پولٽري فيڊ ڪيس: چيف جسٽس اطهر من الله ۽ اعتزاز احسن جي وچ ۾ دلچسپ مڪالمو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن خلاف پولٽري فيڊ ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ۽ اعتزاز احسن جي وچ ۾ هڪ دلچسپ مڪالمو ٿيو. وڊيو لنڪ ذريعي سماعت ۾ اعتزاز احسن پيش ٿيو جنهن تي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اعتزاز صاحب اسان توهان کي وڊيو لنڪ تي ڀليڪار ڪريون ٿا. اعتزاز احسن چيو ته مان هتي به ماسڪ پاڻ سان گڏ رکيو ويٺو آهيان ۽ سينيٽائيزر استعمال ڪري رهيو آهيان، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن توهان اڪيلا آهيو ته پوءِ توهان کي اتي ماسڪ جي ضرورت ناهي. بعد ۾ چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته اها ملڪ جي واحد هاءِ ڪورٽ آهي جتي ٻاهرين ملڪن کان به دلائل ڏيڻ جي سهولت موجود آهي، جنهن تي اعتزاز احسن جواب ڏنو ته مطلب اسان ڪٿي به هجون ڪورٽ اسان جو پيڇو نه ڇڏيندي. پنهنجي دليلن کي پيش ڪرڻ کان پهرين اعتزاز احسن معزز جج کي چيو ته معافي ٿو گهران آئون روسٽرم تي ناهيان جتي اوهان جي سامهون بيهي سگهان. چيف جسٽس جواب ڏنو ته توهان کي بيهڻ جي ضرورت ناهي، توهان دلائل شروع ڪريو، هونئن به خبر نٿي پوي ته توهان بيٺا آهيو يا ويٺا آهيو. اعتزاز احسن جي دليلن دوران اٽارني جنرل به روسٽرم تي موجود هو.