”چوٽيهون در“ جو مختصر اڀياس مير سردار چنڙ  

1975 Shares

چوٽيهون در نسيم کرل جي شاھڪار ڪھاڻي آھي جنهن ۾ پوليس جي ڪارڪردگي ۽ فرض شناسي تي روشني وڌل آھي. ھيءَ ڪھاڻي اسان جي پوليس جي فرض شناسي ۾ ڪوتاھين جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿي. ھن ڪھاڻي جو مرڪزي ڪردار ھڪ مسڪين ننڍڙو ايريگيشن ملازم آھي، سکر پل جي 66 دروازن تان پاڻي ماپيندڙ آھي. ان گيج ريڊر جو نالو غلام محمد ولد نور محمد آھي. ھي ويچارو صبح سوير ڏسي ٿو ته سکر بئراج تي در نمبر 34 تي ھڪ عورت جو لاش لٽڪي رھيو آھي، تنهن تي ھي انسانيت جو احساس کائيندي تر جي پوليس اسٽيشن تي اطلاع ڏيڻ وڃي ٿو.

نسيم کرل جي ھيءَ هڪ اخبار جي خبر تان متاثر ٿيل ڪهاڻي آهي. سپر هاءِ وي تي پيل لاش کي دادو ٿاڻي وارا نه کڻن ۽ حيدرآباد ٿاڻي وارا چون ته اسان جي حد ڪونهي. هيءَ ڪهاڻي به بهترين تاثر واري آهي.

اسان وٽ عام طور تي ايئن ٿيندو آھي، پوليس اھڙن ڪيسن تي ڪابه توجهه/ڌيان ناھي ڏيندي، جنهن ۾ کين ڪجهه پئسا ڏوڪڙ نه ملن. ھو اھڙن ڪيسن ۾ ھٿ ئي ناھي وجھندي جنهن ۾ کين ڪو فائدو نه ٿئي. اسان جي پوليس جيڪا صرف چمچاگيري وڏيرن جي ڪمداري ڪرڻ ڄاڻي جيڪا سدائين مظلومن کي جيلن ۾ واڙي ۽ ظالمن کي گرفتار ڪرڻ کان ئي ڪيترائي ميل پري ڀڄي، اگر گرفتار ڪري به ته انھن کي جيلن بدران وڏن عاليشان بنگلن ۾ رکي رشوتن جھڙن ڪڌن ڪمن ۾ ملوث اھا غريبن مسڪينن کي بيگناھ نپوڙيندي رھي ٿي. اسان وٽ پوليس جو نظام دنيا جي بدترين نظامن مان ھڪ آھي، جنهن جو ڪوبه نظم و ضبط ناھي. ڪا ترتيب ناھي جيڪو دل چوين ايئن ڪن انھن کي خود مختياري مليل آھي، انھن تي ڪير سوال اٿارڻ جي سگھ نٿو رکي! ڏٺو وڃي ته پوليس اسان جي حفاظت ڪرڻ لاءِ اسان جي ملازم آھي، پر ھي ته اسان کي غلام رکيو اچي پئي.

پوليس جي اھڙي لاپرواھي تي لکيل نسيم کرل جي ھيءَ ڪھاڻي جنهن ۾ گيج ريڊر جڏهن پوليس کي اطلاع ڏيڻ لاءِ ڪيس(First Information Report) داخل ڪرائڻ سکر ٿاڻي تي اچي ٿو ته پوليس ساڻس ٽال مٽول ڪري سندس وقت ضايع ڪري کيس بيوقوف بڻائي ٿي. ڪيس داخل ڪرڻ، جاچ ڪرڻ بدران مٿس الزام ھڻي ٿي ته اھو قتل تو ڪيو آهي. اسان وٽ مشھور پھاڪو آهي ”پوليس نوڙي مان نانگ ٺاھڻ ڄاڻي“ اھڙي طرح پوليس وارا کيس بيوقوف بڻائي لاش دروازي نمبر 34 مان ڪڍي دروازي نمبر 33 ۾ ڦاسائي اچن ٿا ۽ کيس چون ٿا ته اھا اسان جي حد ناهي، اھا روھڙي جي حد آھي. جڏهن ته ھي گيج ريڊر کين چوي ٿو ته سائين مان چوٽھين در تي ڏسي آيو آھيان تنهن تي پوليس کيس ڌمڪائي ٿي ۽ وري ويچارو صبح صادق نڪتل، باھ اڃ ۾ پاھ ٿيندڙ وري روھڙي پوليس ڏانهن وڃي ٿو، جتي صوبيدار کيس چوي ٿو ته تو ھن وقت تائين ايتري دير ڇو ڪئي، ضرور ڪجهه گڙٻڙ آھي، غريب صفا لوھ ٿي وڃي ٿو. انسانيت جو احساس جيڪو کڻي نڪتو ھاڻ اھو کيس جيل جي سلاخن ۾ بند پيو ڪرائي. ڇاڪاڻ ته ايس ايڇ او روھڙي کيس چيو ته توتي اسان ڪيس داخل ڪريون ٿا. ڇاڪاڻ ته تون ٻن حدن جي آفيسرن کي ويڙهائي رھيو آھين، ايئن روھڙي وارو صوبيدار به ھن کي ڳالهين ۾ ويھاري ٽال مٽول ڪندي بيوقوف بڻائي لاش وري ٽيٽھين دورازي مان ڪڍي چوٽھين ۾ ڦاسائي کيس چوي ٿو ته ھيءَ اسان جي حد ناهي واپس وڃ سکر ٿاڻي جي حد آھي. ھي ويچارو پوليس وارن جي چالاڪين ۽ مڪارين کي سمجھي نٿو ۽ مجبورن لاش کي لوڙھي ڇڏي ٿو آخر ۾ نسيم کرل ڪمال جا جملا لکيا آھن ته:

”بابل ٻنهي صوبيدارن لاش ڪو نه ورتو، سو ان کي ان بادشاهه جي حوالي ڪيم جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن. هيڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ“

انهيءَ افساني پڙهڻ سان پوليس جو رويو جيڪو زنده ماڻهن سان ته هونئن ئي ناقابل برداشت آهي ۽ فرض کان غفلت وارو آهي، پر هو مُردن جي لاءِ به دل ۾ رحم نٿا رکن محسوس ٿئي ٿو. نسيم کرل ڪھاڻي ۾ بلڪل ڪامياب ويو آھي، انھن فرض کان ڪوتاھي ڪرڻ ڪري اڄ به اسان وٽ سنڌ ۾ امن امان نالي پري پري تائين ڪو چارو نظر نٿو اچي. قانون جا رکوالا پاڻ قانون جو تقدس پامال ڪن ٿا. اگر ڪير ھنن ڏانهن آڱر سڌي ڪري ٿو ته ان کي لاڪ اپ جا داٻا ڏيئي خاموش ڪرايو وڃي ٿو، کين زوري پنهنجي ايمانداري جا چرچا ٻڌائين ٿا، پر حقيقت اھا آھي ته پوليس اسان وٽ وڏي رشوت خور چورن ڌاڙيلن جي ساٿاري ٿي ڪم کان نٽايو آھي، اڄ به هيءَ ڪهاڻي اسان جي سماج جي عڪاسي ڪري ٿي.

نسيم کرل ڪھاڻي سان ڀرپور نڀايو آهي، ھن ۾ شاھڪار جملا ۽ ڪردارن سان نڀاءُ به ڪمال جو آهي. گيج ريڊر جي بيوسي ۽ پوليس جي رعب دٻدٻي کي اھڙي نموني پيش ڪيو اٿس جھڙو حقيقت ۾ ھوندو آھي. سندس ھيءَ ڪھاڻي حقيقت نگاري جي علامت آھي ۽ سنڌي ادب جي شاھڪار ڪھاڻين مان ھڪ ڪھاڻي آھي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments