بلاگ

پيهي ويو پڙلاءَ ۾ وسيم سومرو

سائين مير محمد پيرزادي جي زندگيءَ جي ڪهاڻي 1944-06-20 کان 2019-01-08 تائين جي عرصي ۾ قيد آهي يا شايد هاڻ آزاد آهي، پر شاعريءَ جي جهان ۾سائينءَ جو جنم ڏينهن، مرتيي جو ڏينهن، سائينءَ جو موبائيل نمبر، گهر، گهٽي، دڪان ۽ ٻيون سڀ لاڳاپيل شيون هاڻ تمثيلون آهن. ان ڏينهن جڏهن مون موبائيل فون تي مير نالي جي جاچ پئي ڪئي ته ٻين ڪيترن نالن سان گڏ سائين مير محمد پيرزادي جو نالو به تري، سامهون اچي بيٺو هو. مون سائينءَ جي نمبر 03013899123 کي غور سان ڏٺو ته نمبر جا انگ پهرين منهنجي اکين کي ترورن جي صورت ۾ نظر آيا ۽ پوءِ هوريان هوريان اهي انگ هڪ ول ۾ بدلجي ويا… ۽ سائينءَ جو آواز منهنجي ڪنن ۾ ٻُرڻ شروع ٿي ويو، اهو آواز، آواز ۾ مليل جملا ۽ جملن جو تاثر هوائن ۾ ضرور ڪٿي هوندو.

ان ٿڌي صبح جو مان سائل پيرزادي ۽ محمد حنيف سومري سان گڏ ٻلهڙيجيءَ جي قديم شاھ جمال قبرستان ۾ موجود هئس. منهنجي هٿن ۾ گلاب جا گل ۽ اکين ۾ لڙڪ هئا. مون قبرستان ۾ چوڌاري نظر ڦيرائي، پريان شاھ جمال جو مقبرو هو. مقبري کان ٺيڪ اوڀر طرف چار قبرون ڇڏي پنجين قبر سائين مير محمد پيرزادي جي هئي، جتي مان دوستن سان گڏ بيٺو هئس، جن جي هٿن ۾ به گلاب جا گل ۽ اکين ۾ لڙڪ هئا. اسان قبر جي مٽيءَ کي مٿي ڪيو، مٽي جيڪا اڃايل هئي، ان تي نلڪي تان پاڻي ڀري ڇٽڪاريو ۽ قبر تي گلاب جا گل پکيڙي ڇڏيا. قبرستان ۾ خاموشي هئي، جيڪا اداسيءَ کي وڌيڪ گهرو ڪري رهي هئي. اسان جي هلچل سان، وڻن جا ڇڻيل پن ڇرڙ ڇرڙ جي آوازن ۾ تبديل ٿي رهيا هئا، ٿڌي ٿڌي هوا وڻن مان لهي، اسان جا جسم ڏنڀي رهي هئي.

قبرستان جي ڇڻيل پنن کي ڏسي، مان سائين مير محمد پيرزادي جو ڪو اڻ لکيل نظم ٿي ويو هئس… ۽ مون کي فلم “هماري اڌوري ڪهاني” جو هڪ منظر ياد اچي ويو هو. باغيچي جي هزارين رنگ برنگي گلن مان ٺھيل نمونن طرف اشارو ڪندي، نائڪُ، نائڪا کان پڇي ٿو: ٻڌائي هن باغيچي ۾ ڪهڙي ڪمي آهي، نائڪا هزارن رنگ برنگي تازن گلن طرف نهاري چئي ٿي ته هن باغيچي ۾ مرجهايل گلن ۽ ڇڻيل پنن جي ڪمي آهي، جيستائين ڪنهن باغيچي ۾ مرجهايل گل ۽ ڇڻيل پن ناهن، تيستائين باغيچو، باغيچو نٿو رهي.

اها به ٿڌي رات هئي، ٿڙڪائيندڙ ٿڌي رات، جڏهن سوين انتظار ۾ ڄمي ويندڙ اکين سان گڏ منهنجون اکيون به انتظار جي ٿڌ ۾ ڄمي ويون هيون. سڪرنڊ شهر جي اها ٿڌي ۽ اداس رات ڪيتري نه خوفائتي هئي. سائين مير محمد پيرزادي جي ارٿي سفر ۾ هئي… ۽ اسان جون اکيون انتظار م.

جنهن شخص کي ڀاڪر ڀري، هٿ ۾ هٿ ڏيئي اسان زندگيءَ جو ادبي سفر طئي ڪيو هو، جنهن جي خاموشيءَ کي اسان سبق سمجهي پڙهيو هو، جنهن جي اوچتو ڏنل ٽهڪن ۾ اسان حسناڪين جي انوکي دنيا کي محسوس ڪيو هو، نيٺ سڪرنڊ جي تعلقي اسپتال ۾ هڪ رڙيون ڪندڙ ايمبولينس ۾ ان شخص جي ارٿي پهچي وئي. اسان جي ڄميل اکين ۾ لڙڪ رجڻ ۽ ٿڌن سينن ۾ الوداع جا ديپ ٻرڻ شروع ٿي ويا.

مون دل ئي دل ۾ سوچڻ شروع ڪيو، مان انهن کليل اکين کي بند ڪيئن ڏسي سگهندس، جن کليل اکين ۾ مون هميشه زندگيءَ جا حسين خواب ڏٺا هئا، مان انهن گرم چپن کي سرد ڪيئن ڏسي سگهندس، جن تي مون هميشه گيت رقص ڪندي ڏٺا هئا… ۽ ان تازي تواني چهري کي مرجهايل ڪيئن ڏسي سگهندس، جنهن چهري ۾ هميشه صبح جا مهڪندڙ رنگ ڏٺا هئا، پر هرک جي سفيد ڪفن کي کولي اسان ان شخص جي اکين، چپن ۽ چهري کي ڏٺو هو، ڇو ته زندگي ڪنهن جي به هجي اها شايد مرتيي کانسواءِ مڪمل ناهي ٿيندي.

اها به هڪ ٿڌي صبح جي ويلا هئي، جڏهن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل اديبن ۽ ادب دوستن سان گڏ مان به سڪرنڊ شهر ۾ مقيم محمد بخش مهر لائبريريءَ جي آڳنڌ ۾ پهتو هئس. سائين مير محمد پيرزادي جي وڇوڙي کي هڪ سال گذري چڪو هو. ايترو جلد هڪ سال گذري ويو! مون پنهنجي پاڻ سان مڪالمو ڪرڻ شروع ڪيو هو. خاموشيءَ سان وهندڙ نديءَ تان، مون کي ياد آيو. هڪ ملاقات ۾ ڪچهريءَ دوران سائين مير محمد پيرزادي چيو هو ته اسين هي جيڪي پاڻيءَ جون وهندي لهرون ڏسون ٿا، اسين هي جيڪي سفر ۾ پاڻ سان ڊوڙندي وڻ ڏسون ٿا، اسين هي جيڪي آڪاس ۾ پر ڦڙڪائيندي پکي ڏسون ٿا. اهي لهرون، اهي وڻ ۽ اهي پکي ٿورئي هوندا آهن، اهي ته زندگيءَ جون ساعتون هونديون آهن. اسان کي خبر ئي ناهي پوندي ته ڪيئن صبح مان شام ٿي ويندي آهي.

ايئن صبح مان شام ۽ شام مان ڪيئن رات ٿي ۽ رات مان راتيون، راتين مان ڪيئن ڏينهن ٿيا خبر ئي ڪانه پئي.

