پروفيسر غلام حسين جلباڻي جي شخصيت ۽ علمي خدمتون ڊاڪٽر ذوالفقار علي جلباڻي | مارچ 2022
تعليم اسان سڀني مسلمانن جي خاص سڃاڻپ آهي. تعليم کي حاصل ڪرڻ مرد توڙي عورت تي لازم آهي. شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو هن دنيا جي رونق جو نقشو هن طرح چِٽي ٿو:
مجازي موهي، ڪڏهن ويندءِ نڪري،
اکڙيون تو هي، مڇڻ وهين وسهي.
ڪن اکڙيُن کي دنيا پنهنجي دولاب ۾ آڻيندي آهي ۽ ڪي اکڙيون دوکي کائڻ کان پرهيز ڪنديون آهن. اهڙوئي ڪمال عقل ۽ ڪنن جو هوندو آهي، جن بابت شاهه ڪريم چوي ٿو:
هي ڪن گڏهڻا وڪڻي، ڪن ڪي ٻيا ڳنهيج،
سندي پريان ڳالهڙي، تنين سين سڻيج.
اُهي ئي انسان دنياوي جادو نگريءَ ۾ گم ٿي پاڻ وڃائي نٿا ويهن، پر سرخرو ٿي منزل ماڻي وڃن ٿا. انهن بندن ۾ پروفيسر غلام حسين جلباڻي جو نالو پڻ نمايان نظر اچي ٿو. پروفيسر غلام حسين جلباڻي کي مالڪ حقيقي پاران جيڪو منصب عطا ٿيو سو تا قيامت سندس نالو دنيا ۾ ياد رکيو ويندو. سنڌ جي ساهتي خطي جي هن سڀاڳي فرزند جو جنم ڳوٺ جلباڻي، تعلقو ڀريا سٽي، ضلعو نوابشاھ (هاڻوڪو ضلعو نوشهروفيروز) ۾ هڪ معزز گهراڻي جي شخصيت ميان نظر محمد جلباڻيءَ جي گهر ۾ 02 فيبروري سن 1914ع تي ٿيو. پروفيسر غلام حسين جو گهراڻو مذهبي هو ۽ پاڻ اسلامي مهيني رجب ۾ پيدا ٿيڻ ڪري ڇٺيءَ جو نالو انهيءَ مهيني جي مناسبت سان ’رجب‘ رکيو ويو. انهيءَ کانپوءِ غلام حسين جي نالي سان مقبوليت ماڻيائين. جڏهن غلام حسين ٻن سالن جي عمر جو ٿيو ته سندس والد وفات ڪري ويو. انهيءَ کانپوءِ سندس چاچي جي زير نظر رهيو، جنهن کيس اسڪول ۾ جنرل رجسٽر ۾ غلام حسين جي نالي سان داخل ڪرايو. جيئن ته پاڻ شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيائين. سنڌي پاس ڪرڻ کانپوءِ ڳوٺ جي ويجهو، ڀرين ۾ ڪوڙين مل چندن مل هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ اتي چوٿين درجي تائين تعليم حاصل ڪيائين. جيئن ته غلام حسين جلباڻي هڪ ذهين ٻار هو ۽ سبق ياد ڪرڻ ۾ تيز فهمي جو هر وقت مظاهرو ڪندو رهيو. غلام حسين جلباڻي پنهنجي سوانح ۾ لکي ٿو ته: ”چوٿين درجي ۾ ئي هئس ته مون کي ڏاڙهي به اچي وئي. اهڙي ننڍي عمر ۾ ڏاڙهيءَ جو اچڻ واقعي هڪ عجيب و غريب ۽ معمولي ڳالھ هئي.“ چوٿين درجي ۾ ئي قرآن شريف پڙهي پورو ڪيائين. اهڙيءَ طرح وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسته الالسلام ۾ سن 1926ع ۾ پنجين درجي ۾ داخل ٿيو. انهيءَ وقت سنڌ مدرسته الاسلام ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو مدرسي جو پرنسپال هو. غلام حسين پنهنجي رهائش مدرسي جي هاسٽل ۾ ڪئي، سندس اختياري مضمون فارسي هو ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽو هڪ عالم هو ۽ سندس علمي نگاھ هر وقت سندس درسگاھ جي شاگردن مٿان هوندي هئي. هر روز شام جو هاسٽل جو چڪر لڳائڻ ۽ معائنو ڪرڻ ۽ شاگردن جي چرپر تي نظر رکڻ سندس معمولات ۾ شامل هو. پروفيسر غلام حسين جلباڻي جي بقول ته ”هڪ ڏينهن مون کان منهنجي اختياري مضمون بابت پڇيائون، جڏهن مون کين ٻڌايو ته اهو فارسي آهي، تڏهن زوردار نموني ۾ هدايت ڪيائون ته ان کي بدلائي عربي کڻ اهو بهتر آهي. اسان جو ڪلاس ماستر محمد عيسيٰ هو، مولوي عبدالرحيم فقه پڙهائيندو هو. آغا تاج محمد، جيڪو بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار بڻيو، سو ڇهون درجو پڙهائيندو هو.“ اهڙيءَ طرح غلام حسين جلباڻي سنڌ مدرسته الاسلام مان پنجون درجو پاس ڪرڻ کانپوءِ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز ۾ ڇهين درجي ۾ داخل ٿيو. انهيءَ وقت مدرسه هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر سنڌ جو ناميارو اديب، عثمان علي انصاري هو. غلام حسين جلباڻي انهيءَ سال تعليم ۾ ڪو خاص واڌارو نه ڪيو. سالياني امتحان کانپوءِ اسڪول ڇڏڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺي، ٽنڊي باگي جي هاءِ اسڪول ۾ ستين ڪلاس ۾ داخلا ورتائين. ان وقت اسڪول جو هيڊ ماستر غلام حسين سومرو هو، ليڪن غلام حسين جلباڻي اتي به وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو ۽ ٻن مهينن کانپوءِ حيدرآباد اچي نووديالا هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتائين. سن 1932ع ۾ ارڙنهن سالن جي عمر ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. غلام حسين جلباڻي پڙهڻ کان علاوه راند روند سان گهٽ دلچسپي رکندو هو جيڪا ان وقت جي تعليم مطابق اهم سمجهي ويندي هئي، پر تنهن هوندي به پنهنجي ديس جي پراڻين راندين مثال طور: ٻلهاڙي وغيره جو سٺو رانديگر هو. غلام حسين جلباڻي ديندار گهراڻي جو فرد هو، ان ڪري نماز ۽ روزي ۽ نيڪ ڪمن ڪرڻ ۾ خاص دلچسپي وٺندو هو. اهڙيءَ طرح غلام حسين جلباڻي مئٽرڪ پاس ڪرڻ کانپوءِ وڌيڪ تعليم لاءِ، ڪراچيءَ جي مشهور درسگاھ ڏيا رام ڄيٺ مل سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿيو ۽ اتي به ميٺا رام هاسٽل ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ايف. اي پاس ڪرڻ کانپوءِ انٽر آرٽس ۾ پهرين ٽرم تائين اُتي رهيو، ليڪن ٻئي ٽرم ۾ حيدرآباد اچي ڊي. جي نيشنل ڪاليج مان ٻارهين ڪلاس جو امتحان سن 1934ع ۾ پاس ڪيائين.
ٻارهين درجي پاس ڪرڻ کان بعد وري ڪراچي ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ بي. اي ۾ داخلا ورتائين ۽ اتي وري نئين سر اختياري مضمون عربي کنيائين. غلام حسين جلباڻي لکي ٿو ته: ”عربيءَ جو استاد محمد ڪريم پيرزادو هوندو هو، ليڪن هُو پڙهائيءَ ۾ محنت کان ڪم نه وٺندو هو ۽ هوڏانهن عربي پڙهائڻ لاءِ اڳواٽ تياري درڪار آهي.“ انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته استاد جهڙو عظيم پيشو اختيار ڪري ان سان درست طريقي سان نه نڀائڻ ڪيتري بي انصافي آهي ۽ شاگرد جڏهن وڏو ٿئي ٿو ته انهيءَ جي تعليمي طريقيڪار جو گواھ بڻجي پوي ٿو. استاد جو بهترين محتسب شاگرد آهي. بي. اي جونيئر جي سال پوري ڪرڻ کانپوءِ غلام حسين جلباڻي بي. اي جي آخري سال لاءِ ممبئي روانو ٿيو جتي اسماعيل يوسف جوگيشوري ڪاليج ممبئي ۾ داخلا ورتائين. مذڪوره ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ جو اهو به سبب هو جو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو اتي وڃي سنڌ جو وڏو نالو روشن ڪيو هو. غلام حسين جلباڻي کي هڪ ذهين شاگرد جي حيثيت ۾ گهڻو ڀائيندو هو. ممبئي پڙهڻ دوران غلام حسين جلباڻي تمام گهڻي عرق ريزي ڪري اتي نمايان نمبرن سان ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ جيڪي به عربي جا شاگرد بي. اي آنرس ۾ پڙهندڙ هئا تن سمورن ۾ پهريون نمبر آيو. انهيءَ محنت جي عيوض کيس ڪريم ڀائي اسڪالرشپ جا ٽن سالن لاءِ يارهن هزار مليا سا انهيءَ وقت مطابق هڪ وڏي رقم هئي. اهڙيءَ طرح اڃان بي. اي جي امتحان جو نتيجو ظاهر نه ٿيو هو، جو غلام حسين جي مائٽن شادي سندس مامي جي نياڻي سان ڪرائي.
اولاد:
غلام حسين جلباڻي صاحب کي پهرين گهرواري مان پنج ٻار پيدا ٿيا. اول ۾ جيڪو فرزند الله پاڪ عطا ڪيو سو آهي عبدالله خان جلباڻي، جيڪو هن وقت سنڌ جي نامياري شاعر، اديب، سماجي خدمتگار طور حاجي عبدالله خان ’شاد‘ جلباڻي جي نالي سان مشهور آهي. جنهن سنڌي ادب کي ڏهن جي لڳ ڀڳ شاعري جا ڪتاب ڏنا آهن ۽ جيڪي اڃان به ڏيئي رهيو آهي. دعا آهي ته شال وڏي ڄمار ماڻي! سندس قلم سائي گاھ وانگر سائو ۽ ستابو رهي ۽ انهيءَ کان علاوه پاڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو هن وقت سينئر ترين ميمبر پڻ آهي. حاجي غلام حسين جلباڻي کي اُن کانپوءِ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو، پوءِ آخر ۾ هڪ پٽ پروفيسر عطاءُ الله خان پيدا ٿيو. پروفيسر غلام حسين جلباڻي لکي ٿو ته: ”امان زينب اٺن سالن جي ڄمار ۾ گذاري وئي، منهنجو اُن سان گهڻو پيار هو ۽ ان جو مون سان وڌيڪ پيار هو. تنهنڪري ان وقت سندس ياد ۾ ٻه چار شعر لکيا اٿم جيڪي مون کي اڃان به ياد آهن:
”امان زينب جڏهن آ موڪلايو، ڏکن سورن تڏهن آ رنگ لايو،
خوشيءَ جي جاءِ موٽي غم آيو، ڄمايو خوب ياد موت پايو.
امان جيجل وسرندي ڪين هرگز، چٽيل مُنهنڙو جنهن جو آ منجهه دل،
خزانو اسان جو هي آ امانت، مولا تنهنجي هٿن ۾ تا قيامت،
ڌڻي صابر رکين شاڪر اسان کي، ڪريو سو جو وڻي سائين اوهان کي.“
جوگيشري ڪاليج ۾ تعليم پرائڻ دوران غلام حسين ڪن علمي ادبي مقابلن ۾ به حصو ورتو ۽ ان کان علاوه راندين والي بال، انڊور گيمز ۾ به حصو وٺندو رهيو. اهڙيءَ طرح سن 1937ع ۾ جڏهن پاڻ ٽيويهن سالن جو نوجوان هو، تڏهن ڪراچيءَ ۾ ڊي. جي سنڌ ڪاليج ۾ وري واپس اچي ايم. اي ۾ داخلا ورتائين. انهيءَ دوران غلام حسين جلباڻي تمام گهڻي محنت سان اڳتي وڌيو. غلام حسين جلباڻي پنهنجي سوانح ۾ هن ڳالھ جو به اعتراف ڪري ٿو: ”منهنجو بنياد پختو نه هو تنهنڪري ان جو اثر گهڻي وقت تائين جاري رهيو. ايم. اي ۾ ئي هئس ته منهنجي مٺڙي ماءُ به موڪلائي وئي. بابا ته ان وقت لاڏاڻو ڪري ويو هو جڏهن مان اڃان ٻن ٽن سالن جو مس هئس. جيئن بابو عبدالله، (موجوده سنڌ ڀلوڙ شاعر حاجي عبدالله خان ’شاد‘ جلباڻي) بندي جي شاديءَ بعد ڏهن مهينن پڄاڻان ڄائو هو.“ پروفيسر غلام حسين جلباڻي ديني تعليم پرائڻ لاءِ حافظ حاجي مولوي الھ بخش جو ميان والي قريشان ضلعي رحيم يار خان جو رهندڙ هو اُن کي ڳوٺ جلباڻي ۾ آڻي کانئس تعليم حاصل ڪيائين. مولوي حاجي الھ بخش مذڪوره ڳوٺ جي مسجد جو پيش امام به رهيو. جنهن کان پروفيسر غلام حسين جلباڻي ٻه ڪتاب تفسير بابت پڙهيا ۽ ان کان علاوه حديث ۽ فقه جي تعليم به حاصل ڪيائين. انهيءَ دوران سن 1939ع ۾ ايم. اي جي امتحان ۾ ويٺو ۽ انهيءَ سال حج جي سعادت به ماڻيائين. پروفيسر غلام حسين لکي ٿو ته: ”حج جي موقعي تي مون ڪعبته الله جي نيساري هيٺيان ڪيتريون دعائون گهريون ۽ هن يقين سان ته اهي سڀ قبول پونديون ۽ بعد ۾ ٿيو به ايئن. حديث شريف ۾ آيل آهي ته ”جيڪڏهن نيساري هيٺيان ڪوبه مومن هي ٽي دعائون گهرندو ته اهي انشاءَ الله تعاليٰ قبول ٿينديون، ليڪن مون کي ٽن عددن جي خبر نه هئي ۽ هن گمان هيٺ هئس ته جيڪا به دعا گهري ويندي سا قبول ٿيندي. تنهنڪري مون دل کولي گهڻيون دعائون گهريون ۽ انهن دعائن ۾ پهرين دعا هي هئي ته منهنجو استاد ڊاڪٽر دائود پوٽو اسماعيل يوسف ڪاليج مان بدلي ٿي سنڌ ۾ اچي ۽ اها منهنجي پهرين دعا قبول پئي.“ حج دوران مڪي شريف ۾ حرم شريف اندر مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان پهرين ملاقات ٿيس. انهيءَ ملاقات ۾ مولانا صاحب حضرت شاھ ولي الله محدث دهلويءَ جي تعليم کي سمجهڻ تي گهڻو زور ڏيندي سمجهايس ته اُن طرف توجھ ڏنو وڃي. انهيءَ دوران مولانا صاحب پنهنجي رهائشگاھ تي وٺي ويو ۽ اتي شاھ صاحب جو تفسير ’فتح الرحمان‘ کولي ان مان هڪ آيت ڏيکاري، جنهن ۾ شاھ صاحب چيو آهي ته هي آيت مڪي آهي ۽ نه ڪي مدني. غلام حسين جلباڻي لکي ٿو ته: ”خير ان وقت مون کي ان آيت جي مڪي هجڻ جي حڪمت سمجھ ۾ نه آئي، مگر بعد ۾ ڏٺم ته ان آيت کي مڪي مقرر ڪرڻ سان يورپ وارن جي ڪيل ڪڙي تنقيد جو تسلي بخش جواب ملي وڃي ٿو.“ (جلباڻي: 1988ع، ص:7) مولانا عبيدالله جي ڏنل مشوري کانپوءِ غلام حسين جلباڻي شاھ ولي الله جي تعليم ڏانهن مائل ٿيو ۽ اُن ۾ وڌيڪ اضافو تڏهن آيس جڏهن مولانا عبيدالله سنڌي انهيءَ سال يعني سن 1939ع ۾ ويهن سالن جي جلاوطني کانپوءِ واپس ڪراچي آيو. انهيءَ دوران پاڻ کڏي مدرسي ۾ هوندو هو. غلام حسين جلباڻي اڪثر ڪري هر آچر تي اوڏانهن ويندو هو انهيءَ ڪري به جو جلباڻي صاحب جا مدرسي جي مهتمم مولانا محمد صادق سان گهرا علمي مراسم هئا. غلام حسين جلباڻي اُتي مولانا عبيدالله سنڌي سان گهڻيون ملاقاتون ڪيون ۽ اُن جا ڪافي اثر سندس شخصيت تي مرتب ٿيا. پاڻ جيئن ته ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ عربيءَ جو ليڪچرار هو، مولانا صاحب انهيءَ ڳالھ تي زور ڀريو ته چار مهينا موڪل وٺي شاھ صاحب تي تحقيق جو ڪم شروع ڪري. انهيءَ ڳالھ جي اعتراف ۾ پروفيسر غلام حسين جلباڻي لکي ٿو ته: ”بهرحال ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته شاھ صاحب تي جو ڪجھ لکيو آهي سو سڀ سندن ڏنل تربيت جو نتيجو آهي.“ (1988: 8) حاصل مطلب ته پروفيسر غلام حسين جلباڻي جي ظاهري هٿن پٺيان علمي ۽ عملي لحاظ کان ظاهري توڙي باطني تربيت وارا هٿ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جا ڪار فرما هئا جنهن جو اعتراف خود جلباڻي صاحب جي سوانح مان عيان نظر اچي ٿو. شاھ ولي الله جي ڪتابن جو ڀرپور مطالعو انهيءَ هستيءَ جي بدولت ٿيندو رهيو ۽ شاھ ولي الله جا ڪتاب جلباڻي صاحب تائين آسانيءَ سان پهچندا رهيا ۽ هُو پنهنجي زوردار مشاهدي، مطالعي ۽ مشق سان هڪ هڪ شيءِ تي غور فڪر ڪري انهن کي سنڌيءَ زبان جو جامو پارائڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش ڪندو رهيو. پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ کي انهيءَ عرصي دوران عربي زبان جو ڀرپور مطالعو ڪرڻو پيو، ڇاڪاڻ جو شاھ ولي الله جي تعليم ۽ فڪر کي سمجهڻ ڪا معمولي ڳالھ نه آهي. ڊي. جي ڪاليج جي اٺن سالن جي نوڪري کانپوءِ جيئن پاڪستان وجود ۾ آيو تيئن ئي سن 1947ع ۾ غلام حسين جلباڻي کي سنڌ مسلم ڪاليج ۾ عربيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. انهيءَ وقت مذڪوره ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر صديقي هو، تنهن کانپوءِ هڪ مولوي پرنسپال ٿي آيو ۽ اُن کانپوءِ سنڌ جو ناميارو عالم پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاھ پرنسپال مقرر ٿيو. انهيءَ عرصي دوران پروفيسر غلام حسين جلباڻي امام غزاليءَ جي ڪتاب ’ڪيميائي سعادت‘ جي چونڊ ڪري انهيءَ ڪتاب کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ انهيءَ ترجمي جي نظرثاني ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي ڪئي. انهيءَ ڪتاب کي سن 1961ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پڻ شايع ڪيو. انهيءَ ترجمي جو اعتراف ڪندي پروفيسر غلام حسين جلباڻي لکي ٿو ته، ”مان جيئن ته پنهنجي مادري زبان سنڌيءَ ۾ پڪو پختو نه هئس ۽ نه وري لکڻ جو ڪو تجربو هو، تنهنڪري ڪاميابي ۽ ’ڪيميائي سعادت‘ اندر استعمال سنڌي اهڙي پختي ۽ خالص نه آهي جهڙي بعد ۾ لکيل ڪتابن ۾ نظر ايندي.“ (1988: 10) ڪيمائي سعادت اصل ۾ تصوف تي لکيل آهي، جنهن جو اصل مصنف امام غزالي آهي ۽ ڪيمائي سعادت امام غزالي جي ڪتاب ’احياءُ العلوم‘ جو خلاصو پيش ڪيو ويو آهي. هن جا ٽي ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن، جيڪي 1961ع، 1970ع ۽ 1989ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيا آهن. پروفيسر غلام حسين جلباڻي لکي ٿو ته: ”سنڌي ادبي بورڊ کي جيڪي به ڪتاب ڏنا ويا سي ڏنل تاريخ کان ٽن کان وٺي پنجن سالن بعد ڇپجي ظاهر ٿيا. جيتوڻيڪ هي سڀ ڪتاب، ان کي متن ۽ واسطي سميت بلڪل مفت ڏنا ويا هئا ۽ کانئس ڪنهن به قسم جو ڪوبه معاوضو نه ورتو ويو هو، مگر تنهن هوندي به هيءَ دير واقع ٿي. انهيءَ زماني ۾ بورڊ جو سيڪريٽري محمد ابراهيم جويو هو.“ (1988: 10) پروفيسر غلام حسين جلباڻي هڪ وسيع مطالعو ۽ تجربو رکندڙ عالم هو، جنهن سنڌي زبان ۾ عالمن جي ڪتابن جا ترجما ڪري انهيءَ کي مالا مال ڪيو. علمي ميدان ۾ ڊي. جي سنڌ کان ويندي سنڌ مسلم ڪاليج ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هڪ استاد جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون. سترهن سالن جي عرصي تائين ڪاليجن جي نوڪري دوران ايمانداري سان ۽ هڪ سٺي استاد طور سندس سڃاڻپ رهي جنهن پنهنجي محنت سان ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا. پروفيسر غلام حسين جلباڻي جي پسند جا ٻه مضمون رهيا، جيڪي عربي ۽ فارسي هئا. فارسي سندس ايم. اي جي امتحان ۾ مددي مضمون هو تنهن ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پهريون نمبر آيو. جيئن ته مجموعي طور ساري سنڌ ۾ پهريون نمبر آيو ۽ انهيءَ جي عيوض ڊي. جي سنڌ ڪاليج پاران سونو ٻلو انعام طور عطا ڪيو ويو هو. اي. ڪي بروهي به سندس هم درس هو، جنهن جو مضمون فلسفو هو. اُن بابت جلباڻي صاحب لکي ٿو ته: ”اسان ٻئي ساڳئي ئي پاڻي واري جهاز ۾ ڪراچيءَ مان امتحان ڏيڻ لاءِ ممبئي روانا ٿيا هئا سون.“ (1988: 13) جيئن ته ڪاليج جي سروس دوران کيس پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪافي تجربو ۽ موقعو مليو، جنهن کانپوءِ 10 ڊسمبر 1956ع تي ٻائيتاليهن سالن جي عمر ۾ سنڌ مسلم ڪاليج کي ڇڏي اچي سنڌ يونيورسٽي ۾ عربيءَ جو ريڊر مقرر ٿيو. ٽن سالن جي سروس ڪرڻ کانپوءِ عربي شعبي جو هيڊ آف ڊپارٽمينٽ مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عرصي دوران نوجوان نياڻي جي وفات کيس سخت صدمو رسايو جنهنڪري ڪافي مونجهاري جو شڪار به رهيو، پر هي هڪ پڪو مسلمان ۽ الله جي رضا تي راضي رهڻ وارو انسان هو. جڏهن به تڪليف محسوس ڪيائين مديني پاڪ اسهيو ۽ اتان دعائون گهري وري پنهنجي ديس آيو. چوئيتاليهن سالن جي عمر تائين ٽي حج ڪري چڪو هو. ٻئي طرف گهڻي کان گهڻو مطالعو شاهه ولي الله جي ڪتابن جو ڪندو رهيو. شاھ ولي الله جي تعليم جو تحقيقي مطالعو ڪري مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي ڏنل هدايت وارو سبق مڪمل ڪندي هڪ ڪتاب ’شاهه ولي الله جي تعليم‘ جي عنوان سان پڻ لکيائين، جيڪو سن 1961ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد طرفان شايع ٿيو جيڪو پرهندڙن ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو. پروفيسر صاحب ڪتاب جي مقبوليت بابت لکي ٿو ته: ”ان ڪتاب جي گهڻي مقبوليت ڏسي ان کي اردوءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. جيئن ته اردو منهنجي مادري زبان نه هئي ۽ نه ئي وري ان تي ڪمال حاصل هو ۽ اردو لکڻ ايندي به نه هئي، تنهنڪري اردوءَ جو ڪم ٻين جي حوالي ڪيو ويو ۽ مان وري ان ڪتاب کي انگريزيءَ ۾ آڻڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويس. الحمدالله مون ان ڪتاب کي ڇهن اٺن مهينن جي اندر اندر انگريزيءَ ۾ آڻي پورو ڪيو ۽ هي واقعي هڪ عجيب غريب ڳالھ آهي.“ (1988: 15) پروفيسر جلباڻي صاحب هڪ فقير صفت انسان هو، سندس لاڙو زهد ۽ تقويٰ جو اعليٰ مثال هو. پاڻ حضور ﷺ جن جي عشق سان سرشار هو ۽ انهيءَ عشق جو انداز غمگينيءَ جي حالت ۾ حضور جن جي حضور ۾ حاضري ڀرڻ سان سڪون ٿي حاصل ڪيائين. مجموعي طور ’سوانح حيات‘ مان اهو تاثر ملي ٿو ته سندس عشق ديني علم سان به هو جنهن مطابق انهيءَ تي آخر تائين ڪاربند رهندي زندگي گذاريائين. پاڻ هڪ استاد هو انهيءَ منصب جو جيڪو مانُ رکيائين اُنهيءَ جو پڙلاءُ صدين تائين قائم دائم پڻ رهندو. سندس علمي ۽ والهانه محبت وارو جذبو سندس ڪتابن مان هر دور ۾ ڏسي سگهبو. پروفيسر جلباڻي صاحب وڏي محنت سان جيڪي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا آهن تن جي عشق سان حياتي پوري ٿي آهي. جڏهن هڪ ڪتاب لکي پورو ڪندو هو ته وري ٻئي ڪتاب جي لکڻ کي شروع ڪندو هو. مثال: جڏهن انگريزي ترجمو پورو ڪيائين ته هڪ ٻئي ڪتاب ’منتخب الڪلام في تفسير الاعلام‘ جو انتخاب ڪندي، اُن کي سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ شروع ڪيائين ۽ اهو ڪتاب ’خواب نامو‘ جي نالي سان پاڻ ئي سن 1962ع ۾ شايع ڪرايائين. ان بابت پروفيسر صاحب هن طرح رقم ٿو ڪري ته: ”هيءُ ڪتاب بيحد مقبول ٿيو. انهيءَ چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته سنڌ ’شاھ ولي الله جي تعليم‘ ۽ خاص ڪري ’خواب نامو‘ ڪڏهن به وساري نه سگهندي.“ (1988: 16) انهيءَ کان علاوه پروفيسر صاحب، مشهور ايراني فلسفي فريدالدين عطار جي ڪتاب ’منطق الطير‘ جو معمولي اختصار سان سنڌيءَ ۾ ’پکين جي پارليامينٽ‘ جي نالي سان ترجمو ڪيو. جنهن جا پڻ ٽي ڇاپا سن 1962، 2003ع ۽ ٽيون ڇاپو 2005ع ۾، سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيا ويا آهن. انهيءَ کانسواءِ مولانا عبدالرحمان جامي رح جي ڪتاب ’سلامان وابسال‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيائين. پروفيسر صاحب لکي ٿو ته: ”ان ڪتاب ۾ بندي جي جهلڪ نظر ايندي. ان ڪتاب جا پويان ڪجھ حصا ڇڏيا ويا آهن، باقي سڄي ڪتاب جو ترجمو ڪيو ويو آهي.“ (1988: 16) جڏهن سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ميران محمد شاھ هو ان وقت يعني سن 1962ع ۾ ڪتاب شايع ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيائين. پنهنجي سنڌيءَ ٻوليءَ بابت جلباڻي صاحب لکي ٿو ته: ”توهان جيڪڏهن بندي جي سنڌيءَ تي نظر ڪندو ته اِها انهن پوين ڪتابن مثال طور: ’شاھ ولي الله جي تعليم‘، ’خواب نامو‘ ۽ ’پکين جي پارليامينٽ‘ ۽ ’سلامان ۽ ابسال‘… خالص پختي نظر ايندي.“ (1988: 17) پنهنجي سوانح حيات ۾ سندس شاعراڻي طبيعت جو به اعترف ڪيل آهي ته هُو چاهي ته ڪجھ معمولي شعر جوڙي سگهي ٿو، ليڪن هي پيدائشي شاعر نه آهي، پر ذوق ضرور رکي ٿو. ان صورتحال هئڻ ڪري سندس تحريرن ۾ تجنيس حرفي جو استعمال ملي ٿو. سندس ڪتابن ’پکين جي پارليامينٽ‘ ۽ ’سلامان و ابسال‘ جي متن ۾ صوفياڻه ۽ عاشقاڻه جذبات جو اظهار ٿيل آهي. بقول مترجم جي ته، ”انهن ڪتابن ۾ منهنجي دل به هاريل نظر ايندي. مترجم هونئن به گهڻو ڪري ترجمي ڪرڻ وقت پنهنجي جذبات کي ڪنهن نه ڪنهن هنڌ آڻڻ کان روڪي نٿو سگهي، هاڻي منهنجي طبيعت ننڍپڻ کان ئي صوفياڻي هئي ۽ اڄ به ڳوٺ جا ماڻهو مون کي فقير صاحب ڪري سڏيندا آهن تنهنڪري صوفياڻي خيالن جي اظهار وقت منهنجي جذبات جو اظهار به رليل مليل نظر ايندو.“ (1988: 17) پروفيسر غلام حسين جلباڻي جون هڪ مترجم جي حيثيت سان اٿاھ خدمتون آهن. سن 1963ع ۾ شاھ ولي الله جي تعليم جو اردو ترجمو ’شاهه ولي الله ڪِي تعليم‘ جي نالي سان شاهه ولي الله اڪيڊمي طرفان شايع ڪيو ويو. هن ڪتاب جي ايڊيشن اردو دنيا ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. هن ڪتاب جو تيزيءَ سان وڪرو ئي سندس ڪاميابيءَ جو سبب بڻيو هو. انهيءَ کان پروفيسر صاحب، شاھ ولي الله جي هڪ مختصر رسالي ’حسن العقيده‘ جو سنڌي ۾ ترجمو پڻ ڪيو هو، جنهن کي اڪيڊمي، سن 1963ع ۾ شايع ڪيو هو. اهڙيءَ طرح شاهه ولي الله جي هڪ ڪتاب ’تاويل الاُحاديث‘ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو، جو پڻ اڪيڊميءَ طرفان شايع ڪيو ويو. ساڳئي ڪتاب جو انگريزيءَ ۾ پڻ ترجمو ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪتاب کي اشرف پبلشر انارڪلي لاهور وارن شايع ڪيو هو ۽ ان جو ٻيو ڇاپو آهي. پروفيسر صاحب شاھ ولي الله جي ڪتابن جا ترجما ڪيا جيڪي، شاھ ولي الله اڪيڊمي پاران وقت بوقت شايع پڻ ٿيندا رهيا. عربي، سنڌي لغت جو ڪم 13 ڊسمبر 1979ع کان شروع ڪيائين جو غالبن ٻن سالن جي عرصي ۾ تيار ڪئي وئي. ان کانپوءِ سنڌي، عربي لغت تيار ڪئي وئي جيڪي انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي وارن کي ڇپائي لاءِ ڏنيو ويون هيون. اهڙيءَ طرح شاهه ولي الله جا ٻه ننڍا رسالا ’لمحات‘ ۽ ’سطعات‘ جيڪي جلباڻي صاحب حيدرآباد مان شايع ڪرايا هئا سي ڪنهن طريقي سان لنڊن پريس وارن وٽ پهچي ويا، انهن رسالن جي اهميت ۽ افاديت کي ڏسي گهڻو متاثر ٿيا، ان ڪري انهن پنهنجي پريس مان ڇپائي شايع ڪرڻ جي اجازت جلباڻي صاحب کان طلبيائون ۽ سندس لکي ڏيڻ کانپوءِ اهي ٻئي رسالا ٽن سالن کانپوءِ واپس ڪيا ويا. الطاف القدس جو ترجمو به وٽن ڇاپي ۽ اشاعت لاءِ موجود هو، جو شايع ٿيو آهي. ڊسمبر 1981ع ۾ پروفيسر غلام حسين جلباڻي کي مجلس شوريٰ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو. پروفيسر غلام حسين جلباڻي عربي، فارسي، انگريزي ۽ سنڌي زبانن تي عبور حاصل ڪرڻ ڪري ڪيترائي ڪتاب ترجما ڪري شايع ڪرايا آهن. سندس سوانح حيات جيڪا مختصر يعني ٻائيتاليهن صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ سندس زندگي ۽ حيات ۽ علمي خدمتن جو ذڪر موجود آهي. سوانح حيات جي آخري ٻائيتاليهين صفحي تي 89-3-19 جي تاريخ لڳل آهي.
ٻي شادي:
پروفيسر غلام حسين جلباڻي جي ٻي شادي 6 مارچ 1968ع ۾ ميان در محمد ناريجي جي ڀيڻ رحيما سان ٿي. ان مان کيس ست نياڻيون مريم، آمنا، سلميٰ، عظميٰ، عصمه، اسماء آهن. ٻه پٽ ثناءُالله ۽ عزيز الله آهن. اولاد پنهنجي والدين تي وڌيڪ سرهائي محسوس ڪندو آهي ۽ انهيءَ جي ڇڏيل مشن کي جاري ساري رکي پيو ٻهڪندو آهي ۽ هن وقت اهو پڻ ڏسڻو آهي ته پروفيسر غلام حسين جلباڻي جي وفات کانپوءِ سندس پورهئي کي ڪيترو اڳتي وڌائي اُن کي زنده رکيو ويو آهي. هونئن به عالم، ڏاها ۽ مذهبي اسڪالر، اديب، شاعر ۽ سائنسدان پوري قوم جو اثاثو ۽ ملڪيت هوندا آهن انهن جي ڇڏيل ڪم جي حفاظت پوري دنيا، قوم ۽ ملڪ ڪندو آهي. فخر انهيءَ قوم کي گهڻو هوندو جنهن ڌرتيءَ تي انهن جو جنم ٿيندو آهي انهن کي ياد ڪري فخر ڪرڻ انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کي جڳائي ٿو جيڪي انهيءَ جي علمي ڪارڪردگين جا مثال ڏين ٿا جيڪا زنده قومن ۽ سماج جي زنده هجڻ جي نشاني آهي.
وفات:
پروفيسر غلام حسين جلباڻي 11 جولاءِ 1989ع ۾ چئين وڳي رات جو وصال ڪري ويو، جنهن کي پنهنجي اباڻي قبرستان جلباڻي ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ جون علمي خدمتون:
پروفيسر غلام حسين جلباڻي ديني خدمتن جي حوالي سان سان جيڪي ٻاونجاھ ڪتاب تصنيف، علمي تاليف ۽ ترجمو ڪيا آهن تن جي ديني ادب ۾ اهم جاءِ حاصل ڪري چڪا آهن. پروفيسر جي ڪتابن جا موضوع شاهه ولي الله جي ڪتابن جا ترجما ۽ سيرت النبي ﷺ تي لکيل ڪتاب بزبانِ انگريزي ۾ لکيل آهي جنهن کي حڪومت پاڪستان جي وزارت مذهبي امور جي پاران ”ستاره امتياز“ ڏئي ڏھن هزارن جي نقد انعام سان به نوازيو ويو. ان جي مذڪوره ڪتاب جو نالو لائف آف دي هولي پرافٽ Life of the Holy Prophet هو. انهيءَ وڌيڪ حوصلي ۽ همت ڏيارڻ لاءِ انهيءَ انعام ڏيڻ جي تاريخ 14 آڪٽوبر 1989ع آهي. اسان هتي هيٺ ابو فهيم شورو جي هڪ مضمون ”فلسفئه ولي الله جي ترجمان، پروفيسر غلام حسين جلباڻي مرحوم“ تان کنيل ڪتابن جي لسٽ ڏيئي رهيا آهيون.
انهيءَ کان علاوه پڻ هيٺيان ڪتاب اهميت جوڳا آهن.
لنڊن مان شايع ٿيل ڪتاب:
هن ڳالھ ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته سنڌي زبان جي علمي ادبي ذخيري ۾، عربي ۽ فارسيءَ جي ذخيري سان ڪيترو ئي اضافو ٿيو آهي. ماضيءَ ۾ ٻنهيءَ زبانن جي اثرات ڪري سنڌي زبان جو علمي ادبي ذخيرو گنج جي صورت ۾ نظر اچي ٿو.
حوالو:
ابو فهيم شورو، ”فسلفئه ولي الله جا ترجمان- پروفيسر غلام حسين جلباڻي، سه ماهي مجله ”شعور آگهي“ لاهور- جلد 9، شمارو 1، ص، 66 کان 71 تائين.