خاص

پي ڊي ايم کي چونڊن ۾ ڪاميابي ملي، عوام اسان سان گڏ آهي: بلاول ڀٽو

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ڊي ايم کي ننڍي چونڊ ۾ واضح ڪاميابي ملي. عوام اسان سان گڏ آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سينيٽ چيئرمين جي چونڊ ۾ پي ڊي ايم جو اميدوار ڪامياب ٿيو، پر پرزائيڊنگ آفيسر پنهنجي مرضي جو نتيجو ڏنو. هن چيو ته جائز ووٽ رد ڪري پنهنجي اميدوار کي ڪرسي تي ويهاريو ويو. پ پ جي چيئرمين چيو ته صوبن ۾ حڪومت جو ڄمي مقابلو ڪيو، پي ڊي ايم جي اميدوار کي 49 ۽ حڪومتي اميدوار کي  48 ووٽ مليا. هن چيو ته عدالتي فيصلو ايندو ته خبر پئجي ويندي ته سينيٽ ۾ به حڪومت کي شڪست ملي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سڀاڻي اسان جو سربراهي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ آئنده جو لائحه عمل طئي ڪنداسين. حيدرآباد ۾ وڻڪاري مهم تحت هڪ لک ٻوٽا لڳايا ويندا.