بلاگ

ڄـامـشـوري مـان گـذر… ڊاڪٽر پيار علي جتوئي Aug 2020

هيترن سالن گذرڻ کانپوءِ جڏهن ان ڏينهن پهريون ڀيرو ڄامشوري جي پٿريلي ڌرتي تي قدم رکيو ته ايئن ڀانيم ڄڻ پنهنجي اباڻي وٿاڻ تي پهتو آهيان. هتان جي زمين جي خوشبو اڃان تائين منهنجي ذهن جي ڪينواس تي تازي هئي ۽ مان جلدي ۾ چپٽي مٽي جي کڻي پنهنجي نراڙ تي گهمائي ته ان مٽيءَ ۾ پنهنجي وجود جي بوءِ محسوس ڪيم. هتان جا موتيا جيڪي جوان ڇورين جي چوٽن ۾ ٻڌل هوندا هئا، انهن اڃان تائين هتان جي ماحول کي معطر بڻائي رکيو هو. ڄامشوري جون اهي کينچليون هوائون جيڪي 18 سالن جي جوان ۽ ڪنوارن بتن کي ڏنگي شوشاٽ ڪري گذري وينديون هيون، اهي اڄ به ساڳي طرح پنهنجي مستي ۽ موجن ۾ ڇورين جي ڪپڙن ۽ رَوَن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ ۾ مشغول هيون. ڄامشورو اڄ به مون کي جوانن جو شهر نظر آيو ۽ هر طرف ڳڀرو ۽ جوڌا گهمندي ڏٺم. جوانيءَ جي شهر ۾ پهچي مان پاڻ کي فوهه جوان محسوس ڪيو ۽ مون کي پنهنجي ان فوهه جواني ۾ ڪيل سڀئي حرڪتون ياد اچي ويون جيڪي ڪڏهن پنهنجي يونيورسٽي واري الهڙ دور ۾ ڪيون هيون. يا وري اهي ٻاراڻيون به ڪرڻ تي دل هرکي پئي، جن جي منهنجي دل ۾ حسرت رهجي وئي هئي ۽ جيڪي ڪن مجبورين جي تحت پنهنجي اندر جي باهه نه ڪڍي سگهي هئي. سچ پڇو ته مون ۾ صفا ٻاراڻي موٽي آئي ۽ مان پاڻ کي رنگروٽ ڇورو لڳڻ لڳس. منهنجي دل چاهيو ته واٽ ويندڙ ڪنهن ڇڙ واڳ ڇوري کي ڇيڙيان، اک ڀڃي کيس اشارو ڪيان، مٿس ڪا ٺٺول ڪري پنهنجي يارن دوستن سان تاڙو ملائي وڏا وڏا ٽهڪ ڏيان. اگر هوءَ ڪاوڙ مان پادر لاهي ته پوءِ زور سان ٽاپي کائي وٺي ڀڄان. پني تي ڪا پيار ڀري پرچي لکي لڪي لڪي پنهنجي سهڻي ۾ سهڻي ڪلاس فيلو جي ٿيلهي ۾ وجهي اچان. استاد جي پڙهائڻ مهل ان جي پٺيان ڪاغذي جهاز ٺاهي هوا ۾ اڏاريان. ڪيمپس ۾ ڪَلفي ڪپڙا، وڙ وڪڙن واري سٿڻ پائي، قميص جا بٽڻ کولي، ڪف ڪالر مٿي ڪري، ٻانهن کي مٿي کنجي شوبازي واري لوڏ سان هلان. ڪا بدمعاشي جيسين منهنجي ذهن ۾ اچي ته سامهون ايندڙ ڪامريڊن جي زوردار نعرن تي منهنجي خيالن جي تند ٽٽي پئي. جذباتي نعرن هڻندڙ ڇورن جو ڊنب ڏسي مان حيرت جي ڪن ۾ ڪري پيس ته مار! اڳ وارن ڪامريڊن ۽ هاڻوڪن ڪامريڊن ۾ ڪيڏي نه تبديلي اچي وئي آهي. اڳي وارا ڪلفي ڪامريڊ جيڪي اڇا ڪاٽن جا ڪپڙا يا بوسڪي جون 5 ميٽرن جون وڙ وڪڙن واريون ڪانچون پائيندا هئا سي اڄ پتلون ڪوٽن ۾ ملبوس نظر آيا. سندن هلڻي به وديسيي لڳي رهي هئي. جيڪي اڳي ڪي-ٽو يا بابو ٻيڙي مٺ تي ڇڪيندا هئا تن جي وات ۾ گٽڪو يا سوپاري ڏٺم. ڪئمپس جي ڪنڊن ۾ سگريٽن جي ٽوٽن بجاءِ ڀتين تي پان جون پچڪاريون ڏٺم. اڳي جي ڀيٽ ۾ نينگرين جو تعداد وڌيڪ ڏسي دل جهومي اٿي ته اسان جي سنڌي نياڻي کي ست قرآن سمجهي پوتي ۾ ويڙهي گهر ۾ لڪائي رکڻ بدران دنيا جي وهنواءُ ۾ مردن سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ اجازت ڏني آهي. اڳ نياڻيون پنهنجي سنڌي ويس وڳن ۾ روا اوڙهي اينديون هيون، سي سڀئي عربي انداز وارو ڪارو جبو ۽ ٻوٿ ٻڌل نقاب ۾ ڌاڙيل لڳي رهيون هيون. سنڌين ۾ طالباني سوچ جو وڌندڙ رجهان ڏسي منهنجو مرڪندڙ مک وري مرجهائجي ويو. اڳي سول ۽ مڪينيڪل جهڙن نر ڊپارٽمينٽس ۾ ظائفان ذات نه هوندي هئي، پر اتي به اڄ ڪا پردي پوش هرڻي نظر آئي. تنهن جو اثر اهو ٿيو آهي جو اڳي انهن شعبن جا ڇورا صبح جو ٻوٿ به ڌوئي نه ايندا هئا ۽ ننڊ مان اٿي چپيون ڪڍندا ڪني منهن سان اچي ڪلاسن ۾ ويهندا هئا ۽ موڪل مهل سڌو اچي مٿين شعبن ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ جي شعبن ۾ ڪڙڪو ڪندا هئا، پر هاڻي اهي پاڻ ٻارن ٻچن وارا ٿيڻ ڪري ٻين شعبن ۾ نوس نوس نٿا ڪن ۽ هاڻي روز صبح جو ڏندڻ ڪري وهنجي سهنجي ٻڪ تيل جو هڻي سرمو اکين ۾ پائي ڪلاسن ۾ پهچن ٿا. اڳي يونيورسٽي ۾ ڊگها ڏاگهه بلئوش ڇورا هوندا هئا، پر هاڻي سنهڙا سيپڪڙا پنجاهه رپين جو ڪارو چشمو پاتل، ڦاٽل جينز پهريل مڇ ڪٽو برگر قسم جا ڇورا ڪافي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ آيا جن تي پاڻ هميشه ٽوڪون ڪندا هئاسين ۽ انهن کي ڪاوڙ مان ممي ڊيڊي ٻار چوندا هئاسين. يونيورسٽي جي ماحول ۾ مون پاڻ کي بلڪل اوپرو محسوس ڪيو. نه ئي پاڻ وارا اهي رونشا هئا ۽ نه ئي وري ڪي واڄٽ ۽ واڪا ٻڌڻ ۾ آيا. ڪينٽين تي اڄ به گريبي تي گريبي گهرائيندي ڏٺو ۽ چانهه جا ڪٽ جا آرڊر ڏيندي ڏٺم. ميز تي گلاس زور سان وهائي داٻي سان بيري کي گهرائيندو ڏٺم. ڪمپيوٽر شعبي ۾ چاچو ڪراڙو اڄ به گرما گرم پيٽيز جا هوڪا ڏئي رهيو هو. سڀئي شعبا گهمي پوءِ حسن جي فيڪلٽي آرٽس فيڪلٽي ۽ ڄامشوري جي وڏي درگاهه مارئي هاسٽل جو چڪر لڳايم جنهن جي دروازي تي ڪيئي مريدن جا هجوم ڏٺم جيڪي پنهنجون پنهنجون مرادون کڻي پهتل هئا. ٻاهر پارڪ ۾ ڪيئي جوڙا هڪٻئي سان ڪچهرين ۾ مصروف هئا.

ڪيمپس جو چڪر لڳائي جڏهن هاسٽلن ڏانهن رخ ڪيم ته مکيه لوهي دروازي تي تقريبن سڀني قومپرست توڙي مذهبي پارٽين جا بينر توڙي جهنڊا جهلندي ڏٺم. ڀتين تي ڪانڀو خان کي آزاد ڪريو، ڪامريڊ ڪانڊيري تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪريو ۽ ٻيا اهڙي قسم جا عجيب و غريب نعرا غلط سنڌي ۾ لکيل هئا. ان وقت هاسٽل مون کي يونيورسٽي جي شاگردن جي رهائش گاهه بدران ڪو پريس ڪلب لڳو جنهن ۾ جيڪو آيو، نعرا هڻندو پنهنجا جهنڊا جهولائيندو هجي. پنهنجي هاسٽل حيدر بخش جتوئي جي اندر وڃي ڏسان ته هڪ عجيب قسم جي اوپرائپ ۽ سانت محسوس ڪيم. هرڪو اڪيلو اڪيلو پنهنجي ڌن ۾ مگن ۽ پنهنجي دنيا ۾ غرق هو. نه اهي اڳي وارا ٽاڄا ۽ ٽهڪ، نه ڪي ڌڙا ۽ نه وري ٽولن جا ٽول جيڪي شام جو علي بخش مانڊڻي واري کان اوڌر تي بسڪوٽ وٺي ٽيچرس هاسٽل تي وڃي ڪٽ چانهه جو پيئندا هئا. هر  ڪنهن پنهنجي پنهنجي ڪمري ۾ ننڍڙي ننڍڙي دنيا وسائي ڇڏي هئي. درين کان جهاتيون پاتم ته هر ڪوئي ڪمپيوٽر ۾ ٻوٿ ٽنگيو ويٺل هو يا وري هاسٽل جي ڪنهن سنسان جڳهه تي ڪنن ۾ هينڊ فري لڳايو، ساري دنيا جي گوڙ گمسان کان بي نياز ٿي ڪنهن چلوليءَ سان سس پس ڪندي نظر آيا. پنهنجي ڪمري 210 تي وڃي ڏٺم جنهن کي وڏو تالو لڳل هو تنهنڪري پنهنجي آستان جو ديدار نه ڪري سگهيس ۽ ٻاهر ڪاريڊور ۾ ڪجهه پل بيهي ٿڌڙي هير ۾ وڏا وڏا ساهه کنيم. اڳي هاسٽل جي ڪمرن مان سرمد سنڌي، علڻ فقير ۽ جيجي زرينا بلوچ جا قومي گيت ٻڌڻ ۾ ايندا هئا اڄ اتان ڪولا وري ڊي، مني بدنام هُئي، پاپي چولو ۽ بيبي شيرين گونجندي ٻڌم. هاسٽل جي اهڙي ٻوسٽ ۽ گهٽ جهڙي ماحول مان آخر تنگ ٿي وٺي ڀڳس ۽ سڌو اچي عاشقن جي امام علامه آءِ آءِ قاضي ۽ امڙ ايلسا جي مزار تي پهتس جتي هاڻي هڪ ٻي قبر جو به اضافو ٿيو هو. علامه صاحب، ايلسا ۽ نبي بخش بلوچ ابدي ننڊ ۾ گهور ستل ڏٺم. انهن تي قل پڙهي گلن جون پنکڙيون ڇٽي کين مٺي ماٺ ۾ ڏسي هليو آيس.

پريان ڏور ٽڪري تي بيٺل پراڻن وڻن ڏي هليو ويس جتي پراڻن ڊگهن وڻن جي ٿڙن تي وڃي پنهنجي پيار جا اڪريل نشان ڏٺم، جتي ڪڏهن ڪنهن حسينه جي ڳچيءَ ۾ ٻانهن جو هار وجهي ان سان گڏ جيئڻ مرڻ جا واعدا ۽ وچن ڪيا هئا. پنهنجي پيار ڀرين انهن پلن کي يادگار بڻائڻ لاءِ وڻن جي ٿڙن تي اسان هڪ ٻئي جا نالا دل جي وچ ۾ اڪري ڇڏيا هئا. ها! اهي وڻ اڄ به ساوا آهن ۽ پنهنجي پيار جي گواهي ڏئي رهيا آهن، پر افسوس جو اسان جو  پيار امر ٿي نه سگهيو ۽ اسان هڪٻئي کان هميشه لاءِ جدا ٿي وياسين. ٿڙن تي لکيل اهي نالا ڏسي يڪدم مان ڪيئي سال پوئتي هليو ويس ۽ پنهنجي سهڻي سيبتي نازني سان گهاريل يونيورسٽي جا ڏينهڙا منهنجي سوچن جي صحرا ۾ تري آيا ۽ هن جي وارن جي مهڪ منهنجي سموري وجود کي واسي ڇڏيو. جڏهن هن سان گڏ يونيورسٽي جي اداس شامن ۾ سنسان رستن تي هٿ هٿ ۾ ڏئي گهمندو هئس ۽ ڄامشوري جي ڇيڳري هوا هن جي ڪاريهر وارن کي گهلي منهنجي منهن تي پکيڙي ڇڏيندي هئي ته گهڙي کن پلڪ لاءِ مان پاڻ کي خوشبو جي دنيا ۾ غرق ڪري ڇڏيندو هئس ۽ مان هڪدم پنهنجون اکڙيون پوري جنت جهڙي خوشبو کي اندر جي اٿاهه شدت سان پنهنجي وجود ۾ جذب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. اچانڪ هن جي نفيس آڱرين جو  ڇهاءُ پنهنجي وارن ۾ محسوس ڪيان ٿو ۽ هوءَ منهنجو هٿ پڪڙي پنهنجي جهولي ۾ رکي منهنجي آڱرين جي وٿين ۾ پنهنجون آڱريون گهيري خالي پيل گئپ کي ڀري ڇڏي ٿي ۽ مان پنهنجون مُٺيون ڀڪوڙي ڇڏيان ٿو ته جيئن هن کي ٻيهر ڪڏهن وڃڻ نه ڏيان. هن جا ميندي رتا هٿ، ٻانهن ۾ پيل ٻانهي ۽ هن جي ڀرت ڀريل قميص جا چاڪ مون کان زندگي ڀر نه وسري سگهندا. جڏهن هوءَ مرڪندي هئي ته هن جي هيٺين سامهون وارن ٻن ڏندن جي وٿي ظاهر ٿي پوندي هئي ۽ هن جي ڳلن تي هلڪا چگهه ٺهي پوندا هئا. مذاق مذاق ۾ پنهنجي ننڍڙن هٿن سان ٻه ٽي بجا ڏئي ڇڏيندي هئي. ساڄي ڳٽي تي ڪارو تر جو نشان ۽ ڪلاس ۾ ورتل کانئس پهرين چمي ئي منهنجي لاءِ ڪل ميراث آهي. سندس ٽٽل چوڙي، استعمال ٿيل ٽشو پيپر ۽ هن جا رت سان لکيل خطڙا منهنجي پوري زندگي جو اثاثو آهن. پراڻين يادن جي کنڊرات ۾ اڃان گم ئي هئس ته پريان هاسٽلر  ڇورن جي وڏن ٽهڪن ۽ هوڪرن مون کي جاڳائي وڌو. سج اولهندي جبلن ۾ ٻڏي چڪو هو، افق تي اونداهه لامارا ڏيڻ لڳي هئي. مان به چشمو لاهي ڀنل اکيون صاف ڪري گاڏي ۾ ويهي زوزاٽ ڪندو گاڏي ڪاهي هليو آيس ۽ پويان ٽائرن جي چرڙاٽ جو آواز ڪافي دير تائين وايو منڊل ۾ گونجندو رهيو.

چند تصوير بتان، چند حسينون ڪي خطوط،

بعد مرني ڪي مري گهر سي يهي سامان نڪلا.