پــن جــي ٻــيـڙي انور شيخ

هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن باگڙجي ڀرسان فاضل شاهه پير جي وڻن ۾ سياڻا ماڻهو چرين کي ٻَڌندا هئا ۽ بي اولاد عورتون درگاهه جا مَٽَ ڀريندي پُٽَ گهرنديون هيون. پاڙي اوڙي جي ڳوٺن جا نِڪَما نشئي آڪڙ فقير جي آستاني تي ڀنگ جا ڪونڊا گهوٽي سوائي پي سُرورَ ڪري سُکَ جي چانورن سان ڀڀ ڀري سهرا ڳائيندڙ مائين جي اُرهن کي تاڙيندا هئا. کجيءَ جي ڇڙهين سان ڍڪيل اڱڻ کان پرڀرو ٺهيل ڪچي ڪوٺيءَ مان چرس جو گهاٽو دونهون چڪلي جي رنگين ڪوارٽر پويان ٽپڙيءَ تي سُتَل ڪراڙي سلهه ورتل رنڊيءَ جي ساهن جيان آهستي آهستي نڪرندو هو. ڪهاڙيءَ کي واري پنو لڳائڻ جيان مڇون مهٽيندڙ ماڻهو سک کڻي نچندي آيل عورتن جي پويان هلندا ايندا هئا. وهمن ۽ وسوسن جي ڪارن ڌاڳن ۾ ٻڌل طوق جهڙن تعويذن جي هن بازار کان ڪجهه پرڀرو،“مان جو ئي آهيان سو ئي آهيان” جي مثال، ننگا نروار، زماني جي عقل ۽ فهم موجب چريا ڪجهه ماڻهو وڻن جي ٿُلهن ٿَڙَن ۾ زنجيرن سان ٻڌل هوندا هئا. وڏن وارن ۽ ويڪري ڏاڙهي وارو هڪ چريو وڏا ٽهڪ ڏئي دنيا کي آباد ڪندڙ عظيم اَنگ ڏي اشارو ڪندي چوندو هو، “پن جي ٻيڙي پيئندو؟” درگاهه جي ڪُک ۾ چرين جي انهي وڻن واري وستيءَ ۾ مردن  توڙي عورتن کي جَهل پل نه هوندي هئي.

زماني جون عورتون اُگهاڙن چرين کي ڏسي پنهنجي مشاهدي ۾ اضافو ڪندي تقابلي جائزا وٺنديون هيون ته وري ننڍيون نيٽيون کجڪن ۾ پئجي وينديون هيون. وڏي وارن وارو چريو سڀني کي چوندو هو“پن جي ٻيڙي پيئندو” پوياڙيءَ جو پهر هو مان ٻين ماڻهن جيان چرين جي انهيءَ پاڙي اندر پئي ڦريس. هڪ چريو جيڪو پن جي ٻيڙي چوندڙ چرئي جي ساڄي پاسي ٻٻر جي وڻ ۾ ٻڌل هو تنهن جي ڀرسان وڃي بيٺس، جو پراڻي رليءَ تي ويٺو هو. ڀرسان دلو پاڻي جو ۽ گلاس رکيل هئس. گهاٽي ڏاڙهي مڇن سان. ٻين چرين جي اُبتڙ هن کي گوڏ ۽ قميص پاتل هئي. مون کي ڏسڻ ۾ معقول پئي لڳو. سلام ڪيومانس ته نياز مندي واري انداز ۾ سلام ورايائين. ويٺي ئي پهريون سوال پڇيائين: “تون چريو آهين يا سياڻو؟”

سوال ڪرڻ وقت هن جي اکين جي عجيب حالت هئي. مان مذاق ڪندي چيومانس: “مان به چريو آهيان.”

