بلاگخاص

 پاڪستان معاشي بحران ۽ ناڪاري سياست مان نڪري سگهندو…؟! رشيد ابڙو

پي ٽي آءِ جي آزادي مارچ واري ڊراپ سين کان پوءِ اصل معاملو گادي واري شهر اسلام آباد ۾ دنگي فساد، ملڪي سلامتي کي درپيش خطرن ۽ معاشي بحران وارو آهي، جنهن تي سپريم ڪورٽ سيڪيورٽي ادارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، ان رپورٽ آڌار اعليٰ عدالت عمراني سياست جي مستقبل جو فيصلو ڪندي. ٻيو معاملو عمران جي انٽرويو وارو آهي، جنهن ۾ ڪپتان اسٽيبلشمينٽ ۽ ادارن خلاف ڳالهائي ملڪي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، ان کان اڳ ڪپتان اسٽيبلشمينٽ ۽ ادارن بدران لٺ بردار آمريڪا جي مبينا  سازش وارو راڳ آلاپيندو رهيو هو، اهو ڌمڪي وارو خط ته الائي ڪيڏانهن ويو، ڪپتان هاڻي ان نيوٽرل جي خلاف ٿي ويو آهي، جنهن ان کي اقتدار ۾ آندو. اقتدار وڃڻ کان پوءِ عمران جي ننڊ حرام آهي، هو ٻيهر اقتدار جي مسند تي ويهڻ لاءِ بي چين آهي ۽ ڪنهن به حد تائين وڃڻ جو ارادو رکي ٿو. تازو خانگي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو بعد ڪپتان جو اصل چهرو عوام آڏو بي نقاب ٿيو آهي. عمران ملڪ کي ٽن ٽڪرن ۽ ايٽمي هٿيار هٿن مان نڪرڻ ۽ فوج جي تباهي واري ڳالهه ڪري ملڪ دشمني تي لهي آيو آهي.

آصف زرداري عمران جي ان نئين Narrative  )بيانيه) تي احتجاج جو سڏ ڏنو آهي، مريم نواز ڪپتان کي نفسياتي مريض قرار ڏئي سندس گهمڻ ڦرڻ تي پابندي لڳائڻ سان گڏ اهو سوال اٿاريو آهي ته ڀٽو شهيد ٿي ويو، نواز شريف ملڪ بدر آهي ۽ بينظير ڀٽو شهيد ٿي وئي پوءِ به پاڪستان کپي جو نعرو لڳو هو. عمران کي ته اڃا ڪنهن ڪجهه چيو به نه آهي، پوءِ هن ڪنهن جي ايجنڊا تي ملڪ کي ٽن ٽڪرن ڪرڻ واري ڳالهه ڪئي آهي. ڇا هو زيڪ گولڊ سمٿ جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو پاڻ اسرائيلي آهي. سياسي ڌرين جو چوڻ آهي ته دشمن به اهو ڪم نه ڪري سگهيا، جيئن عمران ملڪ جي سلامتي سان کيڏي رهيو آهي. معاشي خراب حالتن باوجود ڏينهن رات ڪرسي لاءِ بي چين رهندڙ رانديگر هر صورت ۾ موجوده سرڪار کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پنهنجي توانائي خرچ پيو ڪري، هو اقتدار مان لهڻ کان پوء اڳرائي واري موڊ ۾ آهي ۽ اهو طئي ڪري ويٺو آهي ته موجوده سرڪار کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏيندو، چاهي کيس جيل وڃڻو پوي يا جان وڃائڻي پوي، برداشت ڪرڻ سندس وس ۾ ناهي. ملڪ کي ٽن ٽڪرن ۾ ورهائڻ ۽ ادارن خلاف سندس بيان مان واضح ٿي چڪو آهي ته آمريڪي مبينا سازش ۽ ڌمڪي واري ڳالهه نسورو ڪوڙ هئي، اصل جهيڙو اسٽيبلشمينٽ سان هو. آصف زرداري ۽ نواز شريف گهڻو اقتدار ۾ رهيا، طاقتور ڌرين سان سندن جهيڙا به ٿيا هوندا، پر هو ان حد تائين نه ويا، جيئن عمران اقتدار جي خاطر هر حد پار ڪري  ڇڏي ۽ ڪرسي خاطر ملڪ جي سلامتي سان کيڏي رهيو آهي، سندس  فتني واري سياست سبب ويتر ملڪ معاشي بحران جي گهيري ۾ آيو آهي. ڪپتان چوندو ڪجهه هو ۽ ڪندو ٻيو ڪجهه هو. اقتدار تان لهڻ کان پوءِ هو خودڪش جيڪٽ پائي بمبار ٿي اڀريو آهي، آمريڪا، ڀارت ۽ اسرائيل جي مخالفت ته ڪري پيو، پر لڳي ائين ٿو سندس ايجندا تي  ڪم پيو ڪري، سندس تازي تقرير مان معلوم ٿئي ٿو ته اصل جهيڙو اسٽيبلشمينٽ سان هو ۽ ٽڪراءَ واري صورتحال هئي ۽ نالو پرڏيهي سازش جو ورتو پئي ويو.

ڪپتان اقتدار ملڻ بعد اسٽيبلشمينٽ جي چنبي مان نڪري ويو هو، اسٽيبلشمينٽ آڱر مان وٺي هلائڻ پئي چاهيو پر دادلي ٻار چيو نه پئي ڪيو. سندس ايڪشن مان معلوم ٿئي پيو ته جن ملڪن جي هي مخالفت ڪري رهيو آهي، انهن جي ايجنڊا تي هلي ملڪ جا ٽي ٽڪرا ڪري ها، جيڪا ڄاڻ طاقتور ڌرين کي پئي ته جهيڙي ۽ ٽڪراءَ واري صورتحال پيدا ٿي ۽ ايڪسيڊنٽ ٿي ويو.

اهو واضح آهي ته پي ٽي آءِ ناڪاري سياست جو بنياد رکڻ  واري پارٽي ٿي اڀري آهي، سياست ۾ به ڊسپلن هوندو آهي، پر خان جي سياست ڊسپلن کان خالي آهي، هو صرف شهرت لاءِ اقتدار چاهي ٿو. عوامي اشوز سان کيس ڪا به دلچسپي ناهي، هو پنهنجي ذات ۽ پنهنجن دوستن کي نوازڻ لاءِ پاور ۾ اچڻ لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي ويٺو آهي، ڪپتان پنهنجن ساڍن ٽن سالن واري دور ۾ به انهن دوستن کي نوازيو، جيڪي ڪنسٽرڪشن انڊسٽري سان وابستا هئا. هو اڃا مئچور سياستدان نه بڻجي سگهيو آهي، اسٽيبلشمينٽ جو اعتماد وڃائي ويهڻ بعد ملڪ، ادارن خلاف ۽ ايٽمي اثاثن جي کسجڻ جي باري ۾ ڳالهائي هن پنهنجي ساک ويتر خراب ڪري ڇڏي آهي، عمران اقتدار نه ملڻ جي صورت ۾ افغانستان شفٽ ٿيڻ جي به ڌمڪي ڏني آهي، اهڙي ناڪاري سياست جو بنياد رکندڙ ۽ باغي دادلو ٻار سخت سزا جو مرتڪب ٿيڻ وڃي رهيو آهي.   

معيشت جي تباهي عمران جي اقتدار سنڀالڻ کان ئي شروع ٿي وئي هئي ۽ هاڻي به عمران جي ناڪاري سياست سبب معاشي بحران پيدا ٿيو آهي ۽ سرمائيڪارن لاءِ بي اعتمادي واري صورتحال پيدا ٿي آهي. اهڙي ناڪاري سياست سبب بحران مٿان بحران پيدا ٿي رهيا آهن. ڪپتان پنهنجين غلطين جو سڄو الزام ۽ بار موجوده  حڪومت جي جهوليءَ وجهي ڇڏيو آهي. هڪ ڀيري اڳوڻي خزاني واري وزير حفيظ شيخ کان خزاني جي صورتحال بابت سوال ڪيو هئم ته وزير موصوف کان اهو جواب مليو هو ته ”ديڳڙي ۾ جيڪا ڀاڄي پڪل هئي، اها ته کائي ويا آهن، رڳو کرڙ وڃي بچي آهي، اها به کائي ويندا.“ ان ڳالهه تي ڏاڍي کل آئي هئي. حفيظ شيخ به معيشت جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيو پئي، پر ان کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو. اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري مهانگائي ۽ غربت ۾ اضافو ٿيو، ڇاڪاڻ ته عوام جي حالت کي نه پر ٽي وي ڏسي پاليسيون ٺاهيون پئي ويون، زميني حقيقت کي نظرانداز ڪيو ويو، جنهن سبب مهانگائي ۾ 3 مان 13 سيڪڙو اضافو ٿيو. پي ٽي آءِ سربراهه اقتدار کان اڳ ۽ اقتدار ملڻ بعد به ڪنٽينر تي چڙهيل آهي ۽ رڳو غلط بياني ڪري عوام کي گمراهه ڪيو ۽ سندن ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اسلامڪ ٽچ ڏيندو رهيو آهي.

عمران آءِ ايم ايف کان قرض جي بحالي لاءِ غلط معاهدو ڪيو، جيڪو موجوده حڪومت لاءِ پريشاني جو سبب بڻيل آهي، آءِ ايم ايف جو شرط آهي ته پيٽرول تي سموريون سبسڊيون ختم ڪيو، پوءِ قرض جي بحالي ٿيندي. موجوده حڪومت به آءِ ايم ايف جي شرطن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪم پئي ڪري، ان حوالي سان وڌيڪ مشڪل فيصلا ٿيڻا آهن، پيٽرول ۽ بجلي کان پوءِ هاڻي گئس به مهانگي ڪئي وئي آهي، جنهن جو سڌو بارعوام جي ڪلهن تي پوڻو آهي.

موڊيز پاڪستان جي نئين ريٽنگ جاري ڪري آئوٽ لڪ مستحڪم مان منفي ڪري خطري جي گهنٽي وڃائي ڇڏي. هاڻي موجوده حڪومت لاءِ چارٽر آف اڪانومي وقت جي اهم ضرورت آهي، ان حوالي سان سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت ڪرڻ ضروري آهي ۽ سخت معاشي مشڪلات ۾ ڏکيا فيصلا اڻٽر ٿي ويا آهن. جون ۾ آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي جو امڪان آهي، ان لاءِ اڃا باهه جو درياهه پار ڪرڻو پوندو. ڏسجي ته موجودهه حڪومت ان مشڪل معاشي صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ڪهڙا فيصلا ٿي ڪري ۽ عوام جو ردعمل ڇا ٿو نڪري. اهم سوال اهو آهي ته پاڪستان معاشي بحران ۽ ناڪاري سياست مان نڪري سگهندو..؟