پنهنجي برين عادتن کي ڪيئن ڳولجي ۽ انهن کي ڪيئن درست ڪجي سنڌيڪار: فضا قريشي August 2021

2012 جي پڇاڙي ۾ آئون استنبول جي مشهور اسٽريٽ استقلال ڪديسي کان ٿورو ئي پري هڪڙي پراڻي اپارٽمينٽ ۾ ويٺو هئس. دراصل اهو منهنجي ترڪي جي چئن ڏينهن جي دوري جو ٻيو ڏينهن هو ۽ منهنجو گائيڊ مائڪ چند فوٽن جي فاصلي تي آرام ڪرسي تي آرامي هو.

مائڪ دراصل گائيڊ نه هو، هو اصل ۾ مين جو رهاڪو هو جيڪو هاڻي ترڪي ۾ رهائش پذير هو، پر هن حامي ڀري هئي ته آئون جڏهن به ترڪي گھمڻ آيس ته هو خود مون کي گھمائيندو ۽ ان ڪري مون هن کي پاڻ سان ساڻ کنيو هو. ان خاص رات هن پنهنجي ڪجھ ترڪي دوستن سميت منهنجي رات جي ماني جي دعوت ڪئي هئي.

اسين ست ڄڻا هئاسين ۽ انهن منجهان آئون واحد هئس جنهن گھٽ ۾ گھٽ هڪڙي ڏينهن ۾ سگريٽن جو هڪڙو پيڪٽ پيتو هو. مون هڪڙي ترڪ کان پڇيو ته هن سگريٽ پيئڻ ڪيئن شروع ڪيو. هن وراڻيو، ”اوهين هميشه دوستن سان گڏ پيئڻ شروع ڪندا آهيو. هڪڙو دوست پيئندو آهي ته اوهين به ان کي آزمائڻ چاهيندا آهيو.“

جيڪا دل کي ڇهندڙ ڳالھ هئي سا اها ته انهن مان اڌو اڌ ماڻهن سگريٽ پيئڻ کي ترڪ ڪري ڇڏيو هو. مائڪ به هاڻي سگريٽ ڪونه ڇڪيندو هو ۽ هن قسم کنيو هو، هن ٻڌايو ته هو ايلن ڪار جي ڪتاب ”سگريٽ پيئڻ جي عادت مان جند آجي ڪرائڻ جو آسان طريقو“ مان فيضياب ٿيو هو.

هن چيو ته، ”اهو سگريٽ پيئڻ جي ذهني بار مان اوهان کي آزاد ڪري ٿو.“ اهو اوهان کي ٻڌائي ٿو ته، ”پنهنجو پاڻ سان ڪوڙ نه ڳالهايو. اوهان کي خبر آهي ته اوهان سگريٽ پيئڻ نٿا چاهيو. اوهان کي خبر آهي ته اوهان دراصل ان مان لطف نٿا ماڻيو.“ اهو اوهان کي اهو احساس ڏياري ٿو ته اوهان ان جا شڪار نه آهيو. اوهان اهو سمجهڻ شروع ٿا ڪريو ته اوهان کي سگريٽ جي ضرورت نه آهي.

مون ڪڏهن به سگريٽ ناهي ڇڪيو، پر بعد ۾ تجسس جي ڪري مون ان ڪتاب تي نظر وڌي. ليکڪ، سگريٽ جي ٻاڙ مان جند آجي ڪرائڻ لاءِ ڏاڍي دلچسپ حڪمت عملي بيان ڪئي آهي. هن ترتيبوار سگريٽ ڇڪڻ سان لاڳاپيل اشارن جي نشاندهي ڪندي انهن کي نئين معنيٰ بخشي آهي.

مثال طور هن چيو آهي ته:

اوهان سوچيو ٿا ته اوهان ڪنهن شيءِ مان جند آجي پيا ڪريو، پر دراصل اوهان ڪابه شيءِ نٿا ڇڏيو، ڇاڪاڻ جو سگريٽ اوهان لاءِ ڪجھ به نٿو ڪري.

اوهان سوچيو ٿا ته سگريٽ اوهان کي سوشل ٿيڻ ۾ مددگار ٿئي ٿو، پر دراصل ايئن ڪونهي. توهين سگريٽ ڇڪڻ کانسواءِ به سوشل ٿي سگهو ٿا.

اوهان سوچيو ٿا ته سگريٽ اوهان جي ذهني دٻاءُ کي گھٽائي ٿو، پر دراصل ايئن آهي ئي ڪونه. اها اوهان جي ذهني اعصابن کي سڪون نٿو بخشي بلڪه انهن کي تباھ ڪري ٿو.

بار بار هو انهن ۽ اهڙين سٽن ۽ جملن کي دهرائي ٿو. هو چوي ٿو ته، ”اها ڳالھ پنهنجي ذهن ۾ چٽي ڪري ويهاري ڇڏيو ته اوهان وڃايو ڪجھ به ڪونه پيا ۽ صحت، توانائي ۽ پئسي جي مامري ۾ اوهان عاليشان ۽ مثبت پيش قدمي پيا ڪريو. ان سان گڏوگڏ اوهان حاصل ڪريو پيا اعتماد، عزت، آزادي ۽ سڀ کان وڏي ڳالھ ته پنهنجي زندگي جي عمر ۽ معيار وڌايو پيا.

جڏهن توهان ڪتاب جي آخر ۾ پهچو ٿا ته اوهان کي سگريٽ ڇڪڻ دنيا جو بيڪار ترين ڪم لڳي ٿو ۽ جيڪڏهن اوهان سمجهو ٿا ته ان ڪم ڪرڻ سان ڪوبه فائدو ڪونهي ته ان کي ڪرڻ فضول آهي. اهو رويي جي ٻئين قانون جي ابتڙ آهي يعني ان ڪم کي ايترو بيڪار بڻائي ڇڏيو. هاڻ اهو آئيڊيا مون لاءِ وڌيڪ آسان بڻجي پيو آهي. اوهان پنهنجو ذهن بدلايو ۽ اوهان سگريٽ ڇڏي سگھو ٿا، پر هڪ منٽ لاءِ مون سان گڏ رهجو.

”ٻاڙ ڪٿان ٿي پيدا ٿئي“:

هر رويي جي هڪڙي ظاهري ٻاڙ هوندي آهي ۽ ٻي گھري ۽ ڳجهي. منهنجي ٻاڙ اڪثر هن ريت هوندي آهي: ”مون کي ٽيڪوس کائڻا آهن.“ جيڪڏهن اوهان مون کان اهو پڇندو ته آئون ٽيڪوس ڇو ٿو کائڻ چاهيان ته آئون ڪڏهن به اهو ڪونه چوندس ته ”ڇاڪاڻ جو مون کي زنده رهڻ لاءِ کاڌي جي ضرورت آهي“، پر سچ اهو آهي ته ڪا شيءِ اندر ۾ گھري ۽ ڳجهي آهي جيڪا ٽيڪوس کائڻ تي اتساهي ٿي. ڇاڪاڻ جو مون کي زنده رهڻ لاءِ کائڻو آهي. ماني کائڻ ۽ پاڻي پيئڻ جي پٺيان اصل محرڪ ته اهوئي آهي جڏهن ته منهنجي خاص ٻاڙ ٽيڪوس لاءِ آهي.

اهڙي ريت اسان جي ٻاڙ جي پٺيان ڪجھ گھرا ۽ ڳجها ڪارڻ هي هوندا آهن:

* توانائي بحال رکڻ

* کاڌو ۽ پاڻي حاصل ڪرڻ

* پيار جي تلاش ۽ ٻار پيدا ڪرڻ

* ٻين سان ڳنڍجي ۽ جڙي رهڻ

* سماجي مان ۽ مرتبو حاصل ڪرڻ

* غير متوقع عملن کي گھٽائڻ

ٻاڙ ٻيو ڪجھ به ڪونهي سواءِ ان ڳجهي ڪارڻ جي مخصوص شڪل جي. اوهان جي ذهن جي ان ريت ارتقا ناهي ٿي ته هو سگريٽ ڇڪڻ جي خواهش ڪري يا انسٽاگرام ڏسي يا وڊيو گيمون کيڏي. ڪٿي گھرائي ۾، اوهان غير متوقع عملن جي ٿيڻ ۽ پنهنجي بي چيني کي گھٽائڻ چاهيندا آهيو، سماج ۾ اعليٰ مقام حاصل ڪرڻ چاهيندا آهيو.

ڪنهن به شيءِ کي کڻي ڏسو جيڪا عادت جوڙي ٿي ۽ اوهان نوٽس ڪندو ته اها ڪو نئون اتساھ پيدا نٿي ڪري، پر اها انساني روين ۽ خصلتن تي ٻڌل ان جي ڪارڻن تي بيٺل هوندي آهي.

  • پيار جي تلاش ۽ ٻار پيدا ڪرڻ معنيٰ ڪنڊوم جو استعمال
  • ٻين سان ڳنڍجي ۽ جڙي رهڻ معنيٰ فيس بُڪ جو استعمال
  • سماج ۾ قبوليت معنيٰ انسٽاگرام تي پوسٽ
  • غير متوقع عملن کي گھٽائڻ معنيٰ گوگل سرچ
  • مان ۽ مرتبو حاصل ڪرڻ معنيٰ وڊيو گيمون کيڏڻ

اوهان جون عادتون پراڻي دور جي خواهشن جي نئين طرز جا حل آهن. اهي پراڻن آوازن جا نوان نمونا آهن. انساني رويي جي پٺيان لڪل مقصد ساڳيا ئي رهيا آهن، جڏهن ته تاريخ ۾ انهن تي عمل ڪرڻ جون عادتون مختلف پئي رهيون آهن.

هتي انتهائي جاندار پاسو اچي ٿو: لڪل مقصدن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ مختلف طريقا ٿين ٿا. ڪو ماڻهو پنهنجو ذهني دٻاءُ گھٽائڻ لاءِ سگريٽ ڇڪي ٿو. جڏهن ته ٻيو ماڻهو ان ساڳئي مقصد لاءِ ٻاهر وڃي ڊوڙي ٿو. اهو ضروري ناهي ته اوهان جي موجوده عادت اوهان جي مسئلي جو موثر حل هجي. اها فقط اهو طريقو آهي جيڪو اسان وقت سان گڏ سکيا آهيون. جڏهن به اوهان کي ڪنهن مسئلي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ته اوهان ان جي حل جي طرف وڃو ٿا ۽ اهڙيءَ ريت اوهان ان عادت ڏانهن موٽ کائو ٿا.

عادتون معنيٰ لڳ لاڳاپو. عادت هڪڙي شيءِ سان لاڳاپيل آهي، اها شيءِ اهم آهي. اهو ڳانڍاپو اها شيءِ طئي ڪندو آهي ته اسين ان عادت کي دهرايون ٿا يا نه. جيئن ته اسان پنهنجي پهرئين قانون واري بحث هيٺ اها ڳالھ ڪئي هئي ته اوهان جو دماغ مسلسل معلومات حاصل ڪندو ۽ ان کي گڏ ڪندو ٿو رهي ۽ اهو ماحول ۾ موجود نشانين کي نوٽيس ڪري ٿو. هر ڀيري جڏهن اوهان ان نشاني سان منهن پئو ٿا، اوهان جو ذهن اهو احساس جاري ڪري ٿو ۽ اها اڳڪٿي ڪري ٿو ته اوهان کي ٻئي لمحي ۾ ڇا ڪرڻو آهي؟

نشاني: اوهان نوٽيس ڪيو ته چلهو گرم آهي:

اڳ ڪٿي: جيڪڏهن اوهان ان کي ڇهيو ته اوهان سڙي پوندو سو ان کي هٿ ناهي لاهڻو.

اوهان نشاني ڏسو ٿا، ان کي پنهنجي تجربي جي بنياد تي جدا قسم ۾ رکو ٿا ۽ ان لاءِ بهتر جواب ڳوليو ٿا.

اهو سڀ ڪجھ هڪ لحظي ۾ ٿئي ٿو، پر اهو اوهان جي عادتن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڇاڪاڻ جو هر عمل ان اڳڪٿي سان لاڳاپيل آهي. محسوس ايئن ٿئي ٿو ڄڻ زندگي رد عمل آهي، پر دراصل اها اڳ ڪٿي آهي. سڄو ڏينهن، اوهان اڳ ڪٿيون ڪندا رهندا آهيو ته جيڪا صورتحال هاڻ پيش آهي ان ۾ ڇا ڪرڻو آهي ۽ ماضي ۾ اهڙي صورتحال جي پيش نظر ڪهڙي شيءِ وڌيڪ موثر هئي. اوهان ايندڙ هر لمحي لاءِ اڻ کٽ اڳ ڪٿيون ڪندا ٿا رهو.

