ادب

ڊائري جا ورق نفيس نهڙي | مارچ 2022

ستارن جي جهرمر ۾ جڏهن چنڊ جون چتائون آڪاش تي رقص ڪن ٿيون ته هيٺ ڌرتي ڌڻين جا روح چانڊوڪي سان چاهت جا چرچا ڪري ٿڌين راتين ۾ رهاڻيون ملهائين ٿا.

  • ڳوٺ کان پري گھاريندڙ مصروف زندگيون گهڙي پل لاءِ فرصت مهل سندس گذاريل بچپن جي پراڻي پٽن کي ساري هيڪر مسڪرائين ٿيون وري کين ڏورائپ جي احساس سان اداسي وڪوڙيندي وڃي ٿي.
  • ڳوٺ جون ساروڻيون ڀلا ڪهڙو اڀاڳو روح وساري سگھي ٿو جنهن جو بچپن ڀلوڙ ڪُڏيو ۽ جوڀن چڙهندي وڃي جواني کي گڏيو.
  • ڳوٺاڻي نبار گيھ جهڙي سادگي جي خوبصورتي جهاتي پائي ڏسڻ جو ڏانءُ ڌرتي ڌڻي جو ڀٽڪندڙ روح ئي ڄاڻي سگهي ٿو.
  • ڳوٺاڻي زندگي جي پڌر ۾ ڀنڀوريون پڪڙڻ جي جستجو کان وٺي رنگ برنگي پوپٽن جي پٺيان اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪيل ننڍپڻ جا پنڌ اڄ به ٻاروتڻ جي احساس سان مرڪڻ تي مجبور ڪري ٿا ڇڏين.
  • اڳ جي ڀيٽ ۾ هاڻي ڳوٺن جا ڪشادا پڌر ايترا سوڙها ٿي ويا آهن جو اوطاقن جا آڳر به احساس ڪمتري جو ڏيک ڏيڻ لڳن ٿا…!!
  • اڳي جتي ڳوٺن ۾ مچ ڪچهرين جي ڌوم هوندي هئي انهن ماڳن تي هاڻي خاموشي جو راڪاس ننڊ ڪري ٿو..!!
  • حيراني انهيءَ ڳالھ تي به ٿئي ٿي ته محبت، مرڪ ۽ ميلي لاءِ وقت جا تاڪ کليا پيا آهن بس دلين جا دروازا بند ٿي ويا آهن..!!
  • هيلوڪي وبا جي دور اڳ ورهين جي انمول پريت ڀريون ملاقاتون ۽ ڀاڪرين ٻکيل محبتون ورهاڱي جيان ٻه اڌ ڪري پرايا ته پري، پر پنهنجن کي به ڪڻو ڪڻ ڪري ڇڏيو آهي..!!
  • شهرت ماڻڻ کان وڌيڪ عزت جو هئڻ هڪ جيئري زندگي لاءِ معتبر اعزاز آهي…!!
  • پاريهر جي پيار جهڙا جذبا جڏهن به من جي ڪينواس تي ساگر ڇولين جي قيامت برپا ڪري اٿلي پون ته پڪ سان سمجهي وٺجي ته عشق اندر ۾ جذبن جي صورت اختيار ڪري جاڳي اٿيو آهي…!!
  • ڳوٺ جي اداس شام جي لام تي ويٺل پيار جا پياسي پنڇي ڏسي قرب جي قلم سان سوڳواري ۾ سلهاڙيل دل جو ڪينواس ڪجھ لکڻ لاءِ من اندر ڀرجي ٿو ته الائي ڇو انيڪ پراڻيون يادون ساگر ڇولين جيان اٿلي پون ٿيون ۽ دردن جا وڏا قافلا ڊگھا پنڌ ڪڇي اچي چوڌاري ديرو ڄمائڻ جا جتن ڪن ٿا، تڏهن سوچ جي بي لوث لوچ جاڳي ٿي ته افسوس اهي درد به پنهنجي مسافري جي آخري تڪميل هتي ئي انت سمجهي پنهنجو ٿڪل ٽٽل سفر پورو ڪندا…!!!
  • جوڙ جڙڻ جي مند کان وٺي ٻور ڇڻڻ جي موسم تائين هوائون هر روز نئين رنگ سان ڇڙواڳيون ڪري ڪڏهن جوڙي تي ته ڪڏهن وري وڇوڙي تي حاوي رهن ٿيون..!!
  • وڻ ڦوٽ موسم ۾ سرنهن جي پيلي رنگ سان جهومندڙ گلن جهڙا احساس رکندڙ حسين حياتيون ٽهڪن سان رقص ڪندي ڪڏهن ڪڏهن اچانڪ خزان ۾ ڇڻيل زرد پتن جهڙي احساسن جو شڪار ٿي سڏڪن ۾ رد و بدل جو درد به گھارين ٿيون..!!
  • ها اهو به سچ آهي ته ڇڏڻ هڪ الڳ ڳالھ آھي مگر ڇنڻ جو درد ڀيانڪ ٿئي ٿو جنهن جو اندازو کلندڙ سدا بهار چهرن جي اوچتي ڊگهي ماٺ مان لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ جيئري وجود لاءِ خاموشي ڪيتري خطرناڪ آهي..!!
  • ڪائنات جي ڪل سونهن ۾ هاڻي بس معصوم ٻار جي مرڪ ئي خوبصورت لڳي ٿي جنهن ۾ سدا بهار جيان سچائي ۽ پريت جا رنگ سريکا ٽڙندي نظر اچن ٿا.
  • چهرن کي پرکڻ ۽ پڙهڻ جو ڏانءُ اهو ئي ڄاڻي سگهي ٿو جنهن کي اعتبار جي نانءُ تي دنيا جا دوکا ۽ درد پلئه پيا هجن..!!
  • بيشڪ هي وشال ڪائنات حسين آهي جتي هر چمڪندڙ شيءِ کي گهڻو تڪڻ سان اکيون پنهنجي نظر پل لاءِ وڃائڻ جي ور چڙهيو وينديون آهن..!!
  • داد ۽ فرياد پنهنجن کي ڪبي آهي ڇو ته احساس گهڻو ويجهو انهن ئي رشتن ۾ هوندو آهي جيڪي دلين سان سلهاڙيل هوندا آهن…!!
  • دنيا بي سبب ڀري دلبرين مان واندي ٿي ته درد جو احساس سمجهي سگهي باقي پنهنجن لاءِ ڪلفت جا ڪوٽ اڏجي ويا هجن اتي ڀلا پرايا درد ڪير ٿو سمجهي سگهي..!!