پ پ سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي مخالفت ڪري ڇڏي
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وفاقي حڪومت طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني قبضي جي مخالفت ڪري ڇڏي. پيپلز پارٽي جي ٽوئيٽر پيج تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ پ تحريڪ انصاف جي صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي غير قانوني قبضي جي مخالفت ڪندي. هن چيو مان سوال ڪيان ٿو ته تحريڪ انصاف حڪومت طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي ۽ مودي جي والاريل ڪشمير ۾ کنيل قدمن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي قدمن جي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين سميت سينيٽ ۾ به مخالفت ڪئي ويندي.

