ادب

ڊائري جا ورق : ڀون سنڌي

بهتر زندگي گهارڻ جا ٽي اصول: (1) صبح جو سوير اٿي پکين جون مٺيون لاتيون ۽ تازن گلن جي سڳنڌ کي اندر ۾ اوتجي ۽ سج جي پهرين ڪرڻن سان من روشن ڪجي. (2) پنهنجي ڊيوٽي جيئن دل ۽ روح چوي تيئن ڪجي. (3) جڏهن پوري ڏينهن جي ڪمن ڪارن کان آجو ٿي بستري تي وڃجي ته خوبصورتي کي من ۾ سمائي اکيون بند ڪجن.

***

جيڪڏهن ٻار ٿي سوچجي ته دنيا کي ٽهڪ موٽائي ڏئي سگهجن ٿا.

***

هڪ اخباري خبر مطابق قتلام تي ٿيل جرڳي ۾ ڪنهن سردار هيٺيان فيصلا ڪيا:

مرد جي قتل جو ڏنڊ ٻه لک رپيا.

عورت جي قتل جو ڏنڊ چار لک رپيا.

ڪير ٿو چوي ته اسان جي سماج ۾ عورت جو مان ناهي؟ بس رڳو زنده عورت نه کپي. اسان کي اهڙن فيصلن تي سنڌي هئڻ ناتي فخر محسوس ڪرڻ گهرجي يا شرم ڪرڻ کپي يا عدالتن کي تالا لڳائڻ کپن؟

***

ماڻهو هونئن ته سڀ ڪجهه وساري گهي ٿو، پر پنهنجي محبوب (Ideal) جي توهين ڪڏهن به وساري نٿو سگهي ۽ ان جو رد عمل انتها درجي جي ڏوهه کي جنم ڏيئي سگهي ٿو.

انهيءَ ڪري ڪڏهن به ڪنهن جي چاهتن کي نه ڇيڙيو.

***

ماڻهو ڀٽي جي مزار تي اچن ٿا ۽ پٽ يا ٻيون من جون مرادون ماڻڻ لاءِ دعا گهرن ٿا.

اها قوم جيڪا پنهنجن ليڊرن کي اولياءُ ڪري وٺندي ڇا زنده رهي سگهندي؟ يا ان لاءِ اسان کي ڪا اجتماعي قبر کوٽڻي پوندي؟

***

چرئي کي ڪابه شيءِ پاڻ ڏي نٿي ڇڪي، پر موسيقي ان کي به جهومائي ٿي ڇڏي.

انهيءَ ڪري ته مان چوندو آهيان ته موسيقي دنيا جي سڀ کان سگهاري طاقت ۽ موهيندڙ شيءِ آهي.

***

تون پڇين ٿو ته ”درياهه تي اکو ڇو ٿو پائين؟ ڌرتيءَ کي محبت جا گل ڇو ٿو ارپين؟ اها ته بت پرستي آهي؟“

مان چوان ٿو، ”جيڪو رشتو جيءُ سان جڙيل هجي ۽ جيڪو جيون ۽ جڳ ۾ خوشحالي آڻي ان کي پيار ارپڻ جي بت پرستي آهي ته مان وڏو بت پرست آهيان.“

***

اڄڪلهه سنڌو ايئن وهي رهيو آهي جيئن ان جو ويدن ۾ ذڪر آهي. رشي مني درياهه جي ڪناري پر سڪون تپسيا ڪري رهيا آهن. سنڌو شينهن جيان گجگوڙ ڪري رهي آهي. هن جي وهڪري جي رڌم تي آسمان ۾ اپسرائون رقص ڪري رهيون آهن. هن جا وهڪرا زمين کي ذرخيز ڪندا وڃن ٿا ۽ ماڻهن جي مقدر ۾ خوشحالي لکندا وڃن ٿا. هن جي وهڪرن ۾ سرگم جا سڀئي سُر گونجي رهيا آهن. او سنڌو! تون ناقابل شڪست ۽  سدا بهار آهين ۽ تنهنجي ٻاجهه هميشه ڌرتي جي پٽن مٿان رهي آهي. (آگسٽ 2010 ۾ سنڌو ۾ آيل ٻوڏ کان اڳ لکيل).

***

پرڏيهه ۾ هڪ نوجوان مليو. پنهنجي محبوبه سان ملائيندي ٻڌايائين ته آئون هن جو ڌرم مٽائڻ لاءِ هن کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان جيئن هن سان شادي ڪري سگهان.

مون دل ئي دل ۾ چيو: ”اهو پيار ڪهڙو جنهن ۾ غرض شامل هجي. پيار ته پاڻ ارپڻ ۽ پاڻ وڃائڻ جو نالو آهي.“

***

جڏهن آئون مست درياهه جي گجگوڙ کي ٻڌان ٿو ته منهنجي مايوسي ختم ٿي وڃي ٿي ۽ مون کي يقين ٿيو وڃي ته جيئن سڪل درياهه به وري مستي ۾ اچي وڃي ٿو، تيئن هڪ ڏينهن ڌرتي ڌڻي به ننڊ مان اٿي پوندا ۽ پنهنجا ماڳ ۽ وسيلا بچائي وٺندا.

***

جيڪڏهن اسان فطرت سان پيار ڪنداسين ته فطرت به اسان کي ڦل ڏيندي، پر جي اسان فطرت کي ڇيڙينداسين ته فطرت به اسان کي تباهه ڪندي. سنڌو درياهه طرفان آندل تباهي به انهيءَ ڪري ٿي آهي، جو اسان ان جا گس گيڙ سڀ بند ڪري ڇڏيا آهن. تنهنڪري اچو ته فطرت سان پيار ڪرڻ سکون ۽ ان جي قاعدن تحت جيون گهاريون ته جيئن هيءَ دنيا وري گل و گلزار ٿي وڃي. (آگسٽ 2010 ۾ سنڌو ۾ آيل ٻوڏ تي لکيل).

***

ٿورڙا نقصان فطرت جي آيل آپدا (ٻوڏ) سبب ٿيا آهن ۽ گهڻا نقصان اسان جي نااهلي، ڪرپشن ۽ غلط منصوبابندي جي ڪري ٿيا آهن. فطرت ته پنهنجو ڪيل نقصان ڀلن فصلن ڏيڻ جي شڪل ۾ پورو ڪندي، پر اسان جي ڪڌن ڪرتوتن جو ازالو ڪير ڪندو؟

***

ٻوڏ سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي. گهر گهاٽ، چوپايو مال، حياتيون، وسيلا سڀ ڪجهه لڙهي چڪو آهي، پر وري به سڀ ڪجهه سموئي وٺبو، جي ويساهه کي لڙهڻ نه ڏبو. ويساهه آهي ته ساهه آهي. اميد جو دامن مضبوطيءَ سان پڪڙيو ته ڪُنن مان به وڃي پار پئبو.

***

ڪاش هو ان کي پنهنجي اندر ۾ تلاش ڪري ها ته ڪڏهوڪو ان کي پائي وٺي ها.

***

محبوب جو جلوو اڪيلائيءَ ۾ بلڪل چٽو هوندو آهي، بنسبت ان جي موجودگيءَ ۾.

***

وڏي ۾ وڏا سچ اونداهين ۽ اڪيلائين ۾ جنم وٺندا آهن.

***

خواهشن جو خاتمو معنيٰ زندگيءَ جو خاتمو. انهيءَ ڪري خواهشون ڪريو/رکو ۽ خواهشن سان جيئو.

***

جيڪڏهن توهان کي ڪنهن سان شڪايت آهي ته بر وقت ان سان ذڪر ڪريو، ڇڏي ڏيڻ سان اها نفرت ۾ بدلجيو وڃي ٿي، جنهن جا نتيجا اڳتي هلي خراب نڪرن ٿا.