خاص

پاڪستان ۾ ڪڏهن به مارشل لا نه لڳندي، آرمي چيف پنهنجي مدي ۾ نه واڌ چاهي ٿو نه ئي قبول ڪندو: ترجمان پاڪ فوج

 آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته عوام جي حمايت فوج جي طاقت جو مرڪز آهي ۽ ان خلاف ڪابه سازش برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته فوج کي سياسي معاملن کان ڌار رکيو وڃي. تعميري تنقيد مناسب آهي، بي بنياد ڪردار ڪشي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ ميجر جنرل بابر افتخار جو چوڻ هو ته پاڪ فوج خط جي معاملي تي پنهنجو مؤقف قومي سلامتي ڪميٽيءَ ۾ پيش ڪري ڇڏيو هو، ان جي پڌرائي پڻ جاري ڪئي وئي. هن چيو ته اسان جون ايجنسيون ۽ ادارا ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن، ڪنهن ملڪ طرف ميري اک سان ڏٺو ته ان جون اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. هڪ ٻئي سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته 9 اپريل جي رات وزيراعظم هائوس ۾ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ان وقت جي وزيراعظم سان ڪا ملاقات نه ٿي، ان حوالي سان سڀ ڳالهيون ڪوڙيون آهن. بي بي سي صفا واهيات اسٽوري شايع ڪئي، ان کان وڏو ڪوڙ ڪنهن انٽرنيشنل ليڊنگ ايجنسي طرفان نٿو ٿي سگهي، اها هڪ من گهڙت اسٽوري هئي. هن چيو ته پاڪستان جو مستقبل صرف ۽ صرف جمهوريت ۾ آهي ۽ ان جو دفاع ڪرڻ سڀني جو فرض آهي. ان شاءَ الله پاڪستان ۾ ڪڏهن مارشل لا نه ايندي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته اسان جو سياست سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي، ڪنهن ننڍي چونڊ ۽ مڪاني چونڊ ۾ به ڪا مداخلت نه ٿي، جيڪڏهن ڪو ثبوت آهي ته اسان مداخلت ڪئي ته اها سامهون کڻي اچو. ميجر جنرل بابر افتخار چيو ته آرمي چيف نه ته مُدي ۾ واڌ جو خواهشمند آهي ۽ واڌ قبول ڪندو. آرمي چيف نومبر ۾ رٽائر ٿي ويندو، شهباز شريف جي وزيراعظم طور حلف برداريءَ واري تقريب ۾ آرمي چيف جو شريڪ نه ٿيڻ واري سوال تي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته آرمي چيف جي ان ڏينهن طبيعت ٺيڪ نه هئي، هو آفيس پڻ نه اچي سگهيو هو.