اسان جا رويا انهن اڳڪٿين تي تمام گھڻو ڀاڙين ٿا. ان کي ايئن به چئي سگھجي ٿو ته اسان جا رويا ان ڳالھ تي ڀاڙين ٿا ته اسين انهن لمحن کي ڪيئن ٿا وٺون جيڪي اسان سان پيش اچن ٿا ۽ اهو ضروري ناهي ته اها ڳالھ انهن واقعن سان لاڳاپيل ڪا حقيقت ئي هجي. ٻه ماڻهو هڪ ئي سگريٽ کي ڏسن ٿا، جڏهن ته هڪڙو ان کي ڇڪڻ جي تانگھ محسوس ڪري ٿو ۽ ٻئي کي ان جي بوءِ ئي نٿي وڻي. ساڳي نشاني سٺي عادت کي به اجاگر ڪري سگھي ٿي ته بري عادت کي به ۽ اها ڳالھ اوهان جي اڳڪٿي ڪرڻ تي منحصر آهي. اوهان جي عادتن جو سبب دراصل اوهان جون اڳڪٿيون آهن.

ڏکيون عادتون ڌارڻ لاءِ اوهين پنهنجي ذهن کي ڪيئن هيرائيندا؟:

اوهان ڏکين عادتن کي وڌيڪ پرڪشش بڻائي سگھو ٿا، جيڪڏهن اوهان اهو سکي وٺو ته انهن کي ڪيئن مثبت تجربي سان ڳنڍجي. ڪڏهن ڪڏهن جنهن شيءِ جي اوهان کي ضرورت هوندي آهي، سو هوندو آهي سوچ جي انداز ۾ معمولي ڦيرو. مثال طور: اسين اڪثر هر ان شيءِ جي باري ۾ پيا ڳالهائيندا آهيون جيڪا اسان کي ان ڏينهن ۾ ڪرڻي هوندي آهي. انهن سڀني ڪمن جي پورائي لاءِ اوهان کي صبح جو سوير اٿڻو پوندو آهي. اوهان کي پنهنجي واپار ۽ بزنس لاءِ ڪالز ڪرڻيون هونديون آهن. اوهان کي پنهنجي فيملي لاءِ رات جي ماني به تيار ڪرڻي هوندي آهي.

هاڻي، تصور ڪريو صرف هڪ لفظ جي تبديلي: ”ڪرڻو هوندو آهي“ کي تبديل ڪريو ”ڪرڻو آهي“ سان.

اوهان کي صبح جو سوير اٿڻو آهي، اوهان کي پنهنجي واپار ۽ بزنس لاءِ ڪالز ڪرڻيون آهن. اوهان کي پنهنجي فيملي لاءِ رات جي ماني تيار ڪرڻي آهي. ان هڪڙي لفظ جي تبديلي سان بار واري ڪيفيت تبديل ٿي وڃي ٿي هڪڙي موقعي ۾. ڪم کي بار نه، پر موقعو ڄاڻو. اوهان جي زندگي تبديل ٿي ويندي. سوچ جو ڦيرو، زندگي کي ڏسڻ جا رنگ ۽ ڍنگ تبديل ڪري ڇڏي ٿو. پوءِ زندگي جو هر ڪم بار نه، پر موقعو لڳي ٿو ۽ موقعي مان فائدو حاصل ڪرڻ سان زندگي ۾ رس ۽ چس پيدا ٿئي ٿو.

پنهنجون عادتون ايئن جوڙيو جو انهن جا فائدا ڳڻايو نه ڪي انهن جا ڪچا ۽ ڪسا پاسا. اهوئي ان کي اپنائڻ جو تيز ترين ۽ هلڪو ڦلڪو طريقو آهي جنهن سان اوهان پنهنجي دماغ کي ان سخت ۽ ڏکي عادت اپنائڻ لاءِ تيار ڪري سگهو ٿا.

ورزش: گھڻا ماڻهو ورزش کي هڪڙو چئلينج ڪري وٺندا آهن جنهن ۾ اوهان جي توانائي ۽ طاقت صرف ٿين ٿا. ان کي آسان ڪري ڄاڻو. اهو سمجهو ته ورزش هڪڙي مهارت آهي جيڪا اوهان کي حاصل ڪرڻي آهي ۽ اها اوهان کي صحتمند رکندي. بجاءِ ان جي جو اوهان خود کي اهو چئو ته ”مون کي صبح جو اٿي ڊوڙڻو آهي“، اوهان چئو ”هي اهو وقت آهي جڏهن مون کي پنهنجي قوت مدافعت وڌائڻي آهي ۽ تيز ٿيڻو آهي.“

پئسو ڏوڪڙ:

پئسن جي بچت اڪثر قرباني سان لاڳاپيل هوندي آهي. اوهان ان کي آزادي سان جوڙي سگهو ٿا، بجاءِ ان جي ته اوهان ان کي پنهنجي ضرورت کي محدود ڪرڻ سان جوڙيو. جيڪڏهن اوهان اهو سادو سچ ڄاڻو ٿا ته پنهنجي موجوده وسيلن کان گھٽ ۾ رهڻ ۾ عافيت آهي جي معنيٰ آهي ته مستقبل ۾ پنهنجا وسيلا وڌايو ته بچت کي اپنائي آزادي حاصل ڪريو. جيڪي پئسا اوهان هن مهيني ۾ بچائيندا اهي ايندڙ مهيني اوهان جي خريد ڪرڻ جي طاقت کي ٻيڻو ڪندا.

مراقبو:

جنهن به ٽن سيڪنڊن کان مٿي مراقبو ڪيو آهي ان کي خبر آهي ته جڏهن دنيا جهان جا خيال اوهان جي ذهن تي تري اچن ٿا ته ان ۾ ڪيتري نه ڪوفت ۽ بيزاري ٿئي ٿي. اوهان ان بيزاري کي مزيداري ۾ تڏهن تبديل ڪري سگھو ٿا جڏهن اوهان ان حقيقت کي تسليم ڪندو ته خيال جي هر مداخلت اوهان کي هڪڙو موقعو فراهم ڪري ٿي ته اوهان پنهنجي ساھ کڻڻ واري پريڪٽس کي دهرايو. مراقبي ۾ اهي مداخلتون ضروري آهن ته جيئن اوهان ساھ کڻڻ واري عمل کي پوري طرح ڪري سگھو.

راند کان اڳي جو سوڻ:

گھڻا ماڻهو وڏي ۽ اهم پريزنٽيشن ڏيڻ يا ڪنهن مقابلي ۾ حصي وٺڻ کان گھٻرائيندا آهن. جڏهن به اهڙو ٽائيم ايندو آهي ته سندن ڌڙڪن تيز ٿي ويندي آهي، سندن ٽنگون ۽ آواز ڏڪڻ لڳندا آهن. جيڪڏهن اسان انهن محسوسات کي منفي وٺنداسين ته اسان کي انهن مان خطرو محسوس ٿيندو ۽ اسين دٻاءُ ۾ اچي وينداسين. جيڪڏهن اسان انهن کي مثبت وٺنداسين ته پوءِ اسين پر وقار نموني ۽ رواني سان اهو ڪم ڪري وينداسين. جڏهن اهڙي صورتحال سان اوهان کي مهاڌو اٽڪائڻو پوي ته پنهنجو پاڻ کي اهو چوڻ جي بجاءِ ته ”آئون نروس ۽ ذهني دٻاءُ ۾ آهيان“، پاڻ کي چئو ”آئون پرجوش آهيان ۽ منهنجي خون جي گردش تيز ٿي ويئي آهي ته جيئن آئون فوڪس ڪري سگھان.“

اهي ننڍڙا ننڍڙا سوچ جي تبديلي جا لاڙا جادو ڪونه آهن، پر اهي اوهان کي ڪنهن به مخصوص شيءِ سان لاڳاپيل اوهان جي احساسن کي تبديل ٿيڻ ۾ ضرور مدد ڏيندا.

باب جو خلاصو:

  • روين جي تبديلي جي ٻئين قانون جو ابتڙ آهي ته ان کي ڇسو بڻايو ۽ ان جي ڪشش کي ختم ڪريو.
  • هر رويي جي سطحي ٻاڙ هوندي آهي ۽ هڪڙي اندروني گھري سوچ هوندي آهي.
  • اوهان جون عادتون اوهان جي پراڻي دور جي خواهشن جو اڄ جي دور موجب حل آهن.
  • اوهان جي عادتن جو سبب دراصل اڳڪٿيون آهن جيڪي هنن کي وٺي هلن ٿيون. اهي اڳڪٿيون احساسن کي جنم ڏين ٿيون.
  • برين عادتن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪرڻ جي فائدن کي اجاگر ڪريو ته جيئن اهي اوهان لاءِ پرڪشش نه رهن.
  • عادتون پرڪشش هجن ٿيون، ڇاڪاڻ جو اهي اوهان جي مثبت احساس سان لاڳاپيل هجن ٿيون.
  • عادتن جي ڪشش تڏهن جهڪي ٿئي ٿي جڏهن اهي اوهان جي منفي احساسن سان لاڳاپيل هجن.
  • ڏکي عادت کي اپنائڻ لاءِ ان کي ڪرڻ کان اڳ ۾ ڪو اهڙُو سوڻ ڪريو جيڪو ان کي پرڪشش بڻائي ڇڏي.

…(هلندڙ)….

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments