پيٽ سجاد مهر Sep 2020
دور ڏاڍو دَرد ڀريو آهي. حالتون اهڙيون اچي ٿيون آهن جو هانءُ مُٺ ۾ آهي. سڪل چَپن جي ڪٿا ڪو پراڻو راڳ بڻجي آلاپجي پيو، محرومين جي ماحول وري حضرت انسان کان ڄَڻ ته آڪسيجن کڻڻ واري صلاحيت به کسي ورتي آهي. هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آهي، پر پوءِ به پورت ڪنهن جي ڪانهي، وس آهر توڙي هَر ڪو هٿ پير به هڻي ٿو، پر بک سڀني کان بالاتر ٿي وئي آهي… هوءَ جيڪر ماڻهن جي پيٽن کان نڪري ذهن جي ڪشادي اڱڻ ۾ رهڻ لڳي آهي… جنهن وَٽ جيترو آهي، گهٽ آهي. وات کان وڌيڪ آهي تڏهن به واويلا آهي… ذهنن ۾ رهندڙ بک ماڻهن جي حواسن تي وڃي ڪنٽرول ڪيو آهي. اهڙي عالم ۾ انسان ويچارو مشين بڻجي رهجي ويو آهي… رشتا ناتا ٻڏي ويا اٿس. بس آڻ ئي آڻ واري حالت ۾ همراهه هٿيڪو آهي…
مولا بخش به اهڙي درد واري ديس جو واسي آهي. هُن جي سموري “ڪائنات” بس اها نياڻي آهي، جنهن کي جيئارڻ لاءِ هُو جَتن ڪندو رهي ٿو. هَٿين خالي همراهه ڀلا ڪيستائين ٿو جي سگهي، پر هي همت ۽ حوصلي جو هالار مَن ۾ پالي حالتن جو مقابلو ڪرڻ کان واقف آهي. هو هَٿين پيرين سلامت آهي، تنهنڪري سندس خيال اٿس ته هَٿن پيرن هوندي ڀاڳن تي ڀاڙي ويهڻ وارا ڀاڙيا هوندا آهن، سو مولا بخش به انهن ماڻهن مان ڪونهي جيڪي ٻي جي چاڙهيل ڪُنيءَ تي ڀاڙي، اکيون جهڪائي ٻه گرهه کائي اوڳرائي ڏئي پاڻ کي چڱو سمجهندا آهن.
مولا بخش جي زال نالي جيان صدوري، بک ڏک تي مُڙس جي حال تي هِريل… آڻي ته چاڙهين نه ته ٻه ٻه ڏينهن بک تي، بنا ڪُنجهڻ جي ڪڍي وڃي…
ڪائنات جي ڪري مسڪين مولا بخش پنهنجي پگهر جي پورهئي مان کير، دوا ۽ جيئڻ لا ٻيو ضروري سامان ميسر ڪرڻ جو ذميوار آهي. اڳ ته صدوري کڻي ساڻي به ٿي پوندي هُئي، پورهيو نه ملڻ ڪري پاههُ به ٿي ويندي هُئي، پر پنهنجي پرواهه ڪانه ڪندي هُئي، هوءَ پنهنجي پيٽ جي پيڙا ٻاهر نه ٻڌائيندي هئي…
پر ڪائنات جي ڄَمڻ کانپوءِ اهو ممڪن نه هو ته ٻه ڏينهن بک تي وقت ڪڍي سگهي… بک وگهي خالي ٿڻن مان سُرڪ جڏهن ڪائنات جي چپن تائين نه رَسي سگهندي هُئي ته ٻئي وَهلور ويندا هئا… زال مُڙس ڄَڻ ته جيئندا ئي هِن جي ڪري هُئا…
اوجاڳا ڪاٽي ڊبل ڊيوٽيون ڪري به مولا بخش حياتيءَ جون هَڙئي گهرجون پوريون ڪندو هو… ڪري به ڇونه جو سڪيلڌي ڌيءَ وَڏي مشڪل سان هنن جي اڱڻ تي آئي آهي… صدوريءَ کي سالن کان اولاد جو آسرو ئي نه هو، هُن ڪشالا ڪري پيرن کان پِني ته اها مُراد ماڻي هُئي…
مولا بخش جي قسمت به پاڻ وانگي مسڪين ئي هُئس.. هن جا پورهيت هٿ جيترو ڪمائي ٿي سگهيا، اهو پورهيو هِن جي پنهنجي پورت ئي مشڪل سان ڪري ٿي سگهيو ته زال پالڻ وري اڃان به پَري جي ڳالهه هئي. اهو ئي سبب هو جو هِن کي صدوريءَ جو سڱ ڏاڍو ڏکيو مليو هو…
“پيٽ” خاطر هِن پنهنجي هِمت هَٿن مان نه هارائي، مُستقل لوڙيندو رهيو، وقت سان وڙهندو رهيو. پيٽ کي پَٿر ٻڌي به هِن ان کي پالڻ جو هنر سِکي ورتو. هن کي توڙي جو اها خبر به نه هُئي ته هن جي وڏڙن صدوريءَ جو سڱ وَٺڻ لاءِ ڪهڙا حيلا هلايا هئا ۽ آخر ڪهڙي شرط مڃي هُئي. هُنن رڳو پيٽ جي معاملي ۾ صدوريءَ سان سهڪار ۽ سندس ساهرن سان سَچو ٿي بيهڻ تي سڀ ڪجهه قبوليو هو…
وقت ڪائنات کي اُڀاريو… هوءَ وڏي ٿي ته امڙ جي اکين ۾ آس ليئا پائڻ لڳي. مولا بخش جي محنت رنگ تڏهن لاٿو، جڏهن ڪائنات جي علم حصول کانپوءِ وصول واري واٽ ورتي. هُن جڏهن ڊاڪٽريءَ جي ڊريس پاتي ته پيءُ ماءُ جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها جهمريون پائڻ لڳا…. حَواسن کي حيرانيءَ ول جيان وڪوڙي وئي، ڪونج جهڙي ڪائنات جڏهن ابي امڙ جي دردن جو دارون بڻي ته هنن جي زندگيءَ کي آيل زخم ڀرجندا محسوس ٿيا. انهن ئي ڏينهن ۾ ريتن جي روايتي ڪهاڻيءَ به ڪنڌ کنيو، چنڊ جيان چمڪندڙ ڪائنات جڏهن ستارن جهڙي سونهن ڪڍي ته ڪيئي اکيون هِن جي پويان پئجي ويون…. انهن ئي ڏينهن ۾ صدوريءَ جا پيڪا به اچي پهتا ۽ هُنن ايندي ئي پنهنجي تقاضا وارو تير مولا بخش مٿان هَلايو…
مولا بخش جنهن جي پوري پونجي اها ڪنول جهڙي ڪائنات هُئي ۽ صدوري جنهن جي سڃاڻپ ۽ سهائتا به اها ئي هئي، سي ته ڄڻ ڳالهين جي ڳلين ۾ وڃائجي ويا. هو جيڪو ٻڌي رهيا هئا، سو هنن جي تصور ۾ به نه هو، جڏهن صدوريءَ جي امڙ کين چيو ته پٽ مولا بخش تنهنجي ڪائنات هاڻي ان ڳالهه جي قابل ٿي وئي آهي، جو هاڻي نياڻيءَ جا هٿ پيلا ڪري شينهن ڪُلهي چاڙهجي، سو پُٽ اسان اهو فيصلو ڪري آيا آهيون ته اها امانت جيڪا اسان جي آهي سا منهنجي ڀاءُ ولي محمد جي پُٽ شيروءَ کي پرڻائي ڏيون ته جيئن وڏڙن جي ڪيل ان واعدي کي به پاڻي ڏجي ۽ اسان جي عاقبت به سڌي ٿي…
مولا بخش اهو ٻڌي ڄڻ ته پاڻ کي واچوڙي جي وچ ۾ ڦيراٽيون کائيندي محسوس ڪيائين… اکين ۾ ٽانڪيل سالن جي ننڊ ڄڻ اُڊڙي پئي هُجيس… اندر ۾ سيءَ سان تپ محسوس ٿيڻ لڳس … ڌنڌلا منظر اکين جي اسڪرين تي چُر پُر ڪرڻ لڳس…. شعور مٿان شيرو لامارا ڏيڻ لڳس…. خيالن جي ٻڏتر ۾ هڪ ڇَسو ڇورو جنهن جي ڪرت هئي ڏيهه سان ڏٽي بازي، چوويهه ڪلاڪ چالاڪي، دنيا سان دوکو، هر هنڌ حِرفتِ…. نشي ۾ ڌت. ڪڏهن پاڻ پادرن ۾ ته ڪڏهن ڌڻي پُڻائي ڌِڪن ۾، سنگت سوڌو شيخن ۾، نه ڪمائي نه ڪرتي، نه آڻي، نه ئي ڪُجهه ڄاڻي، پيءُ جي حلال پئسن کي حرام ڪندڙ هي لوفر قسم جو ڇورو مولا بخش جي مٿي ۾ لڳڻ وارو هو…
مولا بخش گم ٿي ويل ڪو غوراب لڳو. پاتال تائين وڃي پهتو ته ڪنهن هڪل ڪري ڄڻ ته سُتل ننڊ مان جاڳايس… ولي محمد واڪو ڪري چيس ته ادا! اديءَ جي ڳالهه توکي ڪيئن لڳي؟…
بخت جون سڀ لڪيرون اورانگهي، موت جهڙي خاموشيءَ ۾ ويڙهجي ويل مولا بخش پٻن تي اُڀو ٿي واپس موٽيو… سمورو سوڳُ ٿي ويو هو. ڄڻ.. وري ساڳي آکاڻي اکين اڳيان ڦرندي محسوس ڪيائين…
مولا بخش کي صدوري به ايئن آسانيءَ سان نه مِلي هُئي… سوچيائين پئي ته مان مسڪين کڻي هُئس، پر هَٿ جو ته سَڄو هئس، منهنجو ڪردار ته ايئن ڪِنو نه هو… شيرو صفا ڇَسو ۽ بي وڙو! مولا بخش صدوريءَ جي اکين ۾ گِهري ويو. هِن ڪروڌ واري اکين ۾ به پنهنجي فيصلي وارو فرق محسوس ڪيو…
ادا ولي محمد! منهنجي نياڻي پڙهيل لکيل آهي. هوءَ پنهنجي بُري ڀلي کي سمجهي ٿي. اسان ان تي زور بار وجهي نٿا سگهون. ان کان پُڇي پوءِ اوهان کي ٻڌائينداسين…
ولي محمد مٿان مولا بخش جا لفظ مياڻ مان نڪتل ڪنهن تکي تلوار جيان لڳا… هُن جا بي لباس لفظ هُنن جي اگهاڙي اڱڻ تي نَچڻ لڳا… اندر جي ڀڻڪي نيٺ ٻاهر نڪري ٿُوهر جهڙا جملا اوڳاڇيا… وڏو آيو آهي ڌيءَ کان پڇڻ وارو… اڙي! تنهنجي غيرت اهو ٿي ڪم ڪري، ڌيءَ کي مڙس پُڇي ڏيندينس!!! اَسان جي اَڍ ۾ ڪڏهن ڪنهن اهڙو ڪڌو ڪم ڪيو آهي؟ ڌيئر ته ڌڻ آهن، جنهن سان پيءُ کي مرضي پئي پرڻائي ڏي. ويچاري وات مان ڪُڇندي به ناهي. ڪنڌ کڻي پيءُ ڏانهن ڏسندي به ڪونهي. تون ڪهڙو پيءُ ٿيو آهين. چار درجا ڇوريءَ ڇا پڙهيا، مالڪياڻي ٿي وئي پنهنجي مقدر جي… اڙي! ڏاهو ٿيءُ… پنهنجي غيرت “ليلام” نه ڪر ۽ ها ڪن کولي ٻُڌ…!!!
ولي محمد جي وات مان لفظ هاڻي گوليون بڻجي نڪتا…
مولا بخش! ڪائنات اسان جو “پيٽُ” آهي. پَت نه پَوئي ته پنهنجي سَسَ کان سئو ڀيرا پُڇي پَڪ ڪري ڏِسُ. توکي اسان پنهنجي ڀيڻ صدوري به ان آڌار تي ڏني هُئي سون ته تنهنجو “پهريائت پيٽ” اسان جو هوندو… اهو سڀ ڪجهه لکت ٿيل آهي… هِن هڪدم پاسي واري کيسي مان پُراڻو ويڙهيل پَنو ڪَڍي ڏيکاريو… چِتائي ڏس هن تي تنهنجي مرحوم پيءُ جو آڱوٺو به اَٿئي…
“پيٽ”! مولا بخش هَڪو ٻَڪو ٿي ويو… لفظ نڙيءَ جي لنگهه ۾ اَٽڪي پَيس… پنو ڏسي اکيون پٿرائجي وَيس… ٽاههَ کاڌل جانور جيان ٿاٻڙجڻ لڳو… پُراڻي پاروٿي رسم جي زنجير ۾ پنهنجو وجود جڪڙيل محسوس ڪيائين… پٽڪو پلاند ۾ ويڙهجندي محسوس ٿيس… صدوري جا اڳ ئي سُنُ ٿي وئي هُئي، تنهن کي پنهنجي ڪائنات جي ڪونئري ڪپهه جهڙي جواني شيروءَ جي شڪاري هَٿن ۾ لوئجندي محسوس ٿيڻ لڳس…
شيرو جيڪو هِن لاءِ شرمَ جهڙي ڳالهه هُئي… شطرنج جي چال جهڙو شيرو هيڻائپ تي ڄَڻ ته حملو هو… ان کان اڳ جو انڪار جو آبشار صدوريءَ جي سُڪي ويل چَپن مَنجهان ڦٽي نڪري، ماءُ سندس هٿ ٻَڌي ڌيءَ کي رسمن جي رضا تي راضي رهڻ جو ايلاز ڪيو… “قدرت جي ڪَئيءَ تي آمين ڪرڻ جي التجا ڪئي…”
پَيٽ جو ماريل پورهيت، پيءُ… پيٽَ لکيل پَنو هَٿن ۾ هيڏي هوڏي ڪندو رهجي ويو…