پوري دنيا کانپوءِ پاڻ هاڻ بنگلاديش کان به قرض کڻنداسين منظور ٿهيم
توهان کي هيءَ ڳالهه شايد غير يقيني لڳي ته پاڪستان، بنگلاديش کان قرض کڻندو، پر مون کي ان ڏينهن جڏهن پاڪستان جي وزير اعظم عمران خان سعودي حڪومت مان مليل چانور ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو، جنهن تي بنگلاديش جي وزير خارجه بيان ڏيندي چيو هو ته اسين اوهان کي چانور سان گڏ مڇي به ڏيون ها. تنهن کانپوءِ جهڙي طرح پاڪستان سرڪار خاموشي اختيار ڪئي ان مان ايئن ٿو لڳي ته اڳتي هلي پاڪستان سرڪار ان ڳالهه تي سنجيدگي سان سوچڻ شروع ڪري. مون کي ته ايندڙ ڏهاڪن ۾ ايئن ٿيندي نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي پٺتي پيل معيشت جنهن جا بنياد پنهنجي ملڪ ۾ نه هجڻ ڪري هميشه امداد ۽ قرضن تي ڀاڙيندو هجي. 1970ع هيءَ ڪالهوڪي ڳالهه آهي، 54 سال پهرين وارو بنگلاديش جنهن لاءِ پاڪستان جا حڪمران ۽ فوجي جنرل، بنگالين کي (ريڙهيون پائيندڙ ڪاڪروچ) ۽ ڏيڍ فوٽ جا ماڻهو چئي مخاطب ٿيندا هئا. اجيت بٽ اچاريه پنهنجي ڪتاب ڊيٽ لائين ۾ ڪجهه سٽون هن طرح جون لکيون آهن ته پاڪستان جي پنجابي ۽ پٺاڻ فوج جديد توپ خاني ۽ خودڪار اسلحي سميت ڍاڪا يونيورسٽي ۾ داخل ٿي ته انهن هر اها شيءِ جيڪا انهن کي هٿ آئي چيري ڦاڙي ڇڏي. هنن اهو ڪجهه ڪيو جو سوچيندي انسان جو هانءُ ڏڪيو وڃي، انسان جيئن ڀيانڪ خواب مان گذريو هجي، ڍاڪا يونيورسٽي جي هڪ شاگردياڻي چيو مان اها ساڳي ناهيان رهي، پوري دنيا کي خبر آهي ته پاڪستان جي فوجين نسل ڪشي لاءِ هڪ پوري قوم جو ڪوس ڪيو. عورتن جي عصمت دري ڪئي. هي سمورا انسان هم زمين ۽ هم مذهب هئا. چيو ويندو آهي ته پاڪستان به اسلام جي نالي وجود ۾ آيو. اهو ٻڌائڻ ناممڪن آهي ته بنگال ۾ ڪيترن بيگناهن جو خون ٿيو. چٽاگانگ، ڪوميلا، جيسور ۾ ڪيترا ماڻهو ماريا ويا ڪي به انگ اکر ناهن، پر ڍاڪا ۾ رڳو 20 هزار ماڻهن جو خون ڪيو ويو. هڪ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته طاقت جو انت ڪمزورن جي هٿان ئي ٿئي ٿو، جيئن روس ۾ ڪيوبا ۾ يا ويٽنام ۾ ٿيو، پر پاڪستان هن وقت هڪ مذهب، هڪ ڪتاب، هڪ جهنڊو ۽ هڪ فوج جي اصول تي ڪاربند آهي. جنهن ڪري باقي ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ آهي. جنرل ايوب پنهنجي هڪ ڪتاب (فرينڊس ناٽ ماسٽر 1967ع) ۾ بنگالين متعلق پنهنجي حقارت جو اظهار ايئن ڪري ٿو جو انهن کي سنڌين جيان هندو ثقافت جي پيداوار سمجهندو هو، جنهن پوءِ بنگال آپريشن جا بنياد فراهم ڪيا. اهڙو شرمناڪ اظهار هڪ فوجي ئي ڪري سگهي ٿو. آخرڪار هڪ وڏي قتل عام کانپوءِ بنگلاديش 1971ع ۾ سخت عوامي مزاحمت کانپوءِ پاڪستان کان ڌار ٿيو. پاڪستان جي فوج هٿيار ڦٽا ڪيا. بنگلاديش کي آزاد ٿئي هن وقت ڪي 54 سالن جو عرصو گذريو آهي، ان دوران بنگالين جهڙي طرح زندگي جي هر شعبي ۾ ترقي ڪئي آهي اها نه صرف شاندار آهي، پر ايندڙ ڪجهه سالن ۾ هي ملڪ جيڪو هر سال ٻوڏن ۽ قدرتي آفتن جي ور چڙهي ٿو پنهنجي معيشت کي ايشيا اندر مضبوط معيشت ڪري بيهاريندو. هن وقت بنگلاديشي ٽڪو هڪ ڊالر جي ڀيٽ ۾ 85.65 پئسن جو آهي. جڏهن ته رپيو 171.45 جو آهي. جڏهن ته بنگلاديش پنهنجي بجيٽ جو وڏو حصو تعليم، صحت، روزگار، مقامي صنعتي ترقي ۽ جديد زرعي پيداوار تي خرچ ڪري رهيو آهي. بنگلاديش جو ملٽري بجيٽ 4.2 بلين يو ايس اي ڊالر آهي، جڏهن ته پاڪستان جو 10.44 بلين يو ايس اي ڊالر آهي. ان کان علاوه انٽرنيشنل مانيٽري ادارن جا قرض الڳ آهن جيڪي مارڪ اپ سميت چڪائڻا آهن. هتي آئون ڪجهه ذڪر بنگالي ادب جو به ڪندو هلان جيڪو خالص ديسي آهي. ٽيگور جي شاعري ۽ نثر دنيا ۾ مزاحمت جو نئون رخ اختيار ڪندو پيو وڃي. موجوده وقت ۾ بنگلاديش سرڪار انهن فوجي آمرن ۽ مذهبي انتهاپسندن خاص طرح البدر جي حمايتن خلاف سخت فيصلا ڪيا آهن، جيڪي جمهوري حڪومت خلاف سازشن ۾ ملوث رهيا آهن. هي اهي قدم آهن جيڪي ڪنهن به سماج جي استحڪام لاءِ ضروري آهن. جڏهن ته پاڪستان جا حڪمران ۽ فوجي آمر اڄ به پنهنجي عوام لاءِ آزار بڻيل آهن. اهڙو ملڪ ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح ترقي ڪندو. ان ڪري مان پنهنجي پختي دليل سان چوان ٿو ته پاڻ اڳتي هلي بنگلاديش جا به قرضي ٿينداسين.
***