ڇا وتائي فقير جي ڳالهه آهي؟

الطاف شيخ جو سفر نامو

تيستائين گڊ باءِ

ڇا وتائي فقير جي ڳالهه آهي؟

الطاف شيخ

پنهنجي هڪ سفر نامي ۾ لکي چڪو آهيان ته ملئي ماڻهو (ملائيشيا جا مسلمان باشندا) ڪوشش ڪري نماز مڪمل توجهه سان پڙهن ٿا. نماز جوٽڻ کان ڪجھه منٽ اڳ ماٺ ڪري پنهنجي من کي دنيا جي ڳالهين کان هٽائي هڪ مَنُو ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ پوءِ نماز جي نيت ڪري “الله اڪبر” چوندا.

هن ڀيري (2002ع ۾) ملائيشيا ويس ته هڪ ڏينهن مسجد مان نڪرڻ وقت ملئي ماڻهن جي ان سٺي عادت جو ذڪر پنهنجي ميزبان ملئي دوست ڪئپٽن رزاليءَ سان ڪيم. ان بعد کيس اها مشهور حڪايت ٻڌايم ته هڪ نمازيءَ اڳيان ڪو ماڻهو پنهنجي خيالن ۾ لنگھي ويو. نمازيءَ پنهنجي نماز ڀڃي هن کي دڙڪو ڏنو ته ڏسين نٿو ته آئون الله جي اڳيان بيٺو آهيان تو اڳيان لنگھي منهنجي نماز ڊسٽرب ڪري ڇڏي.

همراهه معافي وٺندي چيس: “ڇا ڪريان آئون پنهنجي محبوب جي عشق ۾ اهڙو غرق هئس جو مون کي هوش ئي نه رهيو ته آئون هڪ نمازيءَ جي اڳيان لنگھي رهيو آهيان” ۽ پوءِ ٿورو ترسي چيو، “پر منهنجا ڀاءُ تنهنجو پنهنجي رب سان ڪهڙو عشق آهي جو منهنجي لنگھڻ سان تنهنجو ڌيان هٽي ويو.”

رازليءَ کي اها ڪهاڻي ٻڌائي چيومانس ته “توهان ملئي ماڻهن جو رب پاڪ سان سچو عشق آهي جو هڪ دفعو نماز جوٽڻ بعد توهان جو ڌيان ڪيڏانهن به نٿو ڀٽڪي. “ڪئپٽن رزالي ڪجھه چوڻ بدران پنهنجي روايتي مُرڪ جي ورکا ڪندو رهيو.

“رزالي ان سلسلي ۾ سنڌ جي هڪ درويش جو قصو ياد آيو اٿم. ٻڌ.” مون رزاليءَ کي چيو. “هڪ فقير طبع انسان تسبي پڙهندو پئي ويو ته درياهه جي ڪناري تي پاڻي ڀريندڙ ٻن عورتن جي ڳالهه ٻولهه سندس ڪن تي پئي. هڪ ٻيءَ کان سندس مڙس بابت پڇي رهي هئي ته هو هن کي ڪيترو ٿو ڀانئين؟ جواب ۾ هن چيس ته “ڀيڻ پنهنجن سان ڪهڙا ليکا ڪبا”. عورت جو اهو جواب ٻڌي درويش پنهنجي تسبي کڻي درياهه ۾ اڇلي ۽ دل ۾ چيو: ”هڪ عورت پنهنجي محبوب (مڙس) سان ڪو حساب نٿي رکي ۽ آئون آهيان جو پنهنجي رب سان هر شيءِ جي ڳڻپ ويٺو ڪريان.“

ڪئپٽن رزالي جهاز جو ڪئپٽن ٿيڻ جو آخري امتحان ڏيڻ کان اڳ ملائيشيا جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهڻ لاءِ آيو هو جتي آئون ليڪچرار هئس. مون هنن کي ٻين سبجيڪٽن سان گڏ جهاز ۽ جهاز هلائيندڙ جي Safety  بابت پڙهايو ٿي. هڪ دفعي اناج (چانور، ڪڻڪ وغيره) سان ڀريل جهاز جي ڳالهه اچي نڪتي ته “جهاز جي پنجن ڇهن گدامن ۾ ڀريل اناج مان هڪ کي باهه ٿي لڳي. هاڻ جهاز کي بندرگاهه تائين سلامتي سان پهچائڻ لاءِ ڇا ڪرڻ کپي.”

صحيح جواب اهوئي آهي ته ان گودام کي چوڌاري بند ڪري ڇڏجي جيئن ان اندر هوا داخل ٿي نه سگھي. وڌيڪ هوا نه وڃڻ ڪري وڌيڪ باهه ٻرڻ بند ٿي ويندي فقط اها ڌڳندي رهندي جيڪا پهريان جي لڳل آهي. اهڙي طرح آرام سان ڏينهن ٻه ڪڍي سگھجي ٿو ۽ تيستائين جهاز کي ڪنهن ويجھي بندرگاهه ۾ پهچائي بندرگاهه وارن کان مدد وٺي سگھجي ٿي. هن صورت ۾ فقط ڪجھه سامان (اناج) جو نقصان ٿئي ٿو باقي گودامن وارو سامان، جهاز ۽ ان تي موجود ماڻهو بچي سگھن ٿا.

مون اهو مٿيون سوال ڪلاس ۾ ويٺل ڏهاڪو کن مستقبل جي ملئي ۽ چيني ڪئپٽنن مان رزاليءَ کان پڇيو. رزاليءَ اهو ئي جواب ڏنو جيڪو هڪ عام ماڻهو سوچي ٿو. يعني سمنڊ تي پاڻيءَ جي ڪا کوٽ ناهي. رڳو ڪنهن پمپ جو بٽڻ دٻائڻ سان ڪلاڪ اندر سوين ٽن سمنڊ جو پاڻي ان گودام ۾ ٻرندڙ باهه کي وسائي سگھي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان عمل سان باهه ته وساميو وڃي، پر جهاز جي گودام جون لوهي ڀتيون ڦاٽيو پون، ڇو جو هر قسم جو اناج پاڻيءَ ۾ پُسڻ تي ڦونڊجي، پنهنجي واليوم کان ٻيڻو ٽيڻو ٿيو پوي. چانورن جو مثال ته گھر ۾ هر هڪ ڏٺو هوندو ته اهي رڌجڻ وقت ڪيئن وڌيو وڃن. جهاز جي گودام ۾ ان ڦونڊيل اناج کي جڏهن جاءِ نٿي ملي ته ان جو زبردست هائيڊرالڪ پريشر جهاز جون لوهي پليٽون ڦاڙيو رکي ۽ سمنڊ جو پاڻي جهاز اندر داخل ٿي، گھڙين جي فيصلي ۾ جهاز ٻوڙيو رکي.

رزاليءَ جي غلط جواب تي مون کلندي چيومانس ته مولانا مون ته توکان جهاز بچائڻ جو طريقو پڇيو هو، نه جهاز ٻوڙڻ جو. تو منهنجي ڳالهه ٻڌي ضرور، پر سمجھي نه هئي. پوءِ کيس ويهڻ لاءِ چئي سڄي ڪلاس کي سنڌ جي درويش وتائي فقير جو قصو ٻڌايو ته هو هڪ ڏينهن شهر کان ٻاهر گھمڻ لاءِ هليو ويو. واپسيءَ تي ڏاڍو ٿڪجي پيو ۽ ٻڪ کڻي دعا گھري ته “ رب پاڪ ڏاڍو ٿڪل آهيان ڪا سواري ڏيار.”

ٿورو اڳيان هليو ته پريان بيٺل هڪ پوليس واري رڙ ڪري سڏ ڪيس.

“اڙي فقير هيڏانهن اچ، هن گھوڙيءَ ڦر ڏنو آهي، شهر تائين هي ڦر کڻي هل.”

وتائي ڦر کي ڪلهن تي رکي مٿي آسمان ڏي نهاري چيو: “منهنجا مولا سڻين ٿو پر سمجھين نٿو. مون توکي اهڙي سواريءَ لاءِ عرض ڪيو هو جنهن مٿان آئون چڙهي هلان يا هوءَ منهنجي مٿان.” وتائي فقير جو اهو قصو منهنجي ان بئچ جي شاگردن کي ايترو ته وڻيو جو هو پنهنجي ٽن مهينن جي ڪورس ۾ جنهن ڏينهن به پڙهائي دوران وقت مليو ٿي هنن وتائي فقير جون دلچسپ ڳالهيون پڇيون ٿي. اهي اسي واري ڏهاڪي جي وچ وارا سال هئا ۽ هينئر سورنهن سترهن سالن بعد به ڪئٽپن رزاليءَ کي وتايو فقير ياد هو جو کيس مون جيئن ئي مٿين تسبيءَ واري ڳالهه ٻڌائي ته مون کان هڪدم پڇڻ لڳو ته سر اها به وتائي فقير جي ڳالهه آهي؟