ۾ چوندو.
“ڇو… احتياط ڇو ته…”
“قلو پطره نه ٻڌي وٺي”
“بس هاڻي ٺهيو… تو به قلو پطره کي ڪجهه وڌيڪ ئي مٿي تي چاڙهي ڇڏيو آهي”
“ها… ايئن ته آهي”
“ايئن سهي ناهي”
“ڇا”
“ڪنهن کي مٿي تي چاڙهڻ”
“اف… توهان خواتين ۾ حسد…”
“حسد جي ڳالهه ڪانهي…”
“باقي”
“وبا جا ڏينهن آهن”
“سو ڇا ته”
“خدا ناخواسته ڪو وائرس لڳئي ته…”
“نه نه… اهڙي ڳالهه ناهي… ڊونٽ وري شي از ايبسوليوٽلي هائيجينڪ”
هو اندر ۾ اڀري آيل ڊپ جي هڪ تيز ڇولي اورانگهيندي چوندو… پر ڇولي اورانگهي نه سگهندو ڇولي کيس اورانگهي ويندي.
“اوڪي پر وري به محتاط رهجان”
“ها” گم سم گم سم وراڻيندو.
“پوءِ ڇا خيال آهي”
“ڇا بابت… ذري گهٽ ڇرڪ ڀريندي چوندو
“اڙي بابا هيڏي اچڻ لاءِ”
“اوهه… ها… سچي… سهي سهي تون ڇاٿي ڀانئين؟”
“ته”
“منهنجو ارادو ڪهڙو آهي”
“مون کي ته لڳي ٿو تون اچين پيو”
“اڙي… توکي ڪيئن خبر پئي؟”
“ته”
“ته مان توڏي اچان پيو”
“دل کي دل ارادا معلوم هوندا آهن سرڪار”
هوءَ وڏو ساهه کڻي دلربا لهجي ۾ چوندي.
“هم… ايئن ته آهي”
“مان اڄ شام سمنڊ تي انتظار ڪنديس”
“سمنڊ تي ڇو؟” “اهو راز آهي”
“ها… ٺيڪ آهي… هاڻي اجازت هجي ته مان تياري ڪيان؟”
“ها… بلڪل… باءِ”
هو فون رکي ريزر کڻندو ته هٿ ۾ هلڪي جنبش محسوس ڪندو… قلو پطره ڏي ڏسندو… جانور… پکي… وائرس… ڪورونا… لا علاج مرض… ويڪسين تيار نه ٿي سگهي آهي… نازڪ نفيس قلو پطره سندس اُڻ تُڻ کان بي نياز اکيون پوريو پنهنجي ڪنهن خواب ۾ گم…
خطرناڪ مرض… جنهن کي لڳو سو سمجهه ته ڄائو ئي ڪونه هو… ماڻهو تڙپي تڙپي مري ٿو… ساهه ئي نٿو کڻي سگهي. هو پاڻ کي Panic attack جي دائري ۾ ڦاٿل ڀائيندو.
“قلو پطره منهنجو خيال آهي هاڻي توکي منهنجو گهر ڇڏڻ گهرجي” هو ته چاهيندي به ڊپ جي اوچتي دٻاءُ هيٺ اداس ۽ ڊنل لهجي ۾ چوندو.
“پر ڪيڏانهن… مطلب ڪٿي رهندي… ڪٿي به وڃي رهي منهنجو ڇا… ملڪ مولا جو گهڻو آهي…”
کيس پنهنجي آواز تي حيرت ٿيندي. قلو پطره ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ تان لهندي، ڀت جي اوٽ مان گذري اس جي مستطيل ۾ وڃي ليٽي پوندي. جهڙي راڄ راڻي…
شيو ختم ڪري برش ڌوئي سامان شيونگ ڪٽ ۾ رکي واش روم ڏي وڃڻ لاءِ قلو پطره وٽان گذرندي هڪ پل لاءِ بيهڻو پوندس، بيهندو.
“قلو پطره هاڻي ڳالهه ٻڌ” اوڪڻو ويهي قلو پطره سان همدرد ۽ ڏکاري لهجي ۾ ڳالهائيندو” ڳالهه هيءَ آهي ته تو مون وٽ جيڪو به ۽ جيترو وقت به کاڌو پيتو اهو مون توکي معاف ڪيو. توکي جيڏانهن وڻي ڀلي اوڏانهن هلي وڃ… اوڪي؟”
قلو پطره ڪجهه اهڙي نهار سندس منهن ۾ وجهندي جو هو اندر ۾ لرزي ويندو… وڌيڪ ويهي نه سگهندو، اٿي کڙو ٿيندو. اها نهار خنجر وانگر ڇاتيءَ ۾ کپي ويل محسوس ڪندو. جهڙي ڪنهن زخمي ماڻهوءَ جي نهار. شاور مان نڪرندڙ گيزر جي گرم پاڻيءَ جي ٻاڦ ڇڏيندڙ دونهين ۾ وهنجندي هو خوشيءَ لاءِ جي گڏيل ڪيفيت ۾ مبتلا رهندو.
خوشي پارسا سان ملڻ جي.
ڏک قلو پطره کان وڇڙڻ جو.
واش روم مان نڪري تڪڙ ۾ تيار ٿيڻ لڳندو. جو معلوم اٿس ته اڄ نڪري نه سگهيو ته پوءِ شايد وڃي نه سگهندو. هڪ ته لاڪ ڊائون سخت ٿيڻ سان ٽريفڪ بند ٿيڻ جو امڪان آهي ٻيو ته شايد پوءِ پنهنجي فيصلي/ارادي تي قائم نه رهي سگهي! ڪپڙا پائي ضروري سامان شولڊر بيگ ۾ وجهي ٻاهر نڪرڻ لڳندو ته اس جي ننڍڙي دائري ۾ گهر ڌڃاڻيءَ وانگر سڪون سان ليٽيل قلو پطره تي نظر پوندس، بيهي رهندو. پنهنجي لفظن تي افسوس ۽ پڇتاءُ محسوس ٿيندس.
“قلو پطره! مان جلدي موٽي ايندس. مائنڊ نه ڪجان ڀلا پليز… پنهنجو خيال رکجان. تون پنهنجو خيال رکي سگهين ٿي. مون کي خبر آهي، پڪ آهي، ڪنهن به ڪتي ٻلي کان نه ڊڄجان تنهنجي چيلهه اگهاڙي تلوار آهي قلو پطره… نيڻ زهر ٻڏل جاڙا خنجر اٿئي هڪ ئي وار ۾ ڪئي سيزر گهائي ٿي سگهين… پر ٻڌ… بروٽس کان بچجان، بروٽس لڪي وار ڪندو آهي ڪورونا وانگر” هو آخري جملي ۾ ڪيل پنهنجي ڀوڳ تي پاڻ مرڪندو، دروازو ڏيئي ٻاهر نڪرندو. بنا ان ڄاڻ جي ته جيستائين هو واپس موٽندو ايستائين قلو پطره گهر ۾ هوندي به الائي نه هوندي! طبيعت جي تيز آهي.
ممڪن آهي هجي!
ممڪن آهي نه هجي!
Well, now,
If little by little you stop Loving me,
I shall stop loving you little by little.
If suddenly you forget me,
do not look for me
For I shall already have
Forgotten you.
(Pablo Neruda)
ڪوچ ۾ ويهندو ته عجيب اڻ وڻندڙ بوءِ ۾ گهيرجي ويندو. ماڻهن جي پگهر، ساهه، ٻارن جي نيپز، پيشاب، پرفيومس، پائوڊر، باڊي اسپريز، آوازن، ڳالهين ۽ لهجن جي ڪاڪ ٽيل
بوء.
پاڻ کي تڪليف ۾ ورتل ڀائيندو نه سمجهه ۾ ايندڙ مختلف قسم جي تڪليف.
“ممڪن آهي ته وائرس جي بوءِ هجي… نه به هجي… هجي به… ڪهڙي خبر… ڪجهه چئي نٿو سگهجي… چئي سگهجي ٿو”
ايف ايم ريڊيو ۽ آسپاس موجود مسافرن جا جملا…
- رب پناهه ڏي الائي ڪهڙا ڪهڙا مرض نڪري پيا آهن.
- سڀ عملن جون شامتون آهن.
- اڄوڪي ڏينهن اندر ووهان شهر ۾ اٺ سئو ماڻهو ڪورونا ۾ وٺجي ويا، ٻه سئو فوت.
- ادا حالتون خراب آهن.
- اسپين قبرستان بڻجڻ لڳو آهي.
- زندگي موت رب جي وس آهي.
- يهودين جي سازش آهي.
- ووهان مان نڪتل وائرس سڄي دنيا کي وڪوڙيندو پيو وڃي.
- اسان مسلمانن تي رب جو خاص ڪرم آهي. ڪافرن جي سازش هئي ته مسلمان هڪٻئي سان هٿ نه ملائين… اسان کان ايمان کسڻ جا بهانا آهن.
- تبليغي ڪورونا ڦهلائي رهيا آهن.
- ايران عراق مان آيل زائرين وائرس کڻي آيا آهن.
- ادا ايئن به ڪونهي… دنيا ۾ وبائون اينديون آهن. مڪو، مدينو، حج، عمرو بند ٿي ويا آهن، ڪجهه ته آهي.
هو ماسڪ ۾ ساهه کڻندي ڏکيائي محسوس ڪندو.
ماسڪ لاهي ڇڏيان!
نه، ماسڪ نه لاهڻ گهرجي، احتياط ضروري آهي.
پوئتي سيٽ تان ڪنهن جي کنگهڻ جو آواز… کنئون کنئون کنئون… ڪوفت ٿيندس… اف… متان ڪورونا هجيس… مصيبت… ڪوچ ۾ نه ويهڻ گهربو هئم… غلطي ٿي وئي… ڪٿي مون کي نه وائرس لڳي وڃي… لڳي به سگهي ٿو… ڇو نه… متان مون کي قلو پطره مان لڳي چڪو هجي… روز وٽيءَ ۾ کير ڊبل روٽي ڀر ۾ رکي وارن تي هٿ… نه… ها… ممڪن آهي… نه ته پوءِ ساهه ۾ سوڙهه ڇو… پر مون کي ته بخار ڪونهي… مٿي ۾ سور به… نه… ڪونهي” دل ڪچي ٿيندي ڀائيندو. الٽي جهڙو احساس… ڀنواٽي… ملڪ ۾ لاڪ ڊائون جو امڪان آهي… ويڪسين… ٽيسٽ… نيگيٽو… پازيٽو… بدمعاشي… سرمائيدار… جمهوريت… عوام… سائنس جي ناڪامي… نه. مذهب ناڪام ٿي ويا… دعا جا در بند… دنيا ترقي… جيٽ جهاز… ميزائل… ائٽم بم.. ڪلوننگ… اسپيس… چنڊ تي قدم… مريخ تي نگاهه… وائرس خلاف لاچار… آرٽيفيشل ذهانت… گلوبل وليج… جديد ٽيڪنالاجي… گوگل… هٿ ۾ علاوالدين جو چراغ… دولت… بک… حرص… حوس… عالمي داداگيري… فطرت سان ٽڪراءُ… هوا ۾ زهر… سمنڊ ۾ زهر… درياهن ۾ زهر… کاڌي ۾ زهر… فطرت جو انتقام… موت جي بوءِ… پارسا کي به ڪورونا هوندي… ڪنهن کي خبر… وڏو شهر… وڏو امڪان… غلط… سهي… ڪجهه به ٿي سگهي ٿو… احتياط… ڇا… مطلب. ممڪن آهي پارسا به ڪيريئر هجي!! ميٽرو پوليٽن شهر ۾ ٿي رهي… سروس به اسپتال ۾ اٿس… وڏو امڪان آهي!!
لا علاج مرض… خواب… ساڀيان… خدشو… سچ… فوجي ٽرڪن ۾ لاش… قبرستان ڀريل… اجتماعي قبرون… جراثيمن جا ڪٽڪ… عذاب… گناهه… ثواب… مسجد اقصيٰ جي در تي تالو… سڙندڙ لاش… ماڻهو گهرن ۾ قيد… بي يقيني… فرسٽريشن… نااميدي… يڪسانيت… زندگي مفلوج… سڀ ڪجهه بي معنيٰ… ماڻهو ماڻهو کان ڊنل… ترقي جي نهج تي پهتل دنيا کي هڪ وائرس وائڙو ڪري ڇڏيو آهي… هٿيارن جا ذخيرا ٺٺول بڻجي ويل…!! تاج محل ۾ اونداهي، چرچ، ڪليسا، مسجد مندر ويران، چائنا ذميوار آهي، آمريڪا ذميوار آهي، سائنسدان ذميوار آهن، ڪتي جي ڪنڌ ۾ پيل ڪيئان… جراثيم… وائرس… هنچ بيڪ آف نوٽري ڊئم جو ڪٻڙو خدمتگار. ڪليسا جو ڀاري گهنڊ وڄائي دنيا جي خاتمي جو اعلان پيو ڪري… ڍڙام ڍڙام ڍڙام ڍڙام…
آواز تي هن جون اکيون کلنديون.
