پي ٽي آءِ جو ايم اين اي راجا رياض پڻ سندس حڪومت تي ڪاوڙجي پيو.
پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي ميمبر راجا رياض جيو نيوز جي پروگرام ڪئپيٽل ٽاڪ ۾ گفتگو ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت کان 10 هزار جي ڪرپشن 30 هزارن تي پهچي وئي آهي ۽ بيورو ڪريسي وڌيڪ طاقتور ٿي وئي آهي.
راجا رياض وزيراعظم جي صلاحڪارن کي به تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته انهن جو ڪوبه حلقو نه هو ۽ اهي جنهن ڏينهن حڪومت ڇڏي هليا ويندا، اهي پنهنجو سوٽ ڪيس کڻي پنهنجن ماڳن ڏي هليا ويندا. هن چيو ته سياستدانن کي چونڊن ۾ وڃڻو آهي، هو پاڻ روز پنهنجي اوطاق تي ويهندو آهي توهان کي خبر آهي ته ڪيترا ماڻهو ناراض هوندا آهن، اسان سان ايندڙ چونڊن ۾ تمام گهڻو برو سلوڪ ڪيو ويندو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر خواجه شيراز محمود پڌرو ڪيو ته هڪ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر غريبن لاءِ احساس پروگرام مان 12 هزار رپيا به چوري ڪيا. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي ڪارروائي پارلياماني معاملن واري وزير جي بدران هڪ چونڊيل صلاحڪار بابر اعواڻ ڪري رهيو آهي.

