ڇا پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري سگهندي…؟؟ نعمت کهڙو Aug 2020
پاڪستان ۾ جٽادار جمهوريت جو خواب اڄ به لکين ڪروڙين ماڻهن جي اکين کي زخمي ڪندو رهي ٿو. مايوسي خراب شيءِ آهي ۽ چوندا ته آهن ته مايوسي ڪُفر برابر آهي، تنهنڪري ماڻهن جو هڪ انگ مايوس نٿو ٿئي ۽ اُهي اڃان به اُن اميد سان آهن ته پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن صاف شفاف چونڊون ٿينديون. حقيقي عوامي راڄ قائم ٿيندو. جمهوريت پَنهنجي اصل شڪل ۽ صورت ۾ بحال ٿيندي. قانون جي حڪمراني قائم ٿيندي ۽ پوءِ آئين جي پاسداري ڪئي ويندي. اُهي سڀ ڳالهيون تمام سُٺيون آهن، پَر سَوال اهو آهي ته عمل ڪيئن ٿي سگهندو…؟؟
ڳالهه هيءَ آهي ته مُلڪ ۾ جڏهن به جَڏو سَڏو جمهوري نظام اچي ٿو ته اُن کي به اهڙي نموني هلايو وڃي ٿو جو ماڻهن کان دانهون نڪري وڃن ٿيون ۽ ايستائين جو ماڻهو آمريتن جي تعريف ڪرڻ لڳن ٿا. هِن وقت پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي، جَنهن جو سربراهه عمران خان آهي. هي اُهو شخص آهي جنهن کي تبديلي پسند ۽ عوامي انقلابي اڳواڻ سمجهيو ويو. سچ اهو آهي ته عمران خان وٽ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽڻ ۽ ڪينسر جي علاج لاءِ عالمي سطح جي اسپتال ٺهرائڻ سميت ڪُجهه اهڙو ڪريڊٽ/وکر ضرور موجود هو جو ماڻهن يقين ڪري ورتو هو ته هي شخص پاڪستان کي ان طرف وٺي ويندو، جتي ترقي يافته ملڪ پهتل آهن. عمران خان جون ڳالهيون ٻُڌي ماڻهن جو وڏو تعداد سمجهندو هو ته هو اقتدار ۾ اچڻ سان پاڪستان کي وڃي يورپ جي ملڪن جي ٽڪر جهڙو مُلڪ بڻائيندو. ٻيو سچ اهو به آهي ته عمران خان اليڪشن کان اڳ جَنهن قسم جون تقريرون ڪندو رهيو ۽ ڪرپشن خلاف مهم کي منشور جو حصو بڻائي ڳالهائيندو رهيو ته اُن مان اُن جي بهادري نظر ايندي هئي. هو پَنهنجي تقريرن ۾ اڪثر ڪري نواز شريف ۽ آصف زرداري کي نشانو بڻائيندو هو، اُنهن جي ڪرپشن جا اسڪينڊل عوام آڏو آڻيندو هو، جَنهنڪري ماڻهو سمجهندا هئا ته هي هڪ بهادر ليڊر آهي ۽ هي ئي اُهو شخص آهي، جيڪو پاڪستان کي اُن جي بانيءَ جي نظريي تحت هلائي سگهي ٿو.
پاڻ ڏٺوسين ته پوءِ 25 جولاءِ 2018ع تي هڪ اليڪشن ٿي، جيڪا پنهنجي تاريخ جي انوکي ۽ پُراسرار اليڪشن هئي. هڪ صحافي جي حيثيت ۾ اُها اليڪشن مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي. عام طور تي چونڊن واري ڏينهن ايئن ٿيندو آهي ته شام جو ستين ۽ اٺين وڳي رزلٽ اچڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ نائين ڏهين وڳي تائين رزلٽ اچڻ ۾ ايڏي ته تيزي اچي ويندي آهي جو اُنهن کي “هينڊل” ڪري نه سگهبو آهي ۽ اُهو سلسلو رات جو ٻين ٽين وڳي تائين جاري رهندو آهي. ڪُجهه رزلٽ صبح تائين ايندا رهندا آهن ۽ ٻئي ڏينهن شام جو تقريبن غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجا مڪمل ٿي ويندا آهن. اُن جي ڀيٽ ۾ گذريل اليڪشن دوران ڪُجهه ٻيو نمونو نظر آيو. مُون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته اٺين نائين وڳي تائين ايڪڙ ٻيڪڙ پولنگن جا رزلٽ سامهون آيا هئا ۽ پوءِ اُنهن نتيجن کي “پُراسرار بريڪ” لڳي ويو هو، جيڪو رات جو ٻارهين هڪ وڳي تائين جاري رهيو ۽ اسان دير تائين انتظار ڪندا رهياسين، پر سڄي رات نتيجا اچي نه سگهيا. ٻئي ڏينهن به نتيجا رڪيل رهيا ۽ پوءِ جڏهن نتيجا اچڻ لڳا ته اُهو الزام لڳو ته هارايل همراهه کٽي رهيا آهن ۽ کٽيل همراهه هارائي رهيا آهن!
يقين سان چَئي سَگهجي ٿو ته اُن اليڪشن گهڻن جا ڏند کٽا ڪري ڇڏيا ۽ اُنهن سياست مان ڀڄي جان ڇڏائي. 2018ع جي اليڪشن اڳ وارين چونڊن کان گهڻي ئي پراسرار ۽ حيران ڪندڙ هئي، جَنهن ۾ فوج جي موجودگي باوجود ڌانڌلي جا الزام هنيا ويا. عام ماڻهن جو چوڻ هو ته پولنگن اندر ٺپا هڻڻ واري ڌانڌلي نه ٿي آهي، باقي اليڪشن ڪميشن جي سسٽم/آر ٽي ايس کي فيل ڏيکاري نتيجا تبديل ڪيا ويا. هڪ الزام اهو به لڳو ته ٺپا هڻي ووٽ وجهڻ بدران ٺپا هڻي ووٽ خراب ڪيا ويا. پاڪستان ۾ ڪُجهه تڪن تي ايئن به ٿيو ته کٽيندڙ همراهن جا ڪل ايترا ووٽ نه هئا، جيترا هارائيندڙ اميدوارن جا رد ٿيل ووٽ هئا!
بهرحال! اهو هڪ وڏو قصو آهي، جَنهن جي نتيجي ۾ عمران خان صاحب مُلڪ جو وزيراعظم بڻجي ويو آهي ۽ هُن 18 آگسٽ 2018ع تي مُلڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو طور حلف کڻي ورتو. اُن وقت ملڪ جو صدر ممنون حسين هو، جيڪو فارغ ٿيڻ کانپوءِ اسان کي ڪراچيءَ جي فوٽ پاٿن تي سگريٽ پيئندي نظر آيو.
هاڻي عمران خان جي ڪم ۽ ڪارڪردگيءَ جو وقت اچي ويو. جڏهن هُن آفيس سنڀالي ۽ فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا ته ماڻهن جون وايون بتال ٿي ويون. خير! پهريان 100 ڏينهن انتظار ڪيو ويو، ڇو ته عمران خان واعدو ڪيو هو ته اقتدار جي ابتدائي 100 ڏينهن دوران وڏي تبديلي نظر ايندي ۽ وڏي ڪرپشن ختم ڪئي ويندي. عمران خان اعلان ڪيو ته اقتدار ۾ اچي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندو ۽ 50 لک نوان گهر ٺهرائيندو. عمران خان چيو هو ته جڏهن به پئٽرول، بجلي ۽ گئس مهانگي ٿئي ته پَڪ سمجهي وڃجو ته حڪمران چور آهي. عمران خان اُهو به چيو ته قرض وٺڻ لاءِ عالمي ادارن وٽ وڃڻ کان بهتر سمجهندس ته خودڪشي ڪري ڇڏجي!
اَهڙي طرح عوام 100 ڏينهن انتظار ڪيو، جَنهن دوران “حڪومتي هني مون” کانسواءِ ڪُجهه به نظر نه آيو. عوام ٻيا 100 ڏينهن به انتظار ڪيو، پر ڪا بهتري نظر آئي ۽ جڏهن ٽيان 100 ڏينهن آيا ته تباهي سامهون اچڻ لڳي. عمران خان اُن سوناميءَ جو اعلان ڪيو هو، جَنهن سان ڪرپشن ۽ مهانگائي لُڙهي وڃي، پر اُن جي ابتڙ مهانگائي، بيروزگاري ۽ تباهي جو سونامي اچي ويو. هيءَ ڳالهه آئون پَنهنجي طرفان نه ڪري رهيو آهيان، پر اُن حوالي سان جيڪي رپورٽون ميڊيا ۾ اچي رهيون آهن، اُنهن جو جائزو وٺڻ ضروري آهي. تازو ئي عمران خان جي 700 ڏينهن جي ڪارڪردگي رپورٽ شايع ڪئي وئي، جَنهن دوران مهانگائي ۾ قهر جو اضافو ٿيو. سڀ کان پهرين ڳالهه ته کير مهانگو ٿيندو رهيو آهي، جنهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 10 رپين جي واڌ ٿي آهي ۽ کير جو في ڪلو 110 رپيا ٿي ويو آهي. اسان کي ياد آهي ته کير 70-75 رپين ۾ ملندو هو، جيڪو هاڻي 100 کان به چڙهي ويو آهي. اَهڙي طرح کنڊ جي اگهن ۾ پڻ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ٿي آهي. في ڪلو تي 5 کان 10 رپيا اضافو ڪيو ويو آهي. وڏو مسئلو اهو آهي ته ڪڻڪ مارڪيٽ مان غائب آهي. هِن سال سنڌ سميت سڄي پاڪستان ۾ ڪڻڪ جو بمپر/بهترين فصل لَٿو هو، پَر گهڻي ڪڻڪ ذخيرو ۽ اسمگل ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ اگهه وڌي ويو آهي ۽ ڪڻڪ جي في ٻوري جيڪا 3400 کان 3600 رپين تائين ملي رهي هئي، هاڻي اُن جو اگهه پنجن هزارن کان به چڙهي ويو آهي. اَهڙي طرح موجوده حڪومت جي ٻن ورهين دوران دال ماش مجموعي طور تي 94 رپيا مهانگي ٿي آهي. مڱن جي دال ۾ 126 رپين جو اضافو ٿيو آهي ۽ چڻن جي دال 20 رپيا مهانگي ٿي آهي. سرڪاري دستاويز ٻڌائين ٿا ته موجوده حڪومت جي 700 ڏينهن دوران اٽي جو 5 ڪلو وارو ٿيلهو 250 مان چڙهي 300 رپين جو ٿي ويو آهي. کنڊ جو هول سيل ريٽ ساڍا 84 رپيا في ڪلو آهي، جيڪا مارڪيٽ ۾ 85 کان 90 رپين تائين وڪرو ڪئي پئي وڃي. هڪ اَهم ڳالهه ته مالي سال 18-2017ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.68 سيڪڙو هئي، جيڪا مالي سال 20-2019ع ۾ وڌي 10.74 سيڪڙو ٿي وئي. آگسٽ 2018ع ۾ کنڊ جي قيمت 55 رپيا 59 پئسا في ڪلو هئي، جيڪا 700 ڏينهن دوران 29 رپيا 73 پئسا اضافي سان في ڪلو 85 رپيا 32 پئسا ٿي وئي آهي. داليون ۽ چانور مهانگا ٿيا آهن. چانهه پتي ۽ کاڄري تيل جي اگهن ۾ اضافو ٿيو آهي. فروٽ ۽ سبزيون مهانگا ٿي ويا آهن. موجوده حڪومت جي 700 ڏينهن دوران ٻاڪري گوشت ۾ 182 رپيا واڌ ٿي آهي. وڏو گوشت 95 رپيا مهانگو ٿيو آهي. چانور مجموعي طور تي 12 کان 15 رپيا مهانگا ٿيا آهن. اڍائي ڪلو گيهه جي اگهه ۾ 163 رپين جي واڌ ٿي آهي ۽ ڌونئرو 12 رپيا مهانگو ٿيو آهي.
چوڻ جو مقصد ته حڪومت نه صرف پئٽرول، پر دال کي به بخش نه ڪيو ۽ جيڪا به شيءِ جيتري به مهانگي ڪري سگهي، اُها ڪئي آهي، جَنهن سان عوام نپوڙجي ويو آهي ۽ نپوڙجي رهيو آهي!
هي انگ اکر ڏيڻ ضروري هئا ته جيئن اندازو لڳائي سگهجي ته موجوده حڪومت دوران مهانگائيءَ ۾ ڪيترو نه اضافو ٿيو آهي. اَهڙي طرح ان رپورٽ کان اڳ قرضن جي هڪ رپورٽ شايع ٿي، جَنهن ۾ ٻُڌايو ويو ته موجوده حڪومت پَنهنجي ٻن ورهين دوران 16 ارب ڊالر پرڏيهي قرض حاصل ڪيو آهي ۽ 7 هزار ارب رپين جو ڏيهي قرض حاصل ڪيو آهي. توهان کي اُهو به ٻڌائيندا هلون ته موجوده حڪومت دوران ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جو مُلهه ٽَڪو ٿي ويو، جيڪو هِن وقت في ڊالر 167 رپيا آهي. سون جو مُلهه تاريخ جا رڪارڊ ٽوڙي رهيو آهي. هلندڙ هڪ مهيني دوران سون جي اگهه ۾ 12 هزار 800 رپيا واڌ ٿي آهي، جَنهن کانپوءِ سون جو في تولو هڪ لک 17 هزار 300 رپيا ٿي ويو آهي. هي سڀ علامتون ۽ نشانيون ٻُڌائين ٿيون ته پاڪستان ڪهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، جَنهن تي مجموعي پرڏيهي قرض هڪ کرب ڊالرن کان به وڌي ويو آهي، جيڪو پاڪستان جي چئن بجيٽن جي برابر آهي. اُن حوالي سان ڪو ماڻهو اختلاف به رکي سگهي ٿو، جَنهن لاءِ ٻُڌائڻ ضروري سمجهان ٿو ته هِن ڀيري پاڪستان جي وفاقي بجيٽ 71 کرب رپين جي هئي، جَنهن ۾ 34 کربن جو خسارو آهي. باقي 37 کرب رپين کي ڊالرن ۾ تقسيم ڪنداسين ته ڪُل بجيٽ وڃي 24 کان 25 ارب ڊالرن جي بيهندي، تنهنڪري ئي چوان ٿو ته پاڪستان تي پرڏيهي قرض ان جي چئن بجيٽن جي برابر آهي، جَنهن ۾ عمران خان صاحب ۽ سندس ٽيم اڃان به وڌيڪ اضافو ڪيو آهي.
هي سڀ ڳالهيون ٻُڌائڻ جو مقصد اُهو ناهي ته موجوده حڪومت کي هر حال ۾ ناڪام ثابت ڪيو وڃي. سخت ناڪام ته حڪومت ڪورونا جي معاملي ۾ به ٿي آهي، جَنهن دوران لکين ماڻهو بيروزگار ٿيا آهن ۽ وڌيڪ ڀيانڪ معاشي بدحالي جنم ورتو آهي. ممڪن آهي پي ٽي آءِ سرڪار ڪَنهن هنڌ تي ڪامياب به ٿي هُجي، پَر پاڻ جڏهن تلخ ۽ اڻڌريو جائزو وٺون ٿا ته صورتحال تمام گهڻي خراب نظر اچي ٿي، جَنهن کي آسان ڪري ٻن نقطن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو. هڪ ته پي ٽي آءِ حڪومت پَنهنجي هِن عرصي دوران سياست کي ڪمزور ڪيو آهي ۽ جمهوري ادارن کي ڪمزور ڪيو آهي ۽ ٻيو ته معيشت کي تباهه ڪيو آهي. هاڻي ڳالهه سمجهڻ تمام آسان آهي ته جڏهن سياسي عمل کي ڪمزور ڪيو وڃي. پارليامينٽ کي اهميت ڏيڻ بدران “آرڊيننس فئڪٽري” تي ڀاڙيو وڃي. معيشت کي لتاڙيو وڃي ۽ ان لاءِ هڪڙو ئي نظريو تلاش ڪيو وڃي ته عوام مان جيڪو ڪُجهه به ڪڍي سگهجي، اُهو ڪڍي وٺجي. اهي سڀ ڳالهيون ئي آهن، جَنهنڪري هاڻي پي ٽي آءِ جا حامي به اُهو چوڻ ته مجبور آهن ته هيءَ حڪومت مڪمل طور اسٽيبلشمينٽ جي قبضي ۽ ڪنٽرول ۾ آهي، جَنهن کان ڪُجهه ڪم وٺڻا هئا، جيڪي ورتا ويا آهن، پر هاڻ ڇاڪاڻ جو سرڪار ۾ صفا چاڙهو ناهي، تَنهنڪري تڏا ويڙهه جون ڳالهيون به ٿي رهيون آهن.
هِتي هڪ ٻيو اَهم معاملو بيان ڪرڻ به ضروري آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت وفاق ۽ صوبن ۾ تلخين کي وڌايو آهي. مُلڪ کي ڪمزور ڪيو آهي. خاص طور تي سنڌ سان تعلقات خراب ڪيا آهن. پي ٽي آءِ حڪومت اَرڙهين ترميم تي حملو ڪرڻ چاهي ٿي ۽ مالياتي ڪميشن کي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي، جَنهنڪري پڻ “تبديلي سرڪار” جي ننڍن صوبن ۾ ساک ايتري ته متاثر ٿي آهي جو اُهي هاڻي هر حال ۾ اُن حڪومت مان جان ڇڏائڻ چاهين ٿا. شايد اُهو ئي سبب جو آهي جو بلاول جهڙن اڳواڻن کي اُهو چوڻ جو موقعو مليو آهي ته هاڻي ڪورونا کي به نه ڏسنداسين ۽ عمران خان کي اقتدار مان گهلي ٻاهر ڪڍنداسين!
اَهڙي صورتحال ۾ يقيني سَوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا موجوده حڪومت پَنهنجو آئيني مدو پورو ڪري سَگهندي…؟؟ مُنهنجي عقل، فهم ۽ تجزيي موجب اُهو ممڪن ئي ناهي ته پي ٽي آءِ سرڪار، جَنهن کي ايندڙ مهيني 18 آگسٽ تي 2 سال مڪمل ٿي رهيا آهن، اُها اڃان به 3 سال جاري رهندي. اُهو سَڀ ڪُجهه نه ته ملڪ برداشت ڪري سگهي ٿو، نه ئي عوام برداشت ڪري سگهي ٿو. اَپوزيشن جي سهپ به جواب ڏئي وئي آهي. عدالتي فيصلا اسان جي سامهون آهن، جَنهن سان نيب ۽ اين ڊي ايم اي جهڙن ادارن جو وجود سواليه بڻجي ويو آهي. ڏيهي پرڏيهي حالتون به موجوده حڪومت جي وڌيڪ فائدي ۾ نظر نٿيون اچن. اَهڙي صورتحال ۾ اسٽيبلشمينٽ ڪيترو به چاهي، پر مُمڪن ئي ناهي ته پي ٽي آءِ حڪومت پَنهنجا 5 سال پورا ڪري.
اسان جڏهن اُها ڳالهه ڪريون ٿا ته اُن حوالي سان آرمي ايڪٽ ۾ ترميم واري معاملي کي سامهون رکيو وڃي، جَنهن ۾ نه صرف پيپلز پارٽي، پر مسلم ليگ (ن) به حصو ورتو. چوڻ وارا چون ٿا ته اُهو سڀ ڪجهه “مفت” ۾ نه ٿيو هو ۽ اُن دوران ئي طئي ٿيو هو ته نواز ليگ قيادت سان نرم رويو اختيار ڪيو ويندو. اڳواڻن جون ضمانتون ٿينديون. پ پ قيادت کي به رليف ڏنو ويندو. پاڻ ڏٺوسين ته اُن عرصي دوران نه صرف آصف زرداري، پر فريال ٽالپر پڻ آزاد ٿي وئي. ايڪٽ جي منظوريءَ کان اڳ نواز شريف صاحب علاج لاءِ لنڊن هليو ويو. چوڻ وارا چون ٿا ته مريم نواز جي “خاموشي” به اُن ڊيل جو نتيجو آهي، جَنهن تحت طئي ڪيو ويو آهي ته موجوده حڪومت کي اڍائي سال ڏنا ويندا ۽ پوءِ “اِن هائوس تبديلي” آندي ويندي، پر جيڪڏهن ضرورت پئي ته وچ مدي واريون چونڊون پڻ ڪرايون وينديون، جَنهن جي آئين به اجازت ڏئي ٿو.
سَڀ کان اهم ڳالهه ته عمران خان پاڻ اُهو چئي چُڪو آهي ته ضروري ناهي هو مدو پورو ڪري، جيڪڏهن اتحادي گڏ نه هليا ته نيون چونڊون ٿي سگهن ٿيون. عمران خان جا ويجها ماڻهو ٻُڌائيندا رهيا آهن ته هُن جي هڪڙي خواهش هئي ته بس! هو وزيراعظم ٿئي ۽ هو وزيراعظم ٿي ويو. هاڻي جيڪڏهن کيس هٽايو به ويندو ته هُن کي گهڻي تڪليف نه ٿيندي. اُن حوالي سان سياسي مبصر آصف زرداريءَ جي “خاموشي” کي به اهميت ڏئي رهيا آهن ۽ ماڻهن کان مولانا فضل الرحمان جو ڌرڻو به نه وسريو آهي، جَنهن سان مبينا طور اُهو واعدو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن اڌ مدو پورو ڪرڻ کانپوءِ به پي ٽي آءِ حڪومت کي گهر نه موڪليو ويو ته جي يو آءِ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سخت احتجاج ڪرڻ ۾ آزاد هوندي، جَنهنڪري مولانا صاحب گهڻو “مطمئن” نظر اچي ٿو. چون ٿا ته اڳ ۾ اپوزيشن اُن ڳالهه تي به راضي هئي ته عمران خان کي مائنس ڪيو وڃي ۽ پوءِ ڀل کڻي مخدوم شاهه محمود قريشيءَ کي وزيراعظم ٺاهيو وڃي، پَر هاڻي حالتون اُن هنڌ تي پهچي چُڪيون جو اَپوزيشن چاهي ٿي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ٿئي ۽ ڪو نئون سيٽ اپ اچي، جَنهن جي هائوس ۾ گُنجائش موجود آهي.
پاڻ ڏسي رهيا آهيون ته حڪومتي اتحاد ٽُٽي رهيو آهي. اُن حوالي سان قومي اسيمبلي جا انگ اکر به ڏسڻ گهرجن. هي ايوان 342 ميمبرن تي مشتمل آهي، جَنهن ۾ پي ٽي آءِ وٽ پَنهنجا 156 ميمبر موجود آهن. سادي اڪثريت لاءِ 172 ميمبر گهرجن. پي ٽي آءِ وٽ آزاد اميدوارن ۽ اتحادين سميت 180 ميمبر موجود آهن. مُنهنجي ڄاڻ موجب اُنهن ۾ ايم ڪيو ايم جا 7 ميمبر شامل آهن. جي ڊي اي جا 3 ميمبر شامل آهن. بلوچستان عوامي پارٽي عرف “باپ” جا 5 ميمبر شامل آهن. اَهڙي طرح (ق) ليگ وٽ به 5 ايم اين ايز آهن. عوامي مسلم ليگ جو اڪيلو شيخ رشيد حڪومت جو حصو آهي ۽ ريلوي جو وفاقي وزير پڻ آهي. شاهه زين بگٽي ۽ ٻه آزاد ميمبر به حڪومت سان گڏ آهن. بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) وٽ چار ميمبر آهن، جيڪي حڪومت کان جُدا ٿي چُڪا آهن. قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ اپوزيشن وٽ ڪل 161 ميمبر موجود آهن. مطلب ته جيڪڏهن اپوزيشن کي رڳو 11 ميمبر ملي پون تڏهن به اُهي حڪومت ٺاهي سگهن ٿا ۽ اُهو سَڀ ڪُجهه ناممڪن ناهي. قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ مسلم ليگ (ن) وٽ 84 سيٽون آهن. پيپلز پارٽي وٽ 55 ايم اين ايز آهن. جي يو آءِ سميت ايم ايم اي وٽ 15 ميمبر آهن. اي اين پي جو هڪ ميمبر آهي. جي يو آءِ جو منير اورڪزئي فوت ٿي چڪو آهي، جنهن ڪري ايوان 341 ميمبرن تي مشتمل آهي، جَن ۾ پي ٽي ايم جا 2 ميمبر محسن داوڙ ۽ علي وزير پڻ شامل آهن. خير! جي ڊي اي جا اختلاف به سامهون اچي ويا آهن. چون ٿا ته چوڌري ڀائر پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار مان سخت تنگ آهن ۽ مسلم ليگ (ن) ڪنهن وسيع اتحاد جي صورت ۾ چوڌري ڀائرن کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏيڻ لاءِ به راضي ٿي وئي آهي. اُن لاءِ شرط اهو آهي ته نئون وزيراعظم مسلم ليگ (ن) جو هوندو، جَنهن لاءِ اياز صادق “هاٽ فيورٽ” قرار ڏنو پيو وڃي، جَنهن تي نواز شريف کي پڻ اعتماد آهي. پاڻ ڪُجهه ڏينهن اندر ڏسنداسين ته نيب چوڌري ڀائرن کي تنگ ڪرڻ لڳندو ۽ پوءِ چوڌري ڀائر به عمران خان کان ڌار ٿي ويندا. اهڙي طرح پي ٽي آءِ حڪومت جي عمارت مان 2 اهم ٿنڀا يعني بي اين پي (مينگل) ۽ (ق) ليگ ڪري پوندا، جَنهن کانپوءِ ٻيون وڪيٽون به هڪٻئي پويان ڪرندي نظر اينديون.
هاڻ اصل مسئلو مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي جي هڪٻئي تي اعتماد جو آهي. چون ٿا اصل گيم اُنهن ٻنهي پارٽين جي درميان هلندڙ آهي، جَنهن ۾ “ريفري” اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪَنهن وقت مسلم ليگ (ن) کي آسرو ڏئي رهيو آهي ته ڪَنهن وقت پ پ کي آسرو ڏئي رهيو آهي، اُن آسري تحت هڪ اهم قانون ۾ ترميم به ڪرائي وئي ۽ اُن کان اڳ سنجراڻي صاحب جهڙو چيئرمين به چونڊائڻو هو. سچ اهو آهي ته هاڻي عمران خان کي گهر موڪلڻ جو معاملو پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) جي هٿن ۾ آهي، جيڪي مبينا طور ٻين جي هٿن ۾ کيڏي رهيون آهن!
(نوٽ: مضمون جو ليکڪ سينيئر صحافي ۽ روزاني “ڪوشش” جو ايڊيٽر آهي)