رلي کي هٿ سان صاف ڪندي چيائين “اچو ويهو” مان ڪجهه دير هن جي منهن ۾ ڏسندو رهيس. هن جي انداز ۾ ڪو جوکو نه ڏسي رليءَ تي هن جي ڀرسان ويهي رهيس. پنهنجن پيرن ۾ پهريل زنجير ڏي ڏسي وري منهنجي پيرن کي تڪيندي چيائين:“توکي زنجير ناهي  پيل؟”

“مان نئون هتي آيو آهيان منهنجي لاءِ زنجير وٺڻ ويا آهن.” مون کي ان وقت اهو ئي جواب سجهيو سو بنا سوچي چئي ڏنومانس. ڪجهه دير منهنجي منهن ۾ ڏسندو رهيو ۽ پوءِ چيائين: “جيستائين تنهنجي زنجير اچي منهنجو هڪڙو ڪم ته ڪر.” چيومانس: “حڪم ڪر”: “باگڙجيءَ مان چرس ته آڻي ڏي. سڄي رات ماڪوڙا ٿا چڪ پائن ننڊ ڪونهي.”

“منهنجي هتي واقفيت ڪونهي. مون کي چرس ڪير ڏيندو.” موٽ ۾ چيومانس ته يڪدم منهنجي قريب اچي چيائين:

“هتي سامهون باگڙجيءَ ۾ ملندو اٿئي. گهرندين ته ڏيندءِ”

“يار ڳالهه ٻڌ: مٺائي ته ڪونهي جو عام دڪان تان وٺان، چرس آهي، پوليس جا پهرا هوندا آهن، لازمي آ چوري هلندو هوندو، ڏيٺ وائٺ کانسواءِ ڪيئن ڏيندا.”

“ادا تون وڃي ته ڏس، نه مليو ته ڀلا موٽي ايندين نه… ٻيو ڇا” مون کي ايلازي انداز ۾ چيائين ته مان هن جي منهن ۾ تڪيندي چيومانس: “توسان واعدو آهي سڀاڻي شڪارپور مان وٺي ايندس… اڄ ڇڏ”

“سڀاڻي ته تون پاڻ ٻڌل هوندين هن وڻ سان، سڀاڻي ته توکي پاڻ ماڪوڙا پٽيندا، شڪارپور ڪيئن ويندين؟”

“ان ڳالهه کي ڇڏ، توسان واعدو ڪيو آ نه، توکي چرس نه آڻي ڏيان ته پوءِ چئجانءِ”

چيومانس ته چريو ڪي گهڙيون منهن هيٺ ڪري چپ ٿي ويو ۽ پوءِ منهن مٿي ڪندين چيائين:

 “تون چريو آهين يا سياڻو…؟ سچ ٻڌاءِ”

هن جي اهڙي سوال تي مان ٽهڪ ڏنو، کلندي چيومانس: “مان سياڻو آهيان، مون کي ڪونه ٻڌندا، چرس توکي سڀاڻي آڻي ڏيندس.”

ويٺي ئي هڪ لت منهنجي پيٽ ۾ ٺڪاءُ ڪري اچي لڳي، مان اٿي ڀڳس جيستائين پري پڄان ته پويان پهريان دلي جي ڍڪڻي اچي لڳي پوءِ دلو به پويان اچي ڪريو گلاس ڌار هنيائين آخر رلي کڻي به اڇليائين گاريون جيڪي آيس پئي ڏنائين.

مان پرڀرو ٿي پٺي ۽ پيٽ مهٽڻ لڳس.

گاريون ڏيندي چيائين:“توکي ڪم چئي مان پنهنجي زبان وڃائي” ۽ پوءِ مون کي بجو ڏيندي چيائين:

“اڙي اڳ ۾ ڪنهن سياڻي ڪنهن جو ڪم ڪيو آهي جو تون منهنجو ڪندين.” ان مهل وڏن وارن واري چريي وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ پنهنجي انگ ڏي اشارو ڪندي مون کي چيائين:“پن جي ٻيڙي پيئندين.”

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments