خاص

ڪورونا مريض جي خاندان وينٽيليٽر پلگ ڪڍي ايئر ڪولر وانگر استعمال ڪيو، مريض موڪلائي وي.

هندستاني رياست راجسٿان ۾ ڪورونا وائرس جي مريض جي گهروارن وينٽيليٽر جو پلگ ڪڍي ڇڏيو ۽ ان کي ايئر ڪولر وانگر استعمال ڪندا رهيا جنهن سبب مريض وينٽيليٽر بند ٿيڻ ڪري فوت ٿي ويو. ڀارتي اخبار مطابق اهو واقعو 15 جون تي راجسٿان جي ڪوٽا ضلعي جي هڪ اسپتال ۾ پيش آيو. ان سلسلي ۾، اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته پلگ ختم ٿيڻ جي ڪري وينٽيليٽر ڪجهه وقت لاءِ بيٽري تي ڪم ڪيو، پر پوءِ اهو بند ٿي ويو. ڊاڪٽرن موجب کين مريض جي نازڪ حالت بابت ڄاڻ ڏني وئي پر گهڻي دير ٿي چڪي هئي. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته مريض جي مرڻ کانپوءِ گهر ڀاتين ڊاڪٽرن تي پڻ حملو ڪيو.