ڄامشورو گرڊ اسٽيشن کي باهه: حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي بندش.
ڄامشورو ۾ 500 ڪي وي گرڊ اسٽيشن جي يارڊ ۾ باهه لڳي وئي، جنهن ڪري حيدرآباد جي سمورن گرڊ اسٽيشنن جي 110 فيڊرن کي بجلي جي فراهمي منقطع ٿي وئي. حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ ٽنڊو محمد خان سميت ڪيترائي علائقا بجلي نه هئڻ سبب اونداهي ۾ ٻڏي ويا. حيسڪو جي ترجمان چيو ته سمورن فيڊرن کي بجلي بحال ڪرڻ لاءِ ڪارروايون جاري آهن، 98 سيڪڙو بجلي بحال ڪئي وئي آهي ۽ ٻين متاثر ٿيندڙ گرڊن کي بجلي جي فراهمي 5 کان 6 ڪلاڪن ۾ ڪئي ويندي. ٻئي طرف نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) جي ترجمان جو چوڻ آهي ته 500 ڪي وي ڄامشورو گرڊ اسٽيشن جي 132 ڪي وي سوئچ يارڊ ۾ باهه لڳي وئي ۽ باهه فني خرابي جي ڪري شروع ٿي جنهن کي قابو ۾ آندو ويو آهي.