موبائل جي رنگ ٽيون هوندي.
“هيلو”
“هيلو… فون کڻڻ ۾ دير ڪئي؟”
“ها.. نه… ها… مطلب… اصل ۾ شايد ٿوري ننڊ…”
“ڇو… خير ته…”
“ها… بس ايئن…”
“طبيعت ته ٺيڪ…”
“ها… ٺيڪ…”
“مان ٺيڪ… تون ڪٿي آهين”
“تنهنجي آسپاس…”
“واقعي… ڪٿي؟” هوءَ حيرت مان آسپاس ڏسي چوندي
“پهچڻ وارو آهيان… بلڪل ويجهو… سي بريز وٽ”
“اوڪي…”
“اوڪي”
ڪوچ مان لهندو ته شام ذري گهٽ رات ۾ بدلجي چڪي هوندي.
سياري جي شام به جهڙي رات!
روڊ رستا چوڪ چوراها دڪان… عمارتون… بازارون… پلازه… شاپنگ مال… ويران ويران… ڄڻ زندگيءَ جي وجود کي موت جو نانگ سونگهي ويو هجي.
ٽيڪسي سمنڊ ڏي روان دوان، هوا ۾ گهم، دريءَ مان ڪار ۾ ڪاهي پوندڙ سامونڊي هوا.
“مون کي لڳندو آهي مان سمنڊ جي ڌيءَ آهيان” پارسا جي ڳالهين جا ياد ايندڙ جملا “سمنڊ سان منهنجو پراڻو سڱ سياپو آهي، مان نوري ته خير ناهيان، پر مهاڻي ضرور آهيان. منهنجا ابا ڏاڏا سمنڊ ۾ ٻيڙا ڪاهي ويندا هئا… مڇي مارڻ… جيئڻ مرڻ خوشي غم شادي ڄم سمنڊ ۾! سمنڊ سان جهيڙا، سمنڊ سان پيار… رنج رساما سمنڊ سان!”
هو حيرت مان خاموشيءَ سان ايئن ٻڌندو رهندو ڄڻ هوءَ ڇوڪري نه هجي سامونڊي ٻيٽ هجي! ڇولي هجي… ڇر هجي… ڪو پکي هجي يا مڇي هجي. “سمنڊ به هڪ دلڪش دنيا آهي ڄڻ… جنهن وٽ خواب آهن… ساڀيائون آهن… ڳالهيون آهن… سرٻاٽ آهن… مرڪو ٽهڪ آهن، سڏڪا ۽ لڙڪ آهن! محبتون آهن نفرتون آهن… مٺاڻ آهي ڪوڙاڻ آهي… زندگي به آهي ته موت به آهي…”
هوءَ سمنڊ بابت ڳالهائيندي ته سندس لفظ لهجو آواز زخمي زخمي ڀاسندو…
“سمنڊ تباهه ٿي رهيو آهي… وڏن وڏن شهرن مان ماڻهن ۽ ڪارخانن جو سمورو گند سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿو ڪري! سمنڊ زهر ٿي ويو آهي. سمنڊ تڙپي ٿو، لڇي ٿو… رڙيون ٿو ڪري… ڪير به سندس دانهن نٿو ٻڌي… هڪ ڏينهن سمنڊ بي حس ٿي پوندو… شهرن کي تباهه ڪندو… بدلو وٺندو”
هن جي اکين ۾ لوڻياٺي گهم ڀرجي ويندي “خان صاحب” هو ڌيان هٽائڻ لاءِ ڊرائيور سان ڳالهائيندو.
“جي صاحب”
“خان آپ ني ماسڪ نهين پهنا… ڪورونا ڪا ڊر نهين لگتا”
“ووءِ صاحب، ام غريب لوگ ڊريگا تو روزي ڪيسي ڪريگا، مرنا تو ايڪ دن ويسي ڀي هي، ڦر ڊر ڊر ڪي جيني سي ڪيا…”
“بات تو برابر هي خان صاحب”
خان صاحب ڳالهائيندو رهندو. هو دريءَ مان نظر ايندڙ روشن نيم روشن منظر ڏسندو رهندو، ڪار هلندي رهندي. سمنڊ پنهنجي پُر شور وجود سميت ظاهر ٿيندو. هو ڪرايو ڏيئي ماسڪ اڇلائي هيٺ لهندو. سمنڊ جو ڪنارو کيس اوپرائپ جي حد تائين اهڙو اداس ۽ ڀڙڀانگ ڀاسندو ۽ جهڙو مري ويل شهر جو تڏو. چنڊ آسمان جي پيشاني تي بنديا جيئن جرڪي رهيو هوندو. سامونڊي لهرون چانڊوڪيءَ ۾، ڪوٺاريءَ مان وهندڙ چانديءَ وانگر وڇائجنديون ۽ ويڙهجنديون وينديون. لهرن جي ڇيڙي تي کيس هوءَ هڪ اڪيلي بينچ تي سمنڊ ڏي رخ ڪري ويٺل نظر ايندي. ڄڻ سمنڊ کان ڪهاڻي ٻڌندي هجي يا سمنڊ کي ڪو راز ٻڌائيندي هجي. خاموشيءَ سان هلندو اچي ڀر ۾ بيهندس. هوءَ ريشمي شال سنڀاليندي اٿي بيهندي. چانڊوڪيءَ ۾ جرڪندڙ سانورو سراپا، هلڪا گلابي ڀريل ڀريل چپ، دراز قد، سمنڊ وانگر اداس ۽ باوقار جهڙي “Message in a bottle” جي نائڪا.
“سمنڊ تي ملاقات جو ڪو خاص يا عام سبب؟”
“اهو منهنجو خواب هو ته توسان پهريون ڀيرو سمنڊ جي ساٿ ۾ لهرن جي رڌم تي ملنديس. سمنڊ کي Tribute پيش ڪرڻ لاءِ! سمنڊ جي زخمي روح کي خوش ڪرڻ لاءِ…”
هو محسوس ڪندو ته ساڻس سمنڊ ڳالهائي رهيو آهي.
ڀر ۾ ويٺل، کليل وارن سان اڇي وڳي ۾ ملبوس عورت دراصل عورت ناهي ڪو افسانو آهي!.
She is not a Woman
But a Sea goddess
هن کي گهڻو ڪجهه ڳالهائڻو هو. بينچ تان اٿي ۽ گڏ گڏ هلڻ لڳندا. ساحل سان اڳتي… اڃان گهڻو اڳتي… وچ جو فاصلو قدم قدم سان گهٽجندو ويندو! هڪ نفيس عورتاڻو هٿ هڪ مرد جي هٿ ۾ ماپي ويندو. سندس ٻانهن سنهي چيلهه ۾ ورائجي ويندي.
تنهنجي چيلهه اگهاڙي تلوار آهي قلو پطره، تون هڪ ئي وار ۾ ڪئي سيزر گهائي ٿي سگهين!
آسمان ۾ چمڪندڙ چنڊ ساحل تي بيٺل ٻن پاڇن کي پاڻ ۾ پيوست ڏسي مرڪندو. ٻانهن جي گهيري ۾ وقت ۽ حالتن جون حدون ڍڪجي وينديون. اخبارون، تبصرا، بريڪنگ نيوز جو طوفان، ڊپ ۽ خدشا معدوم ٿي ويندا. زندگيءَ کي لاحق سڄو عذاب سمنڊ پنهنجي سيني ۾ جذب ڪري ڇڏيندو!. هو ڀاڪر جي ڪوساڻ ۾ پنهنجو بدن پگهرجندو ڀائيندو! کاڏي، چپ، ڳل ۽ اکيون اس ۾ سڙندي محسوس ڪندو.
اکيون کوليندو.
نگاهه جي فوڪس ۾ گهڙيال.
وقت: ڏهه لڳي ڏهه منٽ.
جلدي هنڌ مان اٿيو ۽ اچي شينڪ وٽ بيٺو.
منهن ڌوئڻ کان اڳ آواز ڪنائڻ لڳو.
هيڏي هوڏي ڏٺائين.
قلو پطره گهر ۾ نه هئي.
درسنيءَ ۾ پنهنجو چهرو ڏسي مرڪڻ چاهيائين.
پر مرڪي نه سگهيو!

