ادب

ڊائري جا ورق سرمد کوسو | مارچ 2022

سچ

  • سچ چوڻ وڏي ڳالهه آهي، پر سچ ٻُڌڻ ۽ اُن کي برداشت ڪرڻ تمام وڏي ڳالهه آهي.
  • ماڻهو جهڙا ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اَندر ۾ اِهڙا ناهن هوندا.
  • مون ماڻهن کان متاثر ٿيڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڇو ته هتي هر چهري تي چهرو چڙهيل آهي.
  • زندگي مان اِهو سبق سِکيو اٿم ته ڪنهن به ماڻهو لاءِ ٿوري وقت ۾ ڪوبه رايو نه ٺاهجي، اُن کي ڪجهه وقت ڏجي، هُو پاڻ ئي پنهنجي اصليت سان ظاهر ٿيندو.
  • فون تي گهڻو ڳالهائڻ مون کي ناهي وڻندو. ڪنهن جي ڪال نه اچي ته سُٺو آهي. ڪي دوست چوندا آهن ته ڳالهائڻ لاءِ وقت ناهي ڇا؟ پر منهنجي نظر ۾ انهيءَ حوالي سان ڪيفيت وڏي معنيٰ رکي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن وقت هوندي به ڳالهائڻ تي دل ناهي چوندي ۽ ڪڏهن ڪڏهن وقت نه هوندي به دل ڳالهائڻ لاءِ چوندي آهي. سو ”ڪڏهن مَن ماڪوڙي، ڪڏهن ڪيهر شينهن“ يا وري ڪڏهن روح راڳن ۾ ته ڪڏهن بيتن کان بيزار.
  • بلڪل ساڳي طرح ڪنهن ٻئي کي فون ڪندو آهيان ته پهرين اُن کان اجازت وٺندو آهيان ۽ چوندو آهيان ته اوهان کي ڊسٽرب ته نه ڪيم؟ جيڪڏهن هُو اجازت ڏيندو آهي ته اڳتي ڳالهائبو آهي. نه ته موڪلائبو آهي.
  • ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ بيحد پياري دوست کي فون ڪيم ۽ کانئس ساڳي اجازت ورتم ته چيائين يار تنهنجي فون جي ته انتظار ۾ هوندو آهيان ۽ چيائين ته تنهنجي انهيءَ اجازت سان هڪ تاريخي ڳالهه ياد ٿي اچي، جيڪا دل چوي ٿي ته توکي ٻُڌايان پوءِ باقي ڳالهيون ڪريون ٿا.
  • دوست ٻُڌايو ته ديوان ڏيا رام پنهنجي آتم ڪٿا ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهَن ۾ پنهنجو پاڻ سان اِهو وچن ڪيو ته هاڻي خاموشي اختيار ڪرڻي آهي ۽ ڪنهن سان ناهي ڳالهائڻو. اُن جو سبب شايد دنيا جي نفسا نفسي ۽ وٺ پڪڙ کان خائف ٿيڻ ٿي سگهي ٿو! سو، ديوان ڏيا رام ته وڏو ماڻهو هو، اُن سان هرڪو ملاقات ڪرڻ چاهيندو هو. هڪ ڀيري مهاتما گانڌي ساڻس ملڻ لاءِ آيو. جڏهن اِهو نياپو ديوان ڏيا رام تائين پهچايو ويو ته مهاتما گانڌي توهان جي در تي دستڪ ڏني آهي ته ديوان صاحب ڪنهن ڪاغذ تي اِهو لکي موڪليو ته مون پنهنجو پاڻ کي وچن ڏنو آهي ته هاڻي ڪنهن سان به ملاقات نه ڪندس، پر پوءِ به هڪ وڏو ماڻهو مهاتما گانڌي منهنجي در تي آيو آهي ۽ هُو حڪم ڪري ته مان پنهنجو وچن ٽوڙي اچي ملاقات ڪريان. جڏهن اِهو نياپو مهاتما گانڌي تائين پهچايو ويو ته پاڻ جواب ۾ چيائين ته ديوان صاحب کي چئجو ته سندس نياپو مليو ۽ سمجهو ته درشن ٿي ويو.
  • سو، ڪجهه ماڻهن لاءِ وچن به ٽوڙڻو پوندو آهي ته به دل رنج ناهي ٿيندي ۽ ڪجهه ماڻهو ڪيفيت کي سمجهندي پنهنجي حال تي ۽ پنهنجي رمز ۾ رهڻ ڏيندا آهن.
  • پنهنجي زندگي جي ڪتاب مان اُهو پنو ڦاڙي ڇڏيو اٿم جنهن ۾ تنهنجو ذڪر هو. ڇو ته تون اُهو ساڳيو ناهين رهيو، جيڪو مون توکي سمجهيو هو.
  • منهنجي دل تان جيڪو لهي ويندو آهي، سو سون ڇو نه ٿي پوي، پر اُن لاءِ منهنجي دل ۾ ڪابه جڳهه ناهي.
  • مصنوعيت، ڏيکاءُ، ٻهروپيت هميشه مون لاءِ ايذاءُ جو سبب ئي رهيا آهن.
  • ماڻهن وٽ ڳالهيون گهڻيون آهن، وقت ڪنهن وٽ به ناهي.
  • اڄڪلهه ڌرتيءَ جي گولي تي ماڻهو جام آهن، پر انسان ٿورا آهن.
  • لکڻ مون لاءِ وڏي معنيٰ رکي ٿو. هر روز مزدورن کي مزدوري تي ويندي، شاگردن کي اسڪول ڏانهن ويندي، هارين کي هر هلائيندي، عورتن کي لابارو ڪندي، مٿي ۽ ڪڇ تي پاڻي جا گھڙا کڻندي يا مٽي جون تغاريون کڻندي، ڌنارن کي مال چاريندو ڏسي انيڪ خيال دل ۾ ايندا آهن. ڪي جلد ئي لکي وٺبا آهن، ڪي نه لکڻ سبب رهجي ويندا آهن.
  • اڳي ڊائري ۾ نوٽ ڪبا هئا ۽ هاڻي سمارٽ فون ۾ به نوٽس ٿا محفوظ ڪجن. هرهڪ منظر تي گهڻو ڪجهه لکڻ لاءِ دل چوندي آهي. ڪي ڳالهيون لکجي وينديون آهن، ڪي ڳالهيون رهجي وينديون آهن، ڪي ڳالهيون سڀني کي خبر آهن ۽ ڪي ڳالهيون ڪنهن کي به خبر ناهن.
  • سڀني وٽ ڏسڻ جي اک پنهنجي آهي. منهنجي اک جيئن ڏسي ٿي دل چوي ٿي ته اُن کي محفوظ ڪريان.
  • منهنجون ڪچيون ڦڪيون لکڻيون، منهنجي اندر جو اظهار آهن. جيڪي مون لاءِ وڏي اهميت رکن ٿيون. بس لکڻ سان اندر جو بار هلڪو ٿي پوندو آهي. جيستائين خيال پني تي لکبو ناهي تيستائين اُهو اندر ۾ هُرندو رهندو آهي.
  • منهنجي اِها خواهش آهي ته آئون سماج جي هر حُسناڪي تي لکي سگهان ۽ اُن ڪوجھائي تي به لکان جيڪا سماج جو خوبصورت چهرو بگاڙڻ ۾ مشغول آهي.

***