پرائيويسي جي ڀڃڪڙي تي فيس بڪ مٿان ڇهه سئو پنجاهه ملين ڊالر ڏنڊ
آمريڪي رياست الينوائي ۾ پرائيويسي جي ڀڃڪڙي تي فيس بڪ 659 ملين ڊالر جو هرجاڻو ادا ڪندو. شڪاگو جي اٽارني 2015 ۾ فيس بڪ تي ڪيس هلايو جنهن ۾ الزام لڳايو ويو هو ته فيس بڪ 2008 جي الينوائي پرائيوسي جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي. فيس بڪ تي لڳايل الزام موجب اداري پرائيويسي پاليسي جي ڀڃڪڙي ڪندي چهرن جي سڃاڻپ جي لاءِ بايو ميٽرڪ ڊيٽا غير قانوني طور تي جمع ڪيو هو. ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت فيس بڪ کي 650 ملين ڊالرز ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.