سائين مير محمد پيرزادو جيڪو هر ادبي سٽاءَ ۾ اسان سان گڏ ويهندو هو، اهو پنهنجي پهرين ورسيءَ تي، سامهون لڳل بينر ۾ هڪ تصوير ٿي ويو هو. ڪرسين جي ساڳي قطار ۾ مون سان غلام نبي سومرو به ويٺو هو. اسان مقررين کي ٻڌي به رهيا هئاسين ۽ سائين مير محمد پيرزادي جي زندگيءَ جي رخن تي ويچاري به رهيا هئاسين. مون تصوير ۾ سائين مير محمد جي اداس اکين طرف اشارو ڪندي چيو، ڪيتريون نه وياڪل اکيون آهن، لڳي ٿو منجهن ڪو درد جو سمنڊ سمايل آهي. غلام نبي سومري پنهنجي ڪنهن ڪهاڻيءَ جي ڪردار کي تصور ڪندي چيو: هن شخص جي چهري ۾ جا ڀوڳنا آهي، اها بي انت آهي. اسين سوچي رهيا هئاسين ۽ سائين مير محمد پيرزادي جو چهرو اسان سان ڳالهائي رهيو هو. غلام نبي سومري سائينءَ جي چهري تي، اشارتي آڱر ڦيريندي نرڙ تان اکين ۽ اکين کان هيٺ نڪ تي آندي، بعد ۾ نڪ کان هيٺ چپن تي آڱر ڦيريندي چپن کان هيٺ ڄاڙيءَ جي وچ تي ٺهندڙ گهٻ تي رکي چيو هي گهٻ يا غب غب به ڪن خاص ماڻهن ۾ هوندو آهي، اهڙا ماڻهو دنيا جا وڏا ماڻهو هوندا آهن. مون چيو ته ڪنهن انسان جي تصوير کي به پڙهي گهڻو ڪجھ حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهو درد جيڪو چپ اڪلي نه سگهندا آهن، اهو درد اکيون سلينديون آهن. اهو درد جيڪو اکين جي ذريعي پوري چهري تي پنهنجا ايئن تاثر پکيڙي ڇڏيندو آهي جيئن سج پنهنجي ڪرڻن جي ذريعي پوري اوڀر ۾ پنهنجي روشني پکيڙي ڇڏيندو آهي.

سائين مير محمد پنهنجي زندگيءَ جي سفر ۾ پنهنجو گهڻو درد پنهنجي شاعريءَ، پنهنجي ڪهاڻين ۽ پنهنجي آتم ڪٿا ۾ اوتيو آهي، هن جا گيت جتي صبح جا رنگ آهن، اتي اهي رات جا ستارا به آهن. ايئن سندس غزل دل جي مشاهدي جون جهاتيون آهن. جن جهاتين ۾ ڪٿي ٽمڪندڙ ڏيئا آهن ته ڪٿي چنڊ جا روشن سنيها آهن. سائين مير محمد پيرزادي جا بيت، دوها، وايون، هائيڪو ۽ ڇتارا سڀ پنهنجي پيرايي ۾ سڀاويڪ آهن. اهي پنهنجي زوردار اظهار ۾ نه رڳو سنڌي شاعريءَ جو اتساھ آهن، پر ساڳي وقت سنڌ جي نئين نسل جو به اتساھ آهن. سچ هي آهي ته اسان جي موجودگي سائين مير محمد پيرزادي ۽ سندس سٿ جي موجودگيءَ جو ئي سبب آهي. ان سچ کي ڪيئن ٿو لڪائي سگهجي، جيڪو فطرت جي رشتن جو ترجمان آهي. سائين مير محمد پيرزادو پنهنجي ٽهيءَ کانپوءِ لڳ ڀڳ ٽن نسلن جي ادبي ٽهيءَ جي آبياري ڪندڙ آهي. هو ڀلي جسماني طور اسان ۾ موجود نه به هجي، پر اڄ به هو اسان جو اتساھ آهي. تازو مون پائلو ڪوهلو جو ترجمو ڪيل ڪتاب “عڪرا مان مليل مسودو” پئي پڙهيو، جنهن جي اٺين باب ۾ آهي ته هڪڙا اهڙا ماڻهو ٿين ٿا… جيڪي پنهنجي ننڍپڻ جي يادگيرين مان پنهنجي وڏڙن جي نصيحتن کي وساريندي هو صرف اتساهيندڙ ڳالهين کي کي ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڇاڪاڻ جو “اتساھ” هڪ مقدس باھ آهي.

اھڙوئي اتساھ هڪ مقدس باھ جي صورت ۾ ٻين سان گڏ سائين مير محمد پيرزادي کان مون کي به مليو. جنهن کي پاڻ سان گڏ کڻي مون هي ادبي سفر ڪيو آهي، مان ڪٿي ٿو وساري سگهان اهي ٿاڪ، جن تي مون ساڻس ڪچهريون ڪيون، مان ڪٿي ٿو وساري سگهان اهي ماڳ، جن تي ساڻس سفر ڪري پهتس.

اها چوڏهينءَ جي رات به هڪ سرد رات هئي، مٿي آڪاس تي ستارن جا پکي ڏڪندي هيٺ نهاري رهيا هئا، مان پنهنجي شاعر دوست مظهر ڏاهريءَ سان ڀٽ شاھ ۾ مرشد لطيف جي زيارت لاءِ آيو هئس. چوڌاري روشنيون چمڪي رهيون هيون، مريدن ۽ عقيدتمندن جي رش ۾ سڀ زيارتون ڪري، روضي جي ورانڊي ۾ شاھ جي راڳين سان جيئن پلٿي هڻي ويٺو هئس ته منهنجون اکيون راڳين جي تنبورن کي چمنديون اچانڪ سائين مير محمد پيرزادي جي اکين تي اچي لٿيون هيون. عجيب اتفاق هو هن کان اڳ شايد ئي زندگيءَ ۾ اسان گڏ لطيف جي راڳين کي ٻڌو هجي. مون نيڻ نمائي سائينءَ کي نهار سان سلام ڪيو، موٽ ۾ سائينءَ مرڪي ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ پنهنجون اکيون پوري ڇڏيون. شاھ جي راڳين سر کنڀات جي بيتن کي آلاپڻ شروع ڪيو هو:

پيشانيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀلائيءَ جا ڀير

اڱڻ اڪنڊين جي، ڏي پاٻوهي پير

قمر پاڙي ڪيرَ، شمس سپيرينءَ سين

**

هيڪانديءَ هوئي، پرين پاڻان هليا

ڪبو ڪي روئي، پُوندو سانگ سڀ ڪنهين

**

هن تاري هن هيٺ، هت منهنجا سپرين

سڄڻ ماکيءَ ميٺ، ڪَوڙا ٿين نه ڪڏهين

**

تارا، تر، تروکڙيون مٿن ڦلڙيون

ور سي راتڙيون، جي مون اوريون پرينءَ سين

**

اونداهي اڌ رات جو، پرينءَ پسايو پاڻ

چنڊ ڪتين ساڻ، پيهي ويو پڙلاءَ ۾.

مرشد لطيف جو هر بيت ڄڻ منهنجي ۽ سائين مير محمد پيرزادي جي فطري ۽ سونهي رشتي جي تشريح ڪري رهيو هو. مون پيار سان سائين مير محمد جي پيشانيءَ طرف ڏٺو، جنهن ۾ ڀلائيءَ جا ڀير هئا. هاڻ جڏهن مان ان رات جي حسناڪيءَ جو تصور ڪريان ٿو ته لڳي ٿو، پرين پاڻان هليو ويو آهي، اهو هاڻ ڪنهن تاري هيٺ آهي، واقعي هو ماکيءَ ميٺ هو، جنهن ڪڏهن به ڪاوڙ نه ڪئي. هو به ته چنڊ هو، جيڪو تارن سميت تنبورن جي ڪنهن اونهي پڙلاءَ ۾ پيهي ويو آهي.

***