پاڪستان کي چين کان 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر قرض ملي ويو
1528
Shares
چين پاڪستان کي ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالر قرض ڏئي ڇڏيو، ناڻي واري وزير رقم اسٽيٽ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته مان خوشي سان اعلان ڪريان ٿو ته چيني ڪنسورشيم طرفان پاڪستان کي قرض جي مد ۾ 2 ارب 30 ڪروڙ ڊالر ملي ويا آهن. هن ٻڌايو ته اها رقم اسٽيٽ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي وئي آهي جنهن کانپوءِ اسان جي ناڻي ذخيرن ۾ واڌ ٿي آهي.