پوءِ وفاق به اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو: مراد علي شاهه

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هوائن جو رُخ تبديل ٿي ويو آهي، هاڻ جڏهن به چونڊون ٿيون ته تحريڪ انصاف ضمانتون ضبط ڪرائيندي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته 2018 ۾ تحريڪ انصاف ڪيئن کٽي سڀني کي خبر آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف چئي ٿي ته ڪراچي جي سڀ کان وڏي جماعت بڻجي چڪي آهي، پر ڪراچي وارن کان ته پڇو، هر ڳالهه جي ذميواري اسان تي وڌي ويندي آهي ته پوءِ وفاق به اسان حوالي ڪري ڇڏيو. انشاءَ الله ملڪ جا ماڻهو سڄي ذميواري جلد پ پ کي ڏيندا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments