ڊائري جا ورق سرمد کوسو June 2021
- اڄ صبح سوير جيئن ئي ڊيوٽي تي وڃڻ لاءِ گهران نڪتس ته توکي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ بس اسٽاپ تي ڏٺم. تون مون کي اڳي کان به وڌيڪ خوبصورت لڳئين.
- ڪيترائي سال اڳ به تنهنجي اکين جي ٻولي سمجهڻ لاءِ معمول موجب جنهن بس ۾ سفر ڪندو هئس، تنهن کي ڇڏي، اُن بس جو انتظار ڪندو هئس، جنهن ۾ تون ايندي هُئين.
- توکي ڏسڻ کانپوءِ ان ڳالهه ۾ ويساهه پڪو ٿيندو اٿم ته پهريون پيار ماڻهو کان ڪڏهن به ناهي وسرندو.
- پهريون پيار ته ماڻهو جي وجود جو حصو هوندو آهي.
- رات بدين شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سُٺو وسڪارو ٿيو. صبح جو وڻ ٽڻ، پکي پکڻ ۽ ماڻهن سميت هر جيوت صاف شفاف ۽ خوش نظر پئي آيا.
- اها واقعي حقيقت آهي ته صبح سوير ڪنهن به خوبصورتي کي پَسڻ سان ڏينهن سُٺو گذرندو آهي.
- انسان ماني ۽ پاڻي جي اُڃ ۽ بُک ته برداشت ڪري سگهي ٿو، پر پيار جي بُک کيس سِگهو ئي ماري بيحال ڪري ٿي ڇڏي.
- اکين ۾ موجود پاڻي کي هرڪو ناهي ڏسي سگهندو.
- اندر جي برساتن جي خبر، انهن کان پُڇو، جِن اندر جا ڏُڪار ۽ سُڪار، دل سان سَٺا ۽ انجواءِ ڪيا هُجن.
- برساتون پاڻ سان گڏ زندگي ۽ خوبصورتي کڻي اينديون آهن، پر اسان جي سماج جهڙن سماجن ۾ اهي پاڻ سان گڏ ڪيتريون ئي تڪليفون کڻي ٿيون اچن.
- اسان جو سماجي مهذب پڻو اسان جي سماجي رَوَين مان ظاهر ٿيندو آهي.
- اسان اُن سماج جو حصو آهيون، جنهن ۾ پنهنجي گهر جو ڪچرو کڻي ٻئي جي در جي اڳيان اڇلڻ عام آهي.
- گهٽي گهٽي، ڳوٺن توڙي شهرن، روڊن توڙي رستن سميت واهڻ وستين، مطلب ته جڳهه جڳهه، قدم قدم رُولو ڪُتا، توهان کي عام جام ملندا، جن جو ڪم ئي اهو آهي ته فضيلت ڀرين ماڻهن جي زندگي ڪيئن عذاب ڪجي، سندن سُڪون ڪيئن برباد ڪجي.
- هفتن جا هفتا بجلي جو غائب ٿي وڃڻ، گَٽرن جي پاڻي سان گهٽيون، روڊ رستا ڀريل، پاڻي جي دُٻن تي مڇرن ۽ مکين جا انبوهه ڏسي، دل مان اها صدا ٿي نڪري ته هتي ته مينهن وسن ئي نه.
- برساتن ذريعي انهن ادارن جي ڪارڪردگي سامهون اچيو وڃي، جيڪي برساتن کان اڳ ۾ وڏيون وڏيون دعوائون ڪندا آهن ته حالتون ڪنٽرول ۾ آهن.
- هر ڪنهن کي پنهنجي پيٽ جي لڳل آهي.
- ڪي ڪي پيٽ ته سڀ ڪجھه کائي وڃڻ کانپوءِ به نٿا ڀَرجن. اهڙن پيٽن لاءِ تيز برساتون ۽ طوفان ڪنهن وڏي خوشي کان گهٽ ناهن.
- برسات کانپوءِ هڪ پئسي ڏوڪڙ واري همراهه فيس بُڪ تي تصوير اپلوڊ ڪري، ان تي ڪئپشن ڏنو: “برسات کانپوءِ پڪوڙا کائيندي ۽ خوشگوار موسم مان لطف اندوز ٿيندي” ساڳئي وقت ٽي. وي نيوز چئنل تي ڪنهن شهر جي اها خبر هلي رهي هئي ته تيز برسات سبب ڪکائين گهر جي ڀت ڪرڻ سبب، گهر ۾ ننڊ سُتل ٽي معصوم ڀائر هميشه لاءِ سُمهي پيا.
- جديد ٽيڪنالاجي جي ترقي جي ڪري ماڻهو جي تفريح ۽ معلومات لاءِ تمام گهڻيون شيون ايجاد ٿي چُڪيون آهن. اسان انهن کي ڪيئن استعمال ڪيو آهي يا وري انهن مان اسان کي ڪهڙا فائدا ۽ نقصان ٿيا آهن، اهو هڪ الڳ بحث آهي.
- انهيءَ ٽيڪنالاجي ۾ ريڊيي(transistor) جي به پنهنجي اهميت ۽ مزو رهيو آهي. جيتوڻيڪ اڄڪلهه مختلف اسٽيشنون انٽرنيٽ ذريعي به هلن ٿيون ۽ ايف ايم ريڊيو به هر سمارٽ فون ۾ موجود آهي.
- اڄ به مختلف علائقن خاص طور تي ڳوٺن ۾ ڳوٺاڻا ٻني جو ڪم ڪار ڪندي ريڊيو ٻُڌندا رهندا آهن.
- بي بي سي ريڊيو جون صبح ۽ رات واريون خبرون ٻُڌڻ ته ڪيترن ئي ماڻهن جي معمول ۾ اڄ به شامل آهي.
- آئون هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ واري وقت کان وٺي، هن وقت تائين ريڊيو تي مختلف پروگرام ٻُڌندو پيو اچان.
- جيڪي پروگرام سالن کان ٻُڌندا پيا اچون، اُهي ڪڏهن ڪنهن سبب جي ڪري نه ٻُڌي سگهڻ ڪري، ڪا کوٽ محسوس ٿيندي آهي.
- ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو به پنهنجو هڪ عروج وارو زمانو رهيو آهي. جڏهن انور هَڪڙو، نصير مرزا ۽ ٻيا پروڊيوسر خوبصورتي سان پروگرام پروڊيوس ڪندا هُئا.
- عبدالغفور کوسو، محمود مغل، زيب سنڌي، نصير مرزا سميت ٻيا به ناليوارا ڪمپيئر، ڪمپيئرنگ ڪندا هُئا. اُنهن پروگرامن ۾ هڪ ته گفتگو به زبردست هوندي هُئي ۽ موسيقي مان به شاندار گيتن جي چونڊ ڪئي ويندي هئي. اُهي گيت ۽ پروگرام اسان جي سدا بهار ڪلچر جي شاندار نموني عڪاسي ڪندا هُئا. ماڻهو هفتن جا هفتا پروگرامن جو انتظار ڪندا هئا. اڄوڪي ئي تاريخ تي ريڊيو جي هڪ تمام وڏي آرٽسٽ سيد صالح محمد شاهه جي ٻارهين ورسي به آهي. هو سال 2007ع ۾ اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. سيد صالح محمد شاهه، ڀٽائي سائين جو پارکو هئڻ سان گڏ هڪ ڪمال جو آرٽسٽ هو. ڏاڏي فتح خان واري ڪردار کيس اَمر ڪري ڇڏيو.
- ماڻهو فون ڪالز ڪري فرمائشي گيتن واري پروگرام ۾ پنهنجي پسند جي ڪلامن هلائڻ لاءِ پورو هفتو انتظار ڪندا هُئا ۽ پوءِ هفتي کانپوءِ پنهنجي پسند جا گيت ٻُڌندا هُئا.
- اڄ به روز رات جو سيراندي کان ريڊيو رکي ڪو پروگرام ناهيان ٻُڌندو ته ننڊ ناهي ايندي.
- اسان پنهنجو پاڻ کي اجاين انائن ۽ نفرتن جي ڪوٽن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.
- اسان جا گهڻا رشتا ۽ واسطا، غلط فهمي جو شڪار ئي ٿيندا آهن.
- اسان کي ڪو ڪم به ناهي پوءِ به اسان سڀني کي تَڪڙ آهي.
- زندگي جي عجيب ڊوڙ ۾ ماڻهو، ماڻهو کي چيڀاٽي اڳتي وڌڻ جي چڪر ۾ آهي.
- بي لوث محبتون ئي دائمي هونديون آهن.
- اسان ڪيترين ئي ڳالهين جا خالق پاڻ آهيون.
- اسان سوال به پاڻ ٺاهيندا آهيون ۽ انهن جا جواب به پاڻ ئي ٺاهيندا آهيون.
- هر ماڻهو ٻئي کان اُهو ئي ٻُڌڻ پسند ڪندو آهي، جيڪو سندس دل چوندي آهي.
- اسان جي اها تڪڙ، اسان جا اهي سوال ۽ جواب، اسان جون اهي غلط فهميون ئي اسان جي اڪيلائي جو سبب بڻبيون آهن.
- اسان کان ڪيترا ماڻهو وقت سان گڏ پري ٿيندا پيا وڃن، اسان کي اها خبر تڏهن پوندي آهي، جڏهن ڪافي دير ٿي چڪي هوندي آهي.
***