پ پ ايم پي اي ڄام اويس جي رهائي جو روشن امڪان
ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ گرفتار سنڌ اسيمبلي جي رڪن ڄام اويس سميت ٽي ملزم جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪيا ويا. تفتيشي اختيارين ٻڌايو ته مقتول ناظم جوکيو جي ڀاءُ ۽ ٻين رشتيدارن جا به بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن. شڪ آهي ته ناظم جوکيو جي قتل وقت 5 کان وڌيڪ جوابدار موجود هئا، وڌيڪ ملزمن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن. ٻئي طرف گذريل ڏينهن ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نئون موڙ ان وقت سامهون آيو جڏهن پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ڄام اويس جي گارڊن ناظم جوکيو کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو. گارڊن طرفان ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ کانپوءِ ڄام اويس جي رهائي جا امڪان واضح ٿي ويا آهن. ذريعن مطابق قتل جو اعتراف ڪندڙ ٻنهي گارڊن ۾ مير علي ۽ حيدر شامل آهن. ياد رهي ته پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي جي رڪن ڄام اويس جي مهمانن جي شڪار جي وڊيو وائرل ڪرڻ تي ناظم جوکيو کي گذريل هفتي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو هو.