چترڪار ردا بلوچ

ردا بلوچ گذريل هڪ سال کان فن مصوري ۾ دلچسپي سان ڪم ڪري رهي آهي، هوءَ اولڊ ميمڻ سوسائٽي قاسم آباد حيدرآباد جي رهائشي آهي، ان سان گڏ ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر ۾ ڪمپيوٽر سائنس جي شاگردياڻي آهي ۽ پنهنجي آرٽ جي شوق کي به جاري رکندي اچي. هوءَ ننڍپڻ کان ئي فطرتي حُسن کان متاثر آهي ۽ کيس فطرت جي سونهن مجبور ڪيو ته هوءَ برش هٿ ۾ کڻي ان کي پنهنجي انداز ۾ پينٽ ڪري. اڃان هوءَ 16 سالن جي ننڍي عمر جي آهي، پر جنهن محنت ۽ شوق سان هوءَ ڪم ڪري رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي هوءَ آرٽ جي دنيا کي چونڊي هڪ پروفيشنل آرٽسٽ بڻجي وڃي.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments