ادب

ڊائري جا ورق خواجه غلام علي کوساڻي  

5 مئي 1992 شيخ اياز صاحب سان سندس ڪراچي واري پرنس ڪامپليڪس جي اپارٽمينٽ تي ڏيڍ ٻه ڪلاڪ انتهائي شاندار رهاڻ ٿي. اڄ صبح ساڻ ڪئمرا وٺڻ لاءِ نور محمد کي ڪراچي وٺي وڃڻ لاءِ ساڍي اٺين وڳي حيدرآباد مان گهران نڪتاسين. مون کي وڊيو ڪئمرا وٺڻي هئي ادا نور محمد کي تڪليف ڏنم. اسان ٻارهين وڳي ڪراچي پهتاسين. بازار گهمي اول ڪئمرا ورتيسين، پوءِ محترم اياز کي نور محمد فون ڪئي ته ملڻ ٿا گهرون. شيخ صاحب 4 وڳي جو ٽائيم ڏنو. تيستائين اسان ماني کاڌي ۽ ڪجهه سامان ورتوسين. اٽڪل چئين وڳي پرنس ڪامپليڪس تي پهتاسين گهنٽي هنئي نوڪر دروازو کوليو، ان اسان کي ڊرائنگ روم ۾ ويهاريو. جلد ئي اياز سائين به آيو اسان عزت ۽ احترام سان ملياسين. خبرن چارن کانپوءِ رهاڻ شروع ٿي ته پوءِ مختلف موضوعن کان وٺي ڪئين عالمن، دانشورن، شاعرن ۽ اديبن جا دنيا سڄي مان حوالا، انهن جا قول، انهن جون چوڻيون، انهن جا نظريا اياز ٻڌائيندو رهيو. عام ڳالهين لاءِ به دليل ۽ حوالا يورپ، آمريڪا ۽ ايشيا جي عالمن جا ٿي ڏنائين. محترم اياز جي ڄاڻ هن جو بي انداز مطالعو. تقريبن سڄي دنيا جو اکين ڏٺو مشاهدو ۽ ان سان گڏ هن جي ڏات ۽ لفظن جا ڀنڊار، معلومات جا خزانا. انهن تمام خوبين سان جڏهن اياز ڳالهائي ٿو يا لکي ٿو ته اهو وڏو سچ هوندو آهي، علم جو نچوڙ هوندو آهي. انهيءَ اهم ڳالهه ٻولهه کانپوءِ نور محمد عرض ڪيو، سائين توهان جي صحت ڪيئن آهي؟ اياز سائين چيو ته هاڻ مان وڌيڪ بهتر آهيان، ٻه پروگرام به اٽينڊ ڪيا اٿم. جمال ابڙي سان شام ۾ به ويس. اياز چيو مون کي انهن جي سوچ سمجهه ۾ نٿي اچي جو فقير محمد لاشاري، هدايت بلوچ ۽ ٻيا، مون کان اچيو پڇن ته هنن حالتن جو حل ڇا آهي؟ اياز سائين اهو ٻڌائيندي ٿوري ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو. سائين چيو ٻين کي ڇڏيو، پر سوڀي کي ڇا ٿيو آهي، چوي ٿو ته مان به ڪلاشن ٿو کڻان توهان به کڻو ته هلي ڌاڙيلن کي ماريون.  

اياز سائين بين الاقوامي حالتن تي ڳالهائيندي چيو ته هتي سنڌ ۾ ته سڀ پيا ٿا اونداهه ۾ هٿ هڻن. هنن کي ڪوبه رستو هٿ نه پيو اچي، پر وقت ۽ دنيا تيزيءَ سان اڳتي پيا وڌن، دنيا ۾ تمام تيز تبديليون پيون اچن. لينن جي بت کي ڳچيءَ ۾ رسيون وجهو پيا ڇڪين، روس جو روس وکري ويو. ڪميونزم کان به زار وانگر هڪ آمريت جو ڪردار ادا ڪرايو ويو، هاڻ آمريڪا به پنهنجون پاليسيون بدلايون آهن. آمريڪا هاڻ به اقتصادي فائدا وٺندو، پر جمهوريت جو پابند رهڻو پوندس. انساني، سماجي، ثقافتي ۽ جمهوري حق آمريڪا کي به ڏيڻا پوندا. دنيا سڄي جي موجوده قومي عوامي انقلابي ولوڙ مان جيڪي آزاديءَ جو مکڻ نڪرندو نظر پيو اچي اهو سڻڀ سڪل آنڊن لاءِ قوت بڻجندو.

سنڌي اديبن جي هڪ گروپ طرفان سنڌي ادبي بورڊ بچايو تحريڪ طرفان تازو مظاهرو به حيدرآباد ۾ ٿيو. نور محمد پڇيو ته سائين ان متعلق توهان جو ڇا خيال آهي. اياز سائين چيو سنڌ سڄي پئي ظلم جي باهه ۾ سڙي ڪو هڪ به اهڙو پاسو نه آهي جتي ظلم نه هجي. ان صورتحال ۾ اسان خاص طور تي اسان جو سڄاڻ طبقو اديب، شاعر، دانشور ڪن ننڍڙن ننڍڙن مسئلن کي خوامخواهه ڇڪي وڏو بڻائي بجاءِ اڳتي وڌڻ جي ترقي ڪرڻ جي پاڻ ۾ وڙهيو زبردست نقصان پيا کائون. مخدوم صاحب هاڻ استعيفيٰ ڏني آهي. هاڻ اهو عهدو بيورو ڪريٽ کي ملندو. سنڌي ادبي بورڊ جو فائدو مخدوم صاحب جي رهنمائي ۾ وڌيڪ آهي يا حميد آخوند جي. اياز چيو ته اسان کي انهن ننڍن مسئلن تي پاڻ ۾ وڙهڻ جي بجاءِ وڏن بنيادي ۽ اهم مسئلن تي متحد ٿي سڄي قوم جي مڪمل آزاديءَ لاءِ پنهنجون قوتون صرف ڪريون.

اياز سائين ٻڌايو ته ڪجهه ڏهاڙا اڳ مون کي نور الهديٰ شاهه فون ڪري چيو ته مخدومن جي خلاف بيان ڪڍ. سنڌي ادبي بورڊ واري تحريڪ جي حمايت ۾ بيان ڏي ته مون چيومانس بي بي مان جڏهن بيمار هئس اسپتال ۾ تڏهن مخدوم صاحب جن پاسي واري وارڊ ۾ هئا ۽ روزانو مون ڏانهن گلدستا پنهنجي فرزندن هٿان موڪليندا هئا، ڪڏهن فهيم ته ڪڏهن رفيق يا جميل وغيره مون وٽ ايندا هئا. ان کان اڳ منهنجو مخدومن سان ڪوبه ويجهو تعلق نه رهيو آهي، پر مخدوم صاحب جي انهيءَ اعليٰ ظرفي جو جواب مان هن جي خلاف بيان ڪڍي ڏيان اهو مان نه ڪندس. مون هن مائي کي صاف ٻڌايو ته آئون هاڻ گوشا نشين ٿي ڪم ڪرڻ ٿو گهران، پنهنجو وقت ۽ توجهه ٻئي هنڌ ڪٿي به وڃائڻ نٿو گهران توهان مون کي معاف ڪجو. اتي ادا نور محمد چيو ته سائين توهان مائي کي جواب ته بلڪل درست ڏنو آهي ۽ چڱو به ڪيو جو هن مسئلي ۾ الجهڻ کان بچي ويا، پر پنهنجا جيڪي اهي اديب آهن نه انهن جي ذهني حيثيت ايڏي بلند ڪونهي ان ڪري اهي توهان تي ناراض ٿيا هوندا ۽ عجيب ڳالهيون ٺاهيون هوندائون؟ ته اياز سائين پڇيو مثلن ڪهڙيون؟ نور محمد چيو سائين جڏهن هنن کي توهان سندن مرضي وارو ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، نتيجي ۾ هنن کي ڪاوڙ ايندي چوندا ادا ڏٺو شيخ صاحب جا ڪم. مخدوم صاحبن جي هڪ گلدستي موڪلڻ تي سڄي سنڌي ادب جي قاتل کي معاف ڪري ڇڏيائين. اتي يڪدم اياز سائين چيو ته هن ته گلدستو موڪليو، پر اسان محبت ڪرڻ وارن کي جيڪڏهن ڪير هڪ گل به موڪلي ته اسان ان تان جان قربان ڪري ڇڏيون.