خاص

پاڪستان ۽ ترڪي سميت عالمي دٻاءُ جا اثر، حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جو اعلان

پاڪستان ۽ ترڪي سميت دنيا جي ڪوششن رنگ لاتو. يارنهن ڏينهن کانپوءِ اسرائيل ۽ حماس وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي تي عمل جي شروعات ٿي وئي آهي. اسرائيلي ڪابينا غزه جي پٽي ۾ سيز فائر جي منظوري ڏئي ڇڏي. غزه تي يارنهن ڏينهن کان جاري رهندڙ شديد بمباري رڪجي وئي. حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي جي معاهدي تي عمل شروع ٿي ويو. جنهن کانپوءِ فلسطينين مٿان حملا رڪجي ويا. حماس ۽ اسرائيل جي جنگبندي جي سموري دنيا آجيان ڪئي آهي. ان حوالي سان آمريڪا چيو آهي ته حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ جنگبندي واري معاهدي جي آجيان ڪريون ٿا. آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته غزه ۾ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ گڏيل قومن سان ملي ڪم ڪنداسين. فلسطيني اختيارين جي مڪمل ڀائيواري ۾ اهو ڪم ڪنداسين. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته اسرائيلي ۽ فلسطيني ٻنهي کي محفوظ زندگيون گذارڻ جو حق آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس به چيو آهي ته يارنهن ڏينهن جي دشمني کانپوءِ جنگبندي خوشي جوڳو قدم آهي. والاريل فلسطيني علائقن جي متاثرين سان دلي تعزيت ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته امن بحال ڪرڻ ۾ مصر ۽ قطر گڏيل قومن جي خصوصي مدد ڪئي. مصري صدر السيسي ٽوئٽ ڪندي جنگبندي ڪرائڻ ۾ مصري ڪوششن جي مدد ڪرڻ تي آمريڪي صدر جو ٿورو ادا ڪيو. جنگبندي تي فلسطيني علائقن ۾ جشن جهڙو ماحول آهي مغربي ڪناري جي شهر نوالاريل بيت المقدس، رمله، ببرون ۾ سوين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا غزه جي شهرين ان کي سمورن مسلمانن جي سوڀ قرار ڏنو.