پي. ڊي. ايم: عوامي طاقت جو اهڃاڻ
ملڪ ۾ سياسي هلچل ۽ مخالف ڌر پارٽين پاران حڪومت خلاف پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان شروع ڪيل جدوجهد کانپوءِ اهو ضرور نظر اچي رهيو آهي ته عمران خان نيازي جي هاڻوڪي حڪومت هن وقت دٻاءُ جو شڪار آهي. عمران خان نيازي جون تازيون تقريرون اهو ئي ٻڌائي رهيون آهن ته مخالف ڌر جي ڪيل جلسن کانپوءِ هو نه فقط انهن تي سخت ڪاوڙيل آهي، پر هاڻ کيس پنهنجو اقتدار واريءَ وانگر وقت جي آڱرين مان وهندي محسوس ٿي رهيو آهي. ڪنهن به سياستدان کي ايترو ضرور ياد رکڻ گهرجي ته ان جو اقتدار سدائين لاءِ ناهي رهندو، عمران خان ته پنهنجو پاڻ کي صادق ۽ امين ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪي دعوائون ڪندو رهيو آهي، ان کانپوءِ ته کيس اقتدار جي لالچ نه هجڻ گهرجي، پر هو به روايتي سياستدانن وانگر اقتدار سان چهٽڻ چاهي ٿو. ان ڪري ئي هن اهو بيان ڏنو ته جيڪڏهن سندس حڪومت کي ختم ڪيو ويو ته هو عوام کي ٻاهر ڪڍي روڊن تي نڪري ايندو. جڏهن ته هن وقت عوام عمران خان نيازي مان جان ڇڏائڻ لاءِ روڊن تي نڪتل آهي. ان کان به اهم ترين ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به ماڻهو کان اقتدار هليو وڃي ته پوءِ ان لاءِ عوام روڊن رستن تي ڇو نڪرندو، شايد عمران خان نيازي ملڪ جي سياسي تاريخ کان اڻ واقف آهي يا هو ان کان منهن موڙي رهيو آهي.
ملڪ ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال ان ڳالهه کي به وائکو ڪري رهي آهي ته هاڻوڪي حڪومت ڪهڙي ريت غلطين مٿان غلطيون ڪري پنهنجي لاءِ ڏکئي وقت کي دعوت ڏيئي رهي آهي. مثال طور: حڪومت جيڪو جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس موڪليو، ان جو فيصلو اچڻ کانپوءِ اهو واضح ٿي ويو ته اهو ريفرنس بدنيتي تي ٻڌل هو. معزز ججن فيصلي ۾ اهو ڄاڻايو آهي ته هي ريفرنس غير آئيني ۽ غير قانوني هو. يعني هڪ اهڙُو ريفرنس جيڪو ٺهيو ئي نٿي حڪومت اهڙو ريفرنس تيار ڪيو، پر سپريم ڪورٽ قاضي فائز عيسيٰ جي حق ۾ فيصلو ڏئي حڪومت کي هڪ ٻي شڪست ڏني آهي. ان فيصلي کانپوءِ اخلاقي طور ته ملڪ جي صدر عارف علوي، شهزاد اڪبر ۽ فروغ نسيم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، پر جيئن ته پي ٽي آءِ جي اڳواڻن کي اقتدار ايڏو ته مزو ڏنو آهي، تنهنڪري اهي ان فيصلي تي به ڪرسي سان چهٽل ئي هوندا.
پي ٽي آءِ حڪومت قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر واري کان مني ٽريل ته گهري، پر ان ۾ ايتري همت ناهي جو اها جنرل عاصم سليم باجوه کان اها مني ٽريل گهري، جنهن وسيلي هن آمريڪا ۾ پنهنجي ملڪيتي سلطنت قائم ڪري ورتي آهي. جيتوڻيڪ هن پنهنجي خاص معاون واري عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، پر کيس اصل استعيفيٰ سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين شپ تان ڏيڻ گهرجي ها. جنهن وسيلي هن پنهنجي ملڪيت ۾ واڌ ڪئي آهي. ان حوالي سان مسلم ليگ نواز جي مريم نواز توڙي نواز شريف سوال اٿاريندا رهيا آهن. نواز شريف ته هاڻ جنرلن جا نالا وٺي ڳالهه ڪري ٿو ته انهن ڪهڙي ريت 2018ع واريون چونڊون چورائي عمران خان نيازي کي عوام مٿان مڙهيو آهي. گوجرانوالا واري جلسي ۾ جهڙي ريت هن تقرير ڪرڻ دوران هاڻوڪي آرمي چيف ۽ آءِ ايس آءِ چيف جا نالا کڻي مخاطب ٿيو، ان کانپوءِ سڀ ڪجهه واضح ٿي ويو آهي.
هيءَ ويڙهه جيڪا هن وقت اسان کي پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين صوبن ۾ نظر اچي رهي آهي، اها ويڙهه اصل ۾ غير جمهوري قوتن ۽ جمهوريت پسند قوتن جي وچ ۾ آهي، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان وٽ اڃا تائين حقيقي جمهوريت نه آئي آهي، پر اها تڏهن ئي ايندي جڏهن جمهوريت لاءِ راهن ۾ رنڊڪون نه وڌيون وڃن، جڏهن هن ملڪ جي “ڪمپني بهادر” پاڻ کي سياست کان پري رکندي، پر جيئن ته هن وقت ملڪي اسٽيبلشمينٽ پاڻ ئي هڪ رياست جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي، تنهنڪري ان لاءِ عوام توڙي سياستدان جيتامڙا آهن، جن کي جڏهن به چاهي ڇيڀاٽي سگهي ٿي، پر هن وقت ائين لڳي رهيو آهي ته هي ويڙهه ڪنهن فيصلائتي دڳ تي ضرور ختم ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ڪوبه ملڪ هن ماحول ۾ نٿو هلي سگهي. جڏهن ميڊيا جي زبان تي تالو لڳل هجي، ماڻهن جي نڙيءَ تي ننهن هجي ۽ جيڪڏهن ڪو ڳالهائي ته اهو کنڀجي وڃي ۽ ماڻهو گم ڪرڻ معمول بڻيل هجي، ان ماحول ۾ جيڪي به آواز اٿندا، انهن کي وقتي طور ته دٻائي سگهجي ٿو، پر مڪمل طور دٻائڻ يا انهن کي ختم ڪرڻ ممڪن ڪونهي.
نواز شريف پنهنجي پراڻي لائين کي ڇڏي جهڙي ريت نئين روپ ۾ سامهون آيو آهي، اهو نه فقط جمهوري قوتن لاءِ فائديمند آهي بلڪه عوام کي به حوصلو ڏيندڙ آهي. عمران خان نيازي هر تقرير ۾ ڀلي نواز شريف کي ئي پنهنجي تقرير جو محور ٺاهي، پر تنهن هوندي به هو پنهنجي مقبوليت وڃائي چڪو آهي. ايندڙ وقت ۾ هو ايترو ته غير مقبول ٿي ويندو جو کيس به اندازو ناهي. ڇاڪاڻ ته هن وٽ عوام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه هو ئي ڪونه. عمران خان جي سياسي ڪمزورين جو فائدو پي ڊي ايم کڻِي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته عمران خان نيازي هڪ جذباتي ماڻهو آهي ۽ سياست ۾ جذبات گهٽ، پر عقل وڌيڪ هلندو آهي، سياست ۾ ڪڙي کان ڪڙي ڳالهه به منهن تي مرڪ آڻي ڪبي آهي، پر اهو فن هڪ سياسي ذهن کي ئي ايندو آهي. جيڪڏهن ان فن کي سکڻو آهي ته پوءِ مولانا فضل الرحمان جي سياسي بيانن کي ٻڌڻ جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن “ڪمپني بهادر” اڃا به ملڪ کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿي ته پوءِ اها ڀلي عمران خان نيازي جي حمايت جاري رکي، پر وري به مسئلو اهو آهي ته ان جي هڪ حد مقرر ٿيل آهي. فوج ته آمرن جي به هڪ حد تائين حمايت ڪندي رهي آهي ته پوءِ هڪ اهڙُو سويلين وزيراعظم جيڪو پنهنجو مينڊيٽ سان به وزيراعظم ناهي ٿيو ۽ سندس حڪومت وڻ وڻ جي ڪاٺي گڏ ڪري جوڙي وئي آهي. ان جي حمايت ڪيتري وقت تائين ڪري سگهجي ٿي. پنجاب ۾ جيڪو ماحول جڙيو آهي، ان کي ڏسي ائين محسوس ٿي رهيو آهي اهو طوفان ايترو جلدي جهڪو نه ٿيندو، بلڪه جيستائين آئيني حدن موجب ڪڍيل ليڪ کي عمل ۾ نٿو آڻجي.
مسلم ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام جو سياسي اتحاد عمران خان نيازي جي حڪومت لاءِ مٿي جو سور ته ضرور ٿيو آهي، پر هاڻ اپوزيشن پارٽين کي به اهو سوچڻو پوندو ته هي ويڙهه رڳو انهن کي اقتدار ماڻڻ لاءِ نه ڪرڻ گهرجي، پر اصل ۾ عوام جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ هجي، جنهن ۾ ڪوبه عام ماڻهو ڪنهن آمر جو به احتساب ڪري سگهي ۽ جمهوريت تي راتاهو هڻندڙن کي ڪنهن به ريت بخش نه ڪري. اقتدار جي نشي ۾ ورتل عمران خان نيازي جي پيرن هيٺان جڏهن تخت کسڪي ويندو تڏهن کيس اندازو ٿيندو ته عوام جي طاقت آڏو تخت ۽ تاج ڪجهه به نه هوندا آهن.
akhterhafez@gmail.com

