خاص

چين سان گڏجي ڪورونا ويڪسين تيار ڪري رهيا آهيون، جيڪا ٽرائل جي ٽئين مرحلي ۾ آهي: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته چين سان گڏجي ڪورونا ويڪسين تيار ڪري رهيا آهيون، جيڪا ٽرائل جي ٽئين مرحلي ۾ آهي. شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهه ڪائونسل جي اجلاس کي وزيراعظم عمران خان وڊيو ڪانفرنس ذريعي خطاب ڪندي چيو ته تنظيم جي يڪجهتي ۽ تعاون ڏکئي وقت مان گذرڻ لاءِ نهايت ڪارآمد ٿيندو، جڏهن ته شنگهائي تعاون تنظيم ٻن ڏهاڪن ۾ بي پناهه ڪاميابيون ماڻيون آهن. هن چيو ته ڪورونا وائرس سان پوري دنيا جي معيشت تمام گهڻي متاثر ٿي، پاڪستان اسمارٽ لاڪ ڊائون سان غريبن کي بُک کان بچايو، جڏهن ته ڪورونا دوران ترقي يافته ملڪن کي ترقي پذير ملڪن جي مدد ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ ڪورونا ويڪسين تي جاري ڪم جي اڳڀرائي بابت به آگاهه ڪندي چيو ته چين سان گڏجي ڪورونا ويڪسين تيار ڪري رهيا آهيون، جيڪا ٽرائل جي ٽئين مرحلي ۾ آهي، پاڪستان چين جي ڪورونا وائرس سان وڙهڻ واري حڪمت عملي جي واکاڻ ڪري ٿو. وزيراعظم افغان صورتحال متعلق دنيا کي خبردار ڪندي چيو ته اهڙن عناصرن کان هوشيار، خبردار رهڻ گهرجي جيڪي افغانستان ۾ امن نٿا چاهين.