پيٽرول جي قيمت ۾ وڏي اضافي جو امڪان

آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ وڏي اضافي جي تجويز ڏني آهي. ذريعن موجب اوگرا پيٽرول تي في ليٽر جي قيمت ۾ 20 رپيا 7 پئسا اضافي جي تجويز ڏني آهي جنهن جي سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 19 رپيا 61 پئسا اضافي جي تجويز ڏني آهي. ذريعن موجب قيمت جو تعين 30 رپيا في ليٽر ليوي جي بنياد تي ڪيو ويو آهي، في ليٽر پيٽرول تي موجوده ليوي 17 رپيا 97 پئسا جڏهن ته في ليٽر ڊيزل تي موجوده ليوي 18 رپيا 36 پئسا آهي. معلوم ٿيو آهي ته پهرين مارچ کان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جو امڪان آهي جنهن جي حتمي منظوري وزيراعظم جي مشوري کانپوءِ ڏني ويندي.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments