ڪابل جو زوال ۽ عالمي صورتحال! : پيار علي رند
افغانستان چوڦير خشڪي تي ويڙھيل اتر ايشيا ۾ ھڪ ملڪ آھي. جنھن جي سرحد ڪيئي ملڪن سان ملي ٿي جنھن ۾ پاڪستان، ايران، چين، تاجڪستان، ازبڪستان ۽ ترڪمانستان شامل آھن. افغانستان ۾ 19 آگسٽ تي اينگلو افغان جنگ جي معاھدي (1919) کي ياد ڪرڻ لاءِ قومي موڪل ملهائي وڃي ٿي. جنھن معاھدي افغانستان ۽ برطانيا جي وچ ۾ مڪمل نوان رابطا قائم ڪيا. افغانستان ھڪ اسلامي جمھوري ملڪ آھي. جتي رياست ۽ حڪومت جو سربراھ صدر ھوندو آھي. افغانستان جو معاشي نظام مرڪزي حڪومت پيداواري عمل ۽ وسيلن جي تقسيم سان ھلائيندي آھي. طالبان افغانستان جي گاديءَ واري ھنڌ ڪابل تي قبضي کانپوءِ پوري افغانستان تي سوڀ حاصل ڪري ورتي آھي ۽ آمريڪا ۽ اتحادي ملڪن جي وڇايل ٢٠ سالن جي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو آھي. اشرف غني جي ملڪ ڇڏي ڀڄي وڃڻ کانپوءِ ويڙھاڪن صدارتي محل تي قبضو ڪري ورتو آھي ۽ حڪومت کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. ھي پھريون ڀيرو ناھي جڏھن طالبان ڪابل تي قابض ٿيا ھجن. طالبان پھرين به 1996 کان 2001 تائين ڪابل تي قبضو ڪري چڪا آھن. ان وقت طالبان افغانستان جي ٽي ڇوٿائي حصي تي قابض ٿيا ۽ سخت اسلامي قانونن ۽ شريعتن تي عمل ڪرايو. طالبان ان وقت قنڌار کي گاديءَ جو ھنڌ منتخب ڪيو ھو. جنھن کي سڄي ملڪ جو اختيار حاصل ھو. سيپٽمبر واري حملي کانپوءِ ڊسمبر 2001 ۾ آمريڪا افغانستان تي چڙھائي ڪري طالبان جي حڪومت جو خاتمو آندو. ھي ٻيو ڀيرو آھي جڏھن طالبان فوجي دستي سان 15 آگسٽ 2021 تي ڪابل تي قابض ٿيا آھن ۽ افغان حڪومت کي ختم ڪيو آھي جيڪا مئي 2001 ۾ شروع ٿي ھئي. اشرف غني جي ڀڄڻ جي ڪجھ ڪلاڪن بعد طالبان ڪابل تي قابض ٿيا. 14 ۽ 31 آگسٽ جي وچ ۾ (جڏھن آمريڪا پنھنجي فوجن جي واپسي مڪمل ڪئي) آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن ڪابل شھر جي حامد ڪرزئي بين الاقوامي ھوائي اڏي تان 123000 ماڻھو ٻاهر ڪڍيا. آمريڪي فوج ۽ ان جي اتحادي ملڪن ھوائي اڏي کي سيڪيورٽي مھيا ڪئي. ٻاهر نڪرندڙ ماڻھن ۾ پرڏيھي سفارتي عملو، فوجي دستا، پرڏيھي شھري، طالبان کان تنگ افغان شهري جھڙوڪ: صحافي ۽ انساني حقن جا ڪارڪن به شامل ھئا. ھي آمريڪا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو غير جنگجو اخراجي مشن ھو جنھن ۾ صرف 18 ڏينھن ۾ 79000 ماڻھو افغانستان جي سرحد مان خارج ڪيا ويا. جنھن ۾ 6000 ھزار آمريڪي شھري شامل ھئا. رپورٽن موجب طالبان 150 آءِ ايس آءِ ايل ويڙھاڪن سميت انھن جي اڳوڻي سربراھ ابو عمر خراساني کي قتل ڪري ڇڏيو آھي. جڏھن قيدي جيلن مان آزاد ٿي رھيا ھئا. طالبانن پنھنجا پرچم ملڪ جي ڪيترن ئي علائقن تي بلند ڪري ڇڏيا ۽ پوليس کي ھٿيار پيش ڪرڻ تي به زور ڀريائون. ماضي جي تجربن جي ڪري افغانستان جا پاڙيسري ملڪ به طالبان کان خوفزده آھن. چين طالبان کي اوڀر ترڪستان اسلامي تحريڪ(ETIM) کي رستي ڏيکارڻ جو ذميوار سمجھي ٿو. تنھنڪري چين جا رابطا افغانستان جي حڪومت سان ڪجھ حد تائين نٿا ٺھن. چين ھن وقت علاقائي سپر پاور جو اهم ڪردار بخوبي نڀائي سگھي ٿو. ڇو ته ھن وقت طالبان کي بين الاقوامي مڃتا ۽ مالي مضبوطي جي ضرورت آھي ۽ چين اھي ٻئي شيون مھيا ڪري سگھي ٿو ۽ طالبان سان سٺا رابطا ٺاھي پنھنجا قومي مفاد حاصل ڪري سگھي ٿو. اھڙي طريقي سان طالبان چين جي ون بيلٽ ون روڊ تي بدامني کان به پرهيز ڪندا. پاڪستان پڻ طالبان جي شروعاتي حڪومت جي حمايت ڪئي ھئي، پر آمريڪا جي زور ۾ اچي پنھنجو پاسو مٽائي ويو ۽ پنھنجا سفير به اک ڇنب ۾ واپس گھرائي ورتا. پاڪستان جا تحريڪ طالبان پاڪستان(TTP) سان به اختلاف آھن جيڪا پاڪستان ۾ ڪيئي ڀيرا دھشتگردي وارن حملن ۾ شامل رهي آهي. ڀارت به افغانستان ۾ وڏي رقم سيڙائي ڪيتريون ئي لائبريريون ۽ ڊيم ٺھرايا، پر جيڪڏهن ڀارت جو طالبان سان سٺو رابطو نٿو ٿي سگهي ته سندن اهو خرچ اجايو ويندو. ڀارت لاءِ سڀ کان وڌيڪ بھتري انھيءَ ۾ آهي ته ھو طالبان سان پنهنجا سٺا تعلقات قائم ڪري، پر اھو ڪافي مشڪل نظر اچي رهيو آھي. ڇو ته 1999 ۾ جيڪي ڀارتي جھاز ھائيجيڪ ڪرڻ ۾ شامل ھئا طالبان انھن کي پناھ ڏني. ھي ھڪ اھڙو واقعو ھو جيڪو اڃان تائين ڀارتين جي دلين تي نقش ٿيل آھي. ايران ۽ طالبان جا لاڳاپا غير دوستاڻه رھيا آھن ڇو ته طالبان 1990 ۾ مزار شريف ۾ ايراني سفير ۽ ايجنٽ ماريا ھئا. جيڪڏهن انھن پاڙيسري ملڪن جي امن کي تباھ ڪرڻ لاءِ وري طالبان طرفان ڪابه ڪوشش ڪئي وئي ته سڀئي ملڪ اتحاد ڪري افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي ختم ڪري سگھن ٿا ۽ انھيءَ سان وري افغانستان ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي ويندي.
جيڪڏهن طالبان جي فتح کي عالمي سطح تي ڏٺو وڃي ته يورپ کي افغانستان جي اوچتي زوال ۽ طالبان جي غالب اچڻ حيران ڪري ڇڏيو آھي جنھن جا اثر يورپي پاليسي تي پوندا. جڏھن ته آمريڪا بنيادي طور ملوث ھو ۽ مغربي جنگي ڪاريگري تي عمل ڪيائين. يورپي ملڪن افغانستان ۾ وڏي رقم سيڙائي ھئي، جنھن جو ھاڻ ڪو فائدو نظر نٿو اچي، جيڪو انھن ملڪن لاءِ وڏو صدمو آھي. يورپي اتحادين کي مشڪل وقتن کان بچڻ لاءِ بحرين انتظاميه ۾ وڌيڪ حصو وجھڻ جي ضرورت آھي. جڏھن ته روس ھميشه ڊاڪٽر نجيب الله جي حڪومت جي حمايت ڪندو رھيو آھي ۽ پوءِ اتر اتحاد جي حمايت ڪندو رھيو آھي ۽ اتر اتحاد طالبان جي خلاف رھيو آھي. اِھي ماضي جا عمل روس ۽ طالبان جي دوستي ۾ مشڪلاتون پيدا ڪري سگھن ٿا. ڪابل جي زوال جو اثر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي پوندو ۽ طالبان امن کي قائم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن، پر ڏسڻو اهو آهي ته طالبان جو موجوده ڪردار ماضيءَ کان ڪيترو مختلف رهندو.

