چين خلائي اسٽيشن خلا ۾ موڪلي ڇڏي

چين خلائي اسٽيشن خلا ۾ موڪلي ڇڏي

اعجاز منگي

چائنا آسماني محل Heavenly Palace جي نالي سان اسپيس اسٽيشن زمين جي هيٺين مدار ۾ ڇڏڻ جي تيارين ۾ آهي. ان جو پهرين ماڊيول Module جنهن کي اسپيس اسٽيشن يا خلائي ٽيشڻ جو اهم جز چون ٿا. اهو 29 اپريل 2021 تي ڇڏيو ويو.

اهو ماڊل 55 فوٽ ڊگهو آهي چين جي شهر زوهائي Zhuhai مان جڏهن ان راڪيٽ کي ڇڏيو ويو ته چائنا جا J-10 ويڙهاڪ جهاز ۽ J-20 زوهائي جي آسمان تي ظاهر ٿيا ۽ سمنڊ ڪناري ماڻهن کي بهترين تفريح مهيا ڪيائون. جهازن جي خلائي ڪرتبن کانپوءِ راڪيٽ کي زميني مدار ۾ ڇڏيو ويو، پوري اسٽيشن کي 2022 ۾ خلا ۾ موڪليو ويندو ٽي خلا باز هر وقت هن اسٽيشن ۾ رهندا. هن ليب جو ڪل وزن 60 ٽن آهي. هن چيني اسٽيشن جي ڪل عمر 10 سال هوندي. بين الاقوامي خلائي اسٽيشن جيڪا آمريڪا، روس، ڪئناڊا، يورپ ۽ جاپان جي مدد سان ٺهي هئي اها 1988ع ۾ ڇڏي وئي ۽ اها 2024ع ۾ رٽائر ٿي ويندي. ان کانپوءِ صرف چين جو خلائي مشن زمين جي مدار ۾ هوندو. چيني خلائي مشن بين الاقوامي خلائي مشن جي مقابلي ۾ تمام ننڍو آهي.

بين الاقوامي خلائي مشن جو وزن 400 ٽن آهي ۽ اهو فوٽ بال گرائونڊ جيترو وڏو آهي، دنيا ۾ خلا تي ٿيندڙ تحقيق جا پروگرام جام آهن جنهن ۾ تحقيقي ادارا ۽ يونيورسٽيون شامل آهن، پر انهن وٽ ايترا وسيلا ناهن هوندا جو اهي پنهنجون خلائي اسٽيشنون ٺاهي زمين جي مدارن ۾ موڪلي سگهن.

چين مختلف ملڪن کان تحقيق لاءِ تجويزون گهرايون آهن. هن وقت تائين ستاويهن ملڪن مان چاليهه تجويزون آيون آهن جيڪي هن خلائي مشن ذريعي خلا ۾ تحقيق سان لاڳاپيل آهن.

چين اربين ڊالر فوجي خلائي طاقت لاءِ خرچ ڪري رهيو آهي سندس رٿائن ۾ چنڊ تي ماڻهو موڪلڻ به شامل آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments