خاص

فاطمه ڦرڙو جي شروعاتي ۽ حتمي رپورٽ ۾ تضاد، ڏاڍائي جو ذڪر غائب

راڻيپور جي حويلي ۾ قتل ٿيل نياڻي فاطمه ڦرڙو جي حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ موت جو سبب تشدد ڄاڻايو ويو آهي. پيپلز يونيورسٽي نوابشاهه جي پوليس سرجن 7 ڄڻن جي صحيحن سان حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. فاطمه کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. سيني تي ڌڪ لڳڻ ڪري سندس دل بيهجي وئي. حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ فاطمه سان ڏاڍائي جو ذڪر ڪيل نه آهي. شروعاتي رپورٽ ۾ نياڻيءَ سان زيادتي ڄاڻائي وئي هئي. پير اسد ۽ پير فياض سميت 21 ڄڻن کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊي اين اي رپورٽ اڃا تائين پڌري نه ٿي آهي. واضح رهي ته جوابدار اسد شاهه جا 2 ڀيرا ڊي اين اي لاءِ جزا ورتا ويا آهن، جيڪي ڪراچي ۽ لاهور جي ليبارٽرين ڏانهن موڪليا ويا آهن، هن وقت تائين انهن جي رپورٽ پوليس کي ناهي ملي، جنهن ڪري فاطمه ڦرڙو سان ٿيل زيادتي بابت ڪيس ۾ اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ته هڪ مهينو اڳ فاطمه جي پوسٽ مارٽم بعد جاري ڪيل ابتدائي رپورٽ ۽ هاڻي جاري ڪيل حتمي رپورٽ ۾ تضاد نظر اچي رهيو آهي. ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو هو ته ڇوڪريءَ مٿان سخت تشدد سبب سندس ٻانهن ڀڳل آهي، ان کانسواءِ ڇوڪري کي انتهائي بي دردي سان زيادتي جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته حتمي رپورٽ ۾ ڇوڪري جون ٻانهون ڀڳل آهن ۽ زيادتي سميت اهڙي قسم جو ڪوبه ذڪر ناهي ڪيو ويو.