بلاگ

چين جو سپر پاور ٿيڻ وارو خواب حصو ٻيون ڊاڪٽر جاويد قاضي  

چين ھڪ نئين حڪمت عملي اھا جوڙي ته پنھنجي سامونڊي رستن جي نگھداشت جو جامع انتظام ڪري ھنن ھڪ اھم ڪم اھو ڪيو، جنھن کيS l O G  نظام جنھن جي معنيٰ آھيStretegic Sea Lines Communications هنن جو مقصد ھو ته سمند اندر جيڪا پائريسي ۽ دھشتگردي ٿي رھي ھئي ان کي ٻنجو ڏيئي سگھجي. ڇاڪاڻ ته سامونڊي رستن جو اھو حال وڃي ٿيو ھو جو بحري قذاق، بحري جھازن کي روڪي ماڻھن کي يرغمال ڪري پنھنجا مقصد پورا ڪندا ھئا. ان قدم کڻڻ سان ھاڻي چين وٽ سمند ۾ اينٽي ايئر ڪرافٽ ڪيريئر جھازن سان گڏASW  اينٽي سب مرين، واريئرس ٻيا ھوندا ھئا.A A W  اينٽي ايئر ٽو ايئر، واريئر جيڪي ھوائي حملي جي صورت ۾ دفاع ڪري سگھن. ٽيان ھئاM C M  مائين ڪائونٽر مرين، چوٿان ھئاAM W  مرين واريئرس انھن سڀني اطلاعن کڻڻ سان چين جو سامونڊي خطو خاصو محفوظ ٿي چڪو ھو. چين پوري طرح تياري ڪري چڪو ھو ته جيئن دنيا جي مرڪزي اسٽيج تي اچي پنھنجو ڪردار ادا ڪري سگھي. خاص ڪري جڏھن ٽرمپ جي اليڪشن هارائڻ کانپوءِ جيڪو گھوٽالو ٿيو ۽ بريڪسٽ واري مھم کانپوءِ برطانيه جو يورپي يونين کان پاسيرو ٿي وڃڻ آھي، سڀ سبب ھئا جنھنڪري چين دنيا جي ان بدلجندڙ صورتحال کي ڏسي رھيو ھو جو بين الاقوامي طاقتن جو توازن بگڙجڻ لڳو ھو، تنھنڪري چين جو نظريو آھي ته ھاڻي ضرورت آھي ورلڊ آرڊر ۽ بين الاقوامي امور اندر سنجيده ترميمون ٿيڻ گھرجن. ھاڻي آمريڪا خود نه چاھيندو ته سڄي دنيا جي ملڪن کي سلامتي ڏيڻ جو ذمو پنھنجن ڪلھن تي کڻي، ان ساڳئي مد ۾ زائو فينگZhu Feng  جيڪو نانجنگ يونيورسٽيءَ جو پروفيسر آھي ان ھڪ جاءِ ته تبصرو ڪندي چيو ته مغربي ملڪ ھاڻي پنھنجن اندروني مسئلن سان منھن ڏيئي رھيا آھن. جڏھن ته ھاڻي مشرق پڻ اڳتي وڌي رھيو آھي ۽ مغرب جي سرسي جيڪا نظر ايندي ھئي ھاڻي مغرب ۽ مشرق ۾ ترقي ۾ گھٽ فرق وڃي رھيو آھي. ھڪ ٻئي ڏاھي جيڪوGAO Zughi  جيڪو انٽرنيشنل اسٽريٽجي انسٽيٽيوٽ جو ڊين آھي ته آمريڪا کي ھاڻي پنھنجي ملڪ اندر ايترن مسئلن کي منھن ڏيڻو پوي ٿو جو ھاڻي دنيا اندر بين الاقوامي صورتحال تي نظر ته رکندو پيو اچي، پر ان ۾ گھڻوInvolve  ٿيڻ نه چاھيندو. ھن چيو ته اھا سکڻي لفاظي ناھي، پر حقيقت ۾ اھا دنيا اندر نڪرندڙ ڪيترن ئي ريسرچ پيپرن ۾ ڏنل آھي ۽ انھن جي چين جي باري ۾ جيڪا راءِ آھي اھا ته چين پنھنجي مارڪسسٽ نظرئي تحت پنھنجي معيشت جي ڍانچي (بنيادي گھاڙيٽي) کي تبديل ڪيو آھي. جڏھن ته مغربي ملڪ چين متعلق صرف اھا پروپيگنڊا ڪرڻ ۾ رڌل آھن ته چين اندر انساني حقن جي آزادي ڪانھي اھي يڪسانيت جا شڪار آھن. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وھڪري کي آزاد ناھي رکيو ويو وغيرہ وغيره، پر حقيقت ان جي ابتڙ آھي ته نام نهاد جمھوريت جو ڍنڍورو ڏيندڙ طاقتور سرمائيدار طبقن جي ٺاھيل سياسي پارٽين ذريعي ھڪ اھڙو نظام جوڙيو آھي جنھن ۾ طاقت ۽ حڪمراني انھن چند شاھوڪار سياسي پارٽين کي واري واري ملندي ٿي رھي ۽ ھو ھڪ اھڙي اڻبرابري واري معيشت کي ھٿي ڏيندا ھلائيندا ٿا رھن، جنھن ۾ طاقتور طبقي جو فائدو ئي رھندو ٿو اچي، جنھن کي ھو جمھوريت جو نالو ڏين ٿا. ھنن چيو ته اسان جي صدر شي کي اھو چوڻ جي ڪا ضرورت پيش نه اچي ھا ته ھو دنيا جي آڏو اچي اھا دعويٰ ڪري ته چين ھاڻي معاشي طرح ۽ فوجي لحاظ کان پاڻڀرو ٿي چڪو آھي. ڇاڪاڻ ته ھن کي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اصولن تحت ھلڻو پوندو آھي جيڪي اصول ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ٿنڪ ٽئنڪ ھن کي ھدايت ڏيندي سندن صدر کي ڏنا کيس اھوئي ڪرڻو پوندو آھي. ان طرح موجوده قيادت پڻ چيني ٿنڪ ٽئنڪ جي حڪمت عمليءَ جو نتيجو آھي. چين جي خواھش آھي ته دنيا جي ڪار وهنوارGlobal Governance System  ۾ حصو وٺي ۽ ان ۾ مثبت تبديليون آڻي. چينين 2019ع ۾ ھڪ وائٽ پيپر شايع ڪيو ھو، جنھن ۾ ھنن گھڻي باريڪيءَ سان اھو سمجھائڻ پئي چاھيو ته وقت جي ضرورت آھي تهUnited Nations  جي ذريعي ڪيئن دنيا جو ڪار وهنوار ھلائڻ لاءِ تبديليون ڪرڻيون پونديون جيڪي (ناگزير آھن) يعني جن جي اشد ضرورت آھي. تنھنڪري کين ھنن جي راءِ کي وزن ڏيڻو پوندو جنھن ۾ دنيا ۽ مڙيوئي سڀني ملڪن جي ڀلائي پڻ آھي.

موجوده دور ۾ چين جي وڏي ڪاميابي آهيBRI  بيلٽ ۽ روڊ انيشيئيٽو جيڪو بيجنگ جو گلوبل ڪميونٽي لاءِ ھڪ ماسٽر پلان جو حصو آھي. چين دنيا جي ڏيھان ڏيھي پاليسي اندر يو. اين. او سان ايترو سھڪاري رويو رکيو آھي جو ھنن دنيا جي پندرھن وڏن عهدن مان چار چين جي حوالي ڪيا آھن، جيڪو چين جو دنيا جي ڪار وهنوار ۾ حصيداريءَ کي تسليم ڪرڻ جو ھڪ اظھار آهي. 2016ع کان وٺي چين کي يو. اين. او ۾ ڪافي هنڌن تي شراڪتداري ڏني ويئي جن ۾ UNESCO، UNHIR، UNICEF انهن سڀني ادارن چين سان نه صرف سھڪار ڪيو بلڪهBRI  بيلٽ روڊ انيشئيٽو پروگرام جي پٺڀرائي پڻ ڪئي. ان کان علاوه چين اھڙا اپاءُ پڻ ورتا جن کي ساراهيو ويو، گهٽين ادارن ۾ چين کي نمائندگي پڻ ڏني ويئي.

I D O يو اين انڊسٽريل آرگنائيزيشن.

I C A O يو اين انٽرنيشنل سول ايويئيشن آرگنائيزيشن.

ITU انٽرنيشنل ٽيليڪميونيڪيشن يونين.

F A O فوڊ ۽ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن.

D E S A يو اين ڊپارٽمينٽ آف اڪنامڪس ۽ سوشل ويلفيئر.

چين پنھنجي نئين پاليسي تحت ھن خيال سان ملڪن سان سھڪار ڪرڻ جا معاهدا پڻ ڪيا. اھڙن معاهدن جو باقائده اعلان زنجيانگXinjiang  ۽ ھانگ ڪانگ Hongkong ۾ الڳ الگ ڪيو ويو. جڏھن چين Human Rights Organization انساني حقن جو تحفظ ڪرڻ واري اداري کي چين اندر اچڻ جي اجازت ڏني ۽ کين يقين ڏياريو ته ھو انساني حقن جي باقائدي پاسداري ڪري رھيا آھن. ھنن جي ان ڳالھ جو ثبوت اھو هو ته ڪووڊ جي وبائي صورتحال ۾ دنيا جي غريب ملڪن ۽ آفريڪا جي غريب ملڪن کي پڻ ڪووڊ بچاءُ لاءِ مفت ويڪسين پھچائي وئي. چين جي ھڪ اخبار پيپلز ڊيلي ھڪ پڌرائيءَ ۾ چيو ته دنيا ۾ مغرب افراتفري پکيڙي رھيو آهي، آمريڪا، يورپ ۽ رشيا ورلڊ آرڊر تي پنھنجي مرضيءَ گھرجن تحت رول ماڊل ڪري ھلائيندو رھيو آھي. ھاڻي وقت اچي ويو آھي ته چين پڻ دنيا جي ڪاروهنوار ھلائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪري. توھان ڏٺو ھوندو ته ڪووڊ جي وبا آمريڪا کي ھڪ امتحان ۾ وجھي ڇڏيو ۽ سندس سپر پاور ھجڻ واري دعويٰ جي پت وائکي ٿي پئي ۽ سندس سپر پاور واروImage  ٽٽي چڪو آھي.

معيشت سڌارڻ جا وسيلا، ٽيڪنالاجي ۽ ناڻي جي واڌ:

شيپنگ لي 2018ع ۾ پنھنجي تقرير ۾ بيان ڪيو ته ھن دور ۾ ترقيءَ جا پئمانا بدلجي چڪا آهن. پھريون انقلاب جيڪو 18 صديءَ ۾ آيو ھو ان کي صنعتي انقلاب سڏجي ٿو. ٻيو دور جيڪو 19 صديءَ ۾ ٿي گذريو ان کي مشيني انقلاب سڏيو ويندو آھي. ٽيون دور ويھين صديءَ جو آهي جنهن کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور سڏجي ٿو. انھن سڀني دورن روح زمين جي شڪل ئي مٽي ڇڏي. صدر شي چيو اسان چين وارا آئندہ ڏھن سالن ۾ ھڪ چوٿين دور ۾ پھچڻ وارا آھيون جنھن جو مقصد آھي ٽيڪنالاجيءَ تي عبور حاصل ڪرڻ اسان جو مقصد آھي ته اسان دنيا جي ڪار وهنوار ۾ پنھنجو حصو ملائڻ ۽ اڳواڻي ڪرڻ جي تياري ڪري رھيا آھيون. آئنده ڏھاڪو سالن جو تمام وڏي اھميت جو حامل آھي. اھو موقعو اسان کي وقت حالتن اسان جي محنت اسان کي ڏنو آھي ته اسان يورپ سان چٽا ڀيٽيءَ ۾ اچون ۽ پنھنجو رول ادا ڪريون. 2015ع ۾ چين کيworld Economic Forum  ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو ھو، پر ھي دور جديد ترين ٽيڪنالاجيءَ جو دور سڏبو جنھن ۾AI  آرٽيفيشل انٽيليجنس، سمارٽ مينو فيڪچرنگ، بايو ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل ڪرنسيز، انھن سڀني دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آھي. صدر شي جنپنگ چيو ٽيڪنالاجيءَ جي زور تي مارڪيٽ اندر ترت رسائي واپاري ذريعن کي جديد مواصلاتي نظام تحت دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچائڻ اسان جي معاشي گھڻ بھتري آندي آھي. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ڊيٽا جو تيز تر وھڪرو پڻ ھڪ اھم قدمن مان آھي، اسان کي اطمينان آھي ته ان سڄي ڊوڙ ۾ پڻ چين اڳي کان اڳڀرو نظر ايندو. اسان جي نظر ۾ اسان جي معاشرتي نظام کي سگھارو بنائڻ لاءِ ان ٽيڪنالاجيءَ ۾ اسان جو پاڻ ڀرو ٿيڻ ۾ اھم حصو آھي. اسان ھاڻي يورپ ۽ آمريڪا جي ڀيٽ ۾ پٺتي ناھيون رھيا تڏھن ته اسان اھو چاھيون ٿا ته اسان دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيون. بلڪل ايئن جيئن گذريل دور ۾ يورپ ۽ آمريڪا دنيا جي رھنمائي پئي ڪئي. اھي سڀ خيال چين جي ڏينھان ڏيھي تعلقات واري اداريInternational Affairs  جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ ماھرن جا آھن. ھاڻي جديد ٽيڪنالاجي ئي اصل تياري آھي جنھن ذريعي زمين تي وڏيون تبديليون ڏسڻ ۾ اينديون. ھڪ ٻئي ماھر،Jincansong  جنڪينزانگ آھي، ان جو چوڻ آھي آئنده ڏھن سالن ۾ اھو جديد ٽيڪنالاجيءَ جو انقلاب آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ چٽا ڀيٽيءَ کي تيز ڪندو. ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته اھا ھڪ اھڙي تبديلي ھوندي جيڪا اوھان گذريل 500 سالن ۾ ڪونه ڏٺي ھوندي. پھريائين 500 سال اڳ جيڪا انقلابي تبديلي آئي ھئي اھا مغرب ۾ ٿي ھئي، ھاڻي ان جو دائرو مغرب کان نڪري اچي مشرق تائين رسيو آھي. ڪنھن به سماج جي ارتقا ۽ واڌ ويجھه سالن ۾ نه پر صدين جي عرصي کانپوءِ ئي پختي ٿيندي ۽ شڪل وٺي سگھندي آھي. دنيا ۾ اسپين اندر جيڪو اوائلي بادشاھي حڪمرانيءَ جو نظام ھو پوءِ اڳتي ھلي ان جاگيرداراڻي نظام جي شڪل ورتي، اڃان پوءِ سرمائيداراڻه نظام رائج ٿيو. صدين کانپوءِ ئي دنيا پارلياماني نظام تائين پهتي. آمريڪا جيڪو وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو اھو جديد ۽ وسيع ڪارخانن جو سسٽم آهي جن ۾ وڏين اسيمبلي لائينن جو قيام جنھن جي ڪري پيداوار ۾ تيز رفتاري ۽ تيز رفتاريءَ سان دنيا اندر جديد مارڪيٽنگ نظام ٺاهڻ آهي اھو يورپ ۽ برطانيه کان مختلف ۽ بھتر پڻ آھي. ھن دور ۾ يو. ايس. اي کي خود ڪيترن ئي مشڪلن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي. سندن حڪمراني واري نظام ۾ ڪيترائي تضاد اڀريا آھن ۽ نقص پيدا ٿي چڪا آھن.Neoliberalism  تحت جيڪا بھتري اچڻي هئي اھا اچي چڪي آھي، پر ھاڻي اھو نظام پڻ ڀڃ ڊاھ جو شڪار ٿي پيو آھي. يورپ اندر ڪيترائي سياسي ڌڙا جنم وٺي چڪا آھن ۽ ڪيتريون ئي نيون طاقتون اڀريون آھن. ھتي نانجنگ يونيورسٽيءَ جي ھڪ پروفيسرZ hu feng تبصرو ڪندي ٻڌايو ته ٽيڪنالاجي دنيا جي سياست سان گڏ خطي جي جاگرافيءَ جي مطابقت سان اثر وجھڻ شروع ڪيا آھن. ھاڻي جيئن ته چين چڱي خاصي پيش قدمي ڪئي آھي ۽ ان ڏس ۾ سرسي حاصل ڪئي آھي ۽ سائنٽيفڪ ٽيڪنالاجيءَ تي عبور حاصل ڪري ورتو آھي، جنھنڪري ملڪ ۾ ھر سطح تي اسان جي طاقتور ھجڻ جو ثبوت ملي ٿو. ان ڪري موجوده قوتن ۽ دنيا ۾ سپر پاور سڏرائيندڙ ملڪن سان خاص ڪري چٽا ڀيٽيءَ واري جنگ جھڙي صورتحال پيدا ٿي پئي آھي.Yan Xuetong کليل لفظن ۾ چيو ته ھاڻي دنياBipolar  ٿي چڪي آھي. ھڪ طرف آمريڪا آھي ته ٻئي طرف چين آھي. سچ پچ ته ٻنھي جي وچ ۾ ٽيڪنالاجيءَ تي عبور حاصل ڪرڻ لاءِ چٽا ڀيٽي ھڪ رسا ڪشيءَ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي.

ھاڻي جيڪا بين الاقوامي سياست دنيا ۾ ھلي رھي آھي ان جو مقصد آھي صرف ۽ صرف ٽيڪنالاجيءَ تي عبور حاصل ڪرڻ ان کي اڳتي وڌائڻ ۽ ان کي پنھنجي ضابطي ھيٺ يعني پنھنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ. چين حقيقت ۾ آمريڪا جو ھڪ ورق ھنئين سان ھنڊايو اھو ھو آمريڪا جيBasic Sciences  بنيادي سائنسي علمن تي تحقيق ۽ انھن ۾ مسلسل واڌارو. آمريڪا جيڪڏھن ايئن نه ڪري ھا ته ھن منزل تي رسي نه سگھي ھا. نيشنل سائنس فائونڊيشن جي انگن اکرن مطابق چين جيR&D  جي بجيٽ آمريڪا جي ريسرچ ۽ ڊولپمينٽ واري بجيٽ جي برابر ئي آھي. حالانڪه چين جي معاشي سگھ ۽ حيثيت آمريڪا کان گھڻي گھٽ آھي، پر ھڪ ڳالھ جو ذڪر ھتي ضروري آھي ته چين جديد ٽيڪنالاجيءَ جي مد ۾ خاص ڪري ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ جي ريسرچ تي تمام گھڻي سيڙپڪاري ڪئي آھي، جيڪا آمريڪا کان ڏهه حصا وڌيڪ آھي. اھي انگ اکر George Town’s University of Emerging Technology بيان ڪيا آهن. چين جي ٻي حڪمت عملي آھي ته رياست کي سماج جي سسٽم اندر موجود مارڪيٽن جي گھرجن مطابق پنھنجي پيداواري صلاحيتن جي مسلسل واڌ ڪندي رھي. ايئن ڪرڻ سان چين اندر آمريڪا جي گھٽ معياد واري رٿا بندي کان بھتر نتيجا نڪرندا. چين کي ڀلي ڀت ڄاڻ آھي ته ھن وٽ اھو ئي رستو آھي جنھن جي ذريعي چين موجوده چوٿين انڊسٽريل ريووليوشن ۾ ٽيڪنالاجيءَ تي عبور حاصل ڪري منزل ماڻي پاڻ موکي سگھي ٿو. چين جا ھڪ سئو کان وڌيڪ اھڙا پروجيڪٽ آھن جيڪي تحقيقي مرحلا طئي ڪري رھيا آھن، جن تي چين جي سيڙپڪاري ٿيل آھي. ھنن جو هدف آھي ته 2025 تائين ھاءِ ٽيڪ انڊسٽري تي عبور حاصل ڪريون ۽ ڏيھي توڙي پرڏيھي مارڪيٽن تائين رسائي حاصل ڪريون جيئن اسان ان ڏس ۾ ھڪ اھڙو ڪم ڪري وجھون جيئن مارڪيٽ ۾ پنھنجي ھاءِ ٽيڪ پراڊڪٽ کي صارفين تائين پھچائي سگھون. يورپ ۽ آمريڪا جي پابندين جي باوجود چين 2016 کان ميگا پروجيڪٽ تيار ڪيا آھن جيڪي چين اندر ڪونه ھئا. چين جو چوڻ آھي ته سن 2030ع تائين دنيا اندر AI (آرٽيفيشل انٽيليجنس) ايتري جاءِ والاريندي ۽ ھنن وٽ ماسٽر پلان تيار آھي ته ڪجھ ئي سالن ۾ ھو پنھنجي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ 5G نيٽ ورڪ کي مروج ڪري چڪو ھوندو. چين ھاڻي بيسڪ ٽيڪنالاجيءَ ۾ ايترو سگھارو ٿي چڪو آھي جو ھر طرح جي بنيادي انڊسٽري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پھچائي سگھي ٿو. ايتري تائين جو ائٽمي بجلي گھر پڻ دنيا ۾ تيار ڪري رھيو آھي، جنھن جي ڪري ان انڊسٽري جي اچڻ ڪري ماحول ۾ ڪاربان جو اخراج زيرو ٿي پوي ٿو ۽ دنيا ۾ ماحولياتي گدلاڻ تي پڻ ڪنٽرول رکي سگھجي ٿو. Damon Ma جيڪوPaulson institute  جو ھڪ ماھر آھي ته دنيا ۾ اسان جو قائم ٿيل آن لائين خريداريءَ جو نيٽ ورڪ جيڪو سڄي دنيا ۾ مشھور ٿي چڪو آھي اھو اسان جي ڪاميابي ۽ مارڪيٽنگ جو زنده مثال آھي. آمريڪا ڪجھ به ڪرڻ چاھي ته Amazon stores جي نيٽ ورڪ کي روڪي نٿو سگھي جو چين اندر اھڙي صلاحيت آھي جو دنيا جي سڀني قومن ۽ ماڻھن لاءِ ھر شيءِ تيار ڪري سگھي ٿو ۽ سندن در تائين پھچائي سگھي ٿو. چين ھينئر دنيا ۾ پوريون بنيادي انڊسٽريز وڏي مھارت سان بيھاري سگھي ٿو. چين 2035ع تائين جيڪو پلان طئي ڪيو آھي جنھن کيGPP3  جنھن جي مراد آھي ٿرڊ جنريشن پارٽنر دنيا جي ھڪ وڏي ڪمپنيITU  انٽرنيشنل ٽيلي ڪميونيڪيشن يونين چين جي ھڪ وڏي ڪمپنيZTE  کي ھڪ وڏو ٺيڪو ڏنو آھي ته جيڪو اسٽريٽ لائيٽ جي نظام ۾ اھڙو آرڪيٽيڪچر جوڙيندي جنھن ۾ وڊيو مانيٽرنگ ذريعي فيس رڪگنيشن جو استعمال ڪيو ويندو ۽Demographic Data  سان جوڙيو ويندو ۽ بايو ميٽرڪس سان جوڙيو ۽ ميچ ڪيو ويندو ۽ ان کي انٽرنيٽ ذريعي ھڪ مرڪز ۾ Save ڪري محفوظ بڻائي سگھبو. نه صرف ايترو، پر ان جديد انٽرنيٽ جي ڄار مان اھو فائدو به وٺي سگھبو! مانيٽرنگ سان گڏ ايڊيٽنگ، لوڪيشن سرفنگ ذريعي قانون نافظ ڪندڙن ادارن جي رھنمائي ڪري سگھبي.

…(هلندڙ)…