ڇا هاڻ ڪريڊٽ ڪارڊ به فنگر پرنٽ سينسر سان گڏ ايندا؟

سيول ۾ ڪيترن ئي سمارٽ فونن ۽ سيڪيورٽي سسٽم ۾ فنگر پرنٽ سينسر جو استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن سان صارفين جي پرائيوسي محفوظ رهندي آهي پر هاڻ تازو ئي اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته مشهور ڪورين ٽيڪنالاجي ڪمپني ۽ ماسٽر ڪارڊ پيمنٽ ڪارڊ ۾ به بائيو ميٽرڪ سسٽم شامل ڪرڻ وارا آهن.

پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪورين ٽيڪنالاجي ڪمپني سام سنگ ماسٽر ڪارڊ سان گڏ هڪ ايم او يو(ياداشت) تي صحيحون ڪيون آهن جنهن جي تحت ٻئي ڪمپنيون ملي پيمنٽ ڪارڊن ۾ فنگر پرنٽ سينسر شامل ڪنديون. اهو قدم ان لاءِ کنيو ويو آهي ته جيئن ان سان صارفين جو پيمنٽ جو تجربو محفوظ ۽ پئسا ڪڍرائيندڙ ماڻهن جي پيمنٽ ٽرمنل سان سڌو سنئون فزيڪل(جسماني) رابطو گهٽ کان گهٽ ٿي سگهي.

ڪمپني موجب هن سسٽم جي تحت صارفين کي پيمنٽ ڪڍرائڻ جي لاءِ پن ڪوڊ وجهڻ جي ضرورت نه پوندي. رپورٽن موجب ان بائيو ميٽرڪ ڪارڊن تي نوان سيڪيورٽي چپ سيٽ لڳل هوندا جيڪي سام سنگ سستم ايل ايس آءِ بزنس جي طرفان تيار ڪيا ويندا. ياد رهي ته انهن نون ڪارڊن کي سام سنگ ڪارڊ جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو شروعاتي طور تي ڏکڻ ڪوريا ۾ صارفين جي لاءِ ميسر هوندو.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments