ٿر جي ڪوئلي مان ٽي سئو سالن تائين بجلي پيدا ٿيندي ۽ ساليانو ست ارب ڊالر بچائي سگهجن ٿا: وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف ٿرڪول مائنز فيز ٽو جو افتتاح ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته هي خوشحالي ۽ ترقي جو منصوبو آهي، ٿر جي ڪوئلي مان ڏهه رپيا في يونٽ بجلي پيدا ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ٿر ۾ 175 ملين ٽن ڪوئلي جا ذخيرا موجود آهن جنهن مان گئس ٺاهي سگهجي ٿي، ايندڙ سال تائين ٿر جي ڪوئلي مان ملڪي معيشت ۾ غير معمولي واڌ ايندي، پاور پراجيڪٽ ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت وڌي 2640 ميگاواٽ ٿي ويندي. شهباز شريف چيو ته ٿر جي ڪوئلي مان ڏهه رُپيا في يونٽ بجلي پيدا ٿيندي، هي خوشحالي ۽ ترقي جو منصوبو آهي، هي جديد ٽيڪنالوجي سان مڪمل ٿيندڙ رٿا آهي جنهن سان ماحولياتي گدلاڻ پيدا نه ٿيندي. هڪ وقت هو جڏهن زندگي گهارڻ جا آثار نه هئا ۽ اڄ هتي بجلي پيدا ٿئي ٿي. هن چيو ته ٿر ۾ بهترين معيار جا پلانٽ ۽ بوائلر آهن، هتي گدلاڻ نه آهي، هن رٿا سان پاڪستان جي معيشت کي فائدو رسندو. وزيراعظم چيو ته ڪوئلي جي ترسيل لاءِ اسان کي گڏجي ريلوي جو نظام پڻ بهتر بڻائڻو پوندو. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف ٿر ڪول بلاڪ ٽو ۾ 330 ميگاواٽ جي بجلي گهر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه به تقريب ۾ شريڪ هئا. وزيراعظم شهباز شريف ٿر جي هڪ ڏينهن واري ياترا تي اسلام ڪوٽ جي شهيد مائي بختاور ايئرپورٽ پهتو، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين وزيراعظم جي آجيان ڪئي.