ڊائري جا ورق نفيس نهڙي اپريل 2022
اکين
- اکين جي شهر جون مسافريون ڀيانڪ ٿينديون آهن جنهن جو درد سڌو سنئون دل تي حاوي ٿيندو آهي.
- نيريون اکيون واقعي حسين رنگ سان پنهنجي هئڻ جي هڪ الڳ احساس طور پاڻ ئي پنهنجي تشريح ڪنديون آهن.
- اکيون ملڻ جي جستجو کان وٺي اکين جا سبق پڙهڻ تائين هيڪر وجود وائڙائپ جو شڪار رهن ٿا.
- اکيون ڪائنات جي رنگن ۾ موهجي دل کي جاڳڻ جا سنديسا ڏئي ڪائنات حسين هئڻ جو احساس بخشين ٿيون.
- اکين جي شهر جون ڪهاڻيون ٻڌڻ سان ڪڏهن ڪڏهن دل تي چنڊ گرهڻ جهڙي ڪيفيت طاري ٿي پئي ٿي.
- چون ٿا شيريون اکيون بيوفائي جي علامت هونديون آهن مگر اها به سوچڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ٽٽل دلين جا سمورا شهر برباد ڪرڻ وارو الزام به صرف شيرين تي ته مڙهڻ نا انصافي چئبي ڇو ته بيوفائي جا گهڻا پيرا ته ڪجلين اکين جي در تي کٽن ٿا…!!
- اها به خوشي جهڙي وارتا آهي ته اکيون ٻه هوندي به هڪ وجود کي برابر ٿي چاهين ٿيون مگر پاڻ ۾ ساڙ ۽ حسد کان پاڪ رهن ٿيون..!!
- اکيون ئي ته آهن جو گهڻي خوشي تي به لڙڪ لاڙي ويهن ته وري درد مهل به پنهنجا پانڌ پسايو ڇڏين.
- اکين جي شهر جا مسافر سدائين ڳولا جا متلاش ٿي ڪڏهن هجوم جي حوالي ته ڪڏهن وري رڻ جا اوکا پنڌ جھاڳيندا رهن ٿا.
- ڪائنات جو ڪُل حُسن اکين کان وڌيڪ ڀلا ڪير ٿو ڄاڻي.
- اکيون به درد وندي جي ديس جا ڏک، پيڙاءُ ۽ اذيتون پاڻ ۾ سمائي به دل جو ڏڍ بڻيل رهن ٿيون.
- اکيون جاڳ به جيءَ سان روح رتول بڻجي اوجاڳن جا ڳوٺ ڊگهين راتين ۾ آباد رکين ٿيون…!!
- اکين جي شهرن جو رات دير تائين جاڳڻ جو مشغلو خاص ڪري ٽهڪن تي مشتمل هوندو آهي مگر اکين جي ڳوٺن جا اوجاڳا ڀوائتا ٿين ٿا جيڪي سندس پانڌ ۽ پلڪون گرم لڙڪن سان پرڀات اڀارين ٿيون.
- اکيون پنهنجي آڌار تي جيئن ٿيون جيڪي متل ميلي ۾ به ڪڏهن ڪنهن هڪ جي آمد نه ٿيڻ تي اڪيلائي جي درد ۾ پڄرڻ جو اوکو پنڌ ڪن ٿيون.
- اکين کي پوپٽن جو اڏرڻ ته ڀنڀورين جو ڀڄڻ به وڻي ٿو مگر انهيءَ جي خوبصورتي تي مشڪندي توڙي مرڪندي سندس لاءِ هيڪر دلفريبي بخشي ٿو ڇڏي.
- اکيون ڀري محفلن ۾ جمالن تي ٿيندڙ رقص تي جرڪن ٿيون ۽ وري وڇوڙي ڀريل ورلاپ گيتن تي اشڪباري جا مينهن وسڻ جو عذاب به ڀوڳين ٿيون.
- اکين بنا هي خوبصورت ڪائنات هڪ جيئري دل لاءِ رات ۾ قبرستان مثل آهي جتي شناسائي جي ڪاري چادر کانسواءِ ڪجھ به ناهي ڏيک ڏيندو.
- اکين ۾ محبتن جا شهر به وسن ٿا ته فراق جا ڳوٺ به ڀنڀور جي ڀڙي جيان ڀڙڀانگ ٿي ڦٽل آثارن سان درد جي ڪيفيتن سان ٿڌن ساهن سان گهڻو ڪري حاوي رهن ٿا.
- اکيون ننڊ جون هيراڪ گهڻو ڪجھ وڃائي واندڪائي ۾ عياشي جي خوابن ۾ ٻڏل رهن ٿيون مگر ڪڏهن ڪڏهن بدقسمتي کڻي کليل اکين سان ڏسندي مري ويل تعبيرن جي تعزيت جا تڏا وڇائي اوسيئڙي ۾ انتظاريون ڀوڳين ٿيون.